شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

مي ڊي ڇا آهي، پائليٽ ڪڏهن ائين چوندو آهي؟


شام 04 لڳي 09 منٽ -اڱارو 26 مئي 2020  233 

ويب ڊيسڪ

image-1


”مي ڊي“ واري ڪال کي گهڻو ڪري هوا بازيءَ جي شعبي ۾ پائليٽ ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ استعمال ڪندو آهي.

آمريڪي اداري فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن (ايف اي اي) موجب جڏهن ريڊيو ذريعي ڳالهه ڪندي، ڊسٽريس يعني ايمرجنسيءَ ۾ سگنل ڪمزور ٿي وڃن ۽ ٻين جي ڳالهه به چٽِي نموني سمجهه ۾ نه اچي ته ان وقت ”مي ڊي“ جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.

مي ڊي 1923ع ۾ انٽرنيشنل ڊسٽريس ڪال طور شروع ڪئي وئي هئي، جنهن کي 1948ع ۾ سرڪاري حيثيت ملي وئي. انگلش ڊڪشنري ميري ويبسٽر موجب ان زماني ۾ گهڻو ڪري هوائي ٽريفڪ برطانيه ۽ فرانس جي وچ ۾ هلندي هئي، ان ڪري ٻنهي ملڪن جو اختياريون هنگامي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو سنگل تجويز ڪرڻ جو سوچي رهيون هيون، جنهن کي انگريزي ۽ فرينچ ڳالهائيندڙ ٻئي سمجهي سگهن.

اهو ئي سبب هو جو مي ڊي جو اصطلاح لنڊن جي ڪورنڊون ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ سينيئر ريڊيو آفيسر فريڊرڪ مڪفورڊ پيش ڪيو هو، جيڪو فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آهي، ان جي معنيٰ مدد لاءِ پڪارڻ آهي. مي ڊي يعني مدد ڪريو.

مستند انگريزي لغت ميري ويبسٽر موجب اها ڪال سڀ کان اڳ 1923ع ۾ استمال ٿي هئي. ان زماني ۾ گهڻو ڪري هوائي ٽريفڪ برطانيه ۽ فرانس جي وچ ۾ هلندي هئي، ان ڪري ٻنهي ملڪن جي اختيارين هنگامي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ لاءِ جنهن لفظ جي چونڊ ڪئي اهو ”مي ڊي“ هو. جيڪو اصل ۾ فرينچ لفظ M'aidez تان ورتو ويو آهي، جنهن جو مطلب منهنجي مدد لاءِ اچو. ياد رهي ته ان لفظ ۾ آخري زيد اچاريو ناهي ويندو، ان ڪري اهو ٻڌڻ ۾ مي ڊي لڳي ٿو.

اهو اصطلاح سولو هو ۽ سولائي سان ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، ان ڪري ان کي ترت ئي رائج ڪيو ويو. 1927ع ۾ هنگامي صورتحال جي نشاندهي لاءِ اهو استعمال ٿيڻ لڳو.

مي ڊي کان اڳ ۾ ايس او ايس وارو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو هو، پر وائرليس تي اهو آواز ٻڌڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي. ان ڪري ان کي ختم ڪيو ويو.

مي ڊي کي گهڻو ڪري هوا بازيءَ جي شعبي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ڪن ملڪن ۾ مقامي ادارن جهڙوڪ، پوليس فورس، فائر فائيٽر، ۽ ٽرانسپورٽ تنظيمون به ان اصطلاح کي هنگامي صورتحال ۾ استعمال ڪن ٿيون.

ايف اي اي موجب هنگامي صروتحال ۾ پائليٽ ٽي ڀيرا مي ڊي جي ڪال ڏئي سگهي ٿو.

آمريڪا ۾ مي ڊي جي ڪوڙي ڪال ڏيڻ ڏوهه آهي ۽ ڪوڙي ڪال ڏيڻ واري کي ڇهه سال سزا ۽ اڍائي لک ڊالر ڏنڊ ڏيڻو پوي ٿو.

ان کانسواءِ هڪ ٻيو اصطلاح به آهي، جنهن کي ”پين پين“ چيو ويندو آهي، اهو به استعمال ڪيو ويندو آهي

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment