شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 08 - آگسٽ - 2020ع

ڪورونا وائرس: فطرت جو انسان کان پلاند


شام 03 لڳي 05 منٽ -آچر 12 اپريل 2020  480 

ماجد جاگيراڻي

image-1

هن وقت ڪورونا وائرس جي ڪري دنيا جي ملڪن ۾ ٿرٿلو متل آهي. لڳ ڀڳ سڄيدنيا لاڪ ڊائون جو شڪار ٿي چڪي آهي. ڪورونا وائرس بنا ڪنهن رنگ، نسل، جنس ۽ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ فرقي جي فرق کان مٿانهون ٿي دنيا جي انسانن کي پنهنجو نشانو بڻائي رهيو آهي. هن ننڍڙي وائرس جي ڪري دنيا جي سڀني مذهبن جون عبادتگاهون لاڪ ڊائون ٿي چڪيون آهن ۽ دنيا جي ملڪن جون معيشتون گوڏا کوڙي ويهي رهيون آهن، هن معمولي وائرس انسانن جي روزمره جي زندگيءَ کي متاثر ڪري انهن کي گهرن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.

 ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن طرفان وائرس جي ڦهلجندڙ تيزيءَ کي ڏسندي انسانن کي هڪٻئي کان سماجي مفاصلو رکڻ ۽ ڪورنٽائين ٿيڻ لاءِ هدايتون جاري پڻ ٿي چڪيون آهن، ته جيئن هن وائرس جي ڦهلجندڙ رفتار کي روڪي سگهجي. سڌن ۽ سولن لفظن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته هڪ ننڍڙي وائرس انسانذات جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن.

ورلڊ ميٽر طرفان 11 اپريل 2020ع جي رات 10 بجي تائين جي جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب: پوري دنيا ۾ 17 لک 36 هزار 444 تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب مري ويلن جو انگ هڪ لک 6 هزار 564 تائين اچي پهتو آهي ۽ هن وقت تائين 3 لک 92 هزار 901 ماڻهو صحتياب به ٿي چڪا آهن.

چين حڪومتي سطح تي آمريڪا تي الزام هڻي چڪو آهي ته ڪورونا وائرس آمريڪا طرفان چين جي معيشت کي نقصان پهچائڻ لاءِ حياتياتي وار آهي. اهو وائرس اصل ۾ آمريڪا جي ليبارٽرين ۾ تيار ڪري، آمريڪي فوجين ذريعي چين جي معاشي حب ووهان شهر ۾ پکيڙيو ويو ته جيئن چين جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هڻي چِين کي دنيا جو سپر پاور ملڪ بڻجڻ کان روڪي سگهجي. چائنا پنهنجن وقتائتي ۽ بهترين اپائن وسيلي هن وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ڪامياب ويو آهي ۽ هاڻي باقي دنيا چين جي لاڪ ڊائون واري عمل کي نقل ڪري ان وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

دي گارجين جي 11 اپريل جي تازين رپورٽن موجب صرف آمريڪا ۾ ئي 16 ملين ماڻهو هن وقت تائين بيروزگار ٿي چڪا آهن ۽ ڪيناڊا ۾ صرف مارچ جي مهيني ۾ ئي 10 لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن. اهي انگ اکر صرف ٻن ترقي يافته ملڪن جا آهن، پر دنيا ۾ ڳڻتي آهي. ڪروڙين انسان بيروزگار ٿيندا، جنهن جي ڪري هڪڙو انساني الميو جنم وٺندو ۽ هي پورو انساني سماجي نظام پنهنجو توازن وڃائڻ طرف وڌي رهيو آهي.

هن وقت تائين ڪورونا وائرس جي حوالي سان ”جيترا وات اوتريون ڳالهيون“ تحت مختلف قسم جون ٿيوريز ۽ مفروضا دنيا ۾ گردش ڪري رهيا آهن. دنيا جو هر ماڻهو ڪورونا وائرس کي پنهنجي سوچ، سمجهه، فهم ۽ شعوري سگهه تحت منفرد نظر سان ڏسي رهيو آهي. مذهبن ۾ وري هر مذهب جي پيشوائن طرفان مختلف نقطئه نظر سامهون اچي رهيا آهن. پڙهيل لکيل سائنس سان لاڳاپيل ماڻهو ان کي صرف وائرس ئي سمجهي ان تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مجموعي طور تي دنيا جا تهذيب يافته ۽ ترقي يافته ملڪ پنهنجن بهترين پاليسين تحت ان وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ٻئي طرف وري اسان جهڙا پوئتي پيل ملڪ آهن، جيڪي هر حوالي سان زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ يعني تعليم کان ويندي صحت جي سهولتن ۾ به تمام گهڻو پوئتي پيل آهن، ۽ وري اتي ئي اسان وٽ مذهبي ڪٽرپڻي جو شڪار جنوني ماڻهو آهن، جيڪي ڪامن سينس کان به وانجهيل مخلوق آهي، انهن کي سمجهائڻ جبل سان مٿو ٽڪرائڻ جي برابر آهي، هڪ ته حڪومتي عدم دلچسپي ۽ غلط پاليسين سبب ٻيو وري اهڙي مذهبي جنونيت واري سوچ جي ڪري ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو.

هن صديءَ جي سڀ کان عظيم ڏاهي سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ جنهن ڪائنات ۾ موجود بليڪ هولز کي دريافت ڪري سائنس جي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو. هن پنهنجي سائنسي تحقيقن ۽ ريسرچ موجب اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته: ”مصنوعي ذهانت جي ڪري انسان ذات جي نسل جو هن ڌرتي تان خاتمو ٿيندو“. اسٽيفن هاڪنگ جو اهو ئي چوڻ آهي ته انسان ذات ڏينهون ڏينهن جنهن تيزيءَ سان سائنس جي دنيا ۾ ترقيون ڪندي منزلون ماڻيندو پيو وڃي، هڪ ڏينهن اها ئي سائنسي ترقي ان جي ڳچي جو ڦندو ثابت ٿيندي.

انسان هونئن ته تمام گهڻو سياڻو آهي، جو اڳڪٿيون ڪرڻ ۾ دير ئي ناهي ڪندو، اهڙي ئي ريت هالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ 3 سيپٽمبر 2011ع ۾ Contagion نالي مووي رليز ٿي، جنهن ۾ اهڙي ئي قسم جي وائرس کي پکڙجندي ڏيکاريو ويو آهي فلم ۾ ٿوري گهڻي تباهي کانپوءِ وري انسان ان تي ڪنٽرول ڪري ويو ۽ ائين ئي فلم پوري ٿي، ماڻهن تفريح حاصل ڪئي.

هن وقت جيڪڏهن دنيا تي نظر ڦيرائجي ٿي ته دنيا هن وقت عالمي سوڳ جو شڪار آهي، جتي ڪٿي بنا ڪنهن مذهبي، رنگ نسل جي فرق جي لاشن جا ڍير لڳا پيا آهن. سائنس جي ايڏي وڏي ترقي جي باوجود پوري انسان ذات هڪ وائرس جي اڳيان بيوس نظر اچي رهي آهي ۽ وائرس آهي جيڪو وڃي ٿو اهڙي تيزيءَ سان ڦهلجندو ۽ انسانن کي ماريندو ڄڻ ڪنهن مشن تي نڪتل هجي. هونئن ته اڄ ڏينهن تائين اهو انسان ئي هو، جيڪو بي قابو ۽ بي لغام هو، هن کي جيئن وڻيو پئي تيئن پئي ڪيائين، هن وقت تائين ان ئي انسان فطرتي ماحول کي بگاڙي ان جا بکيا ئي اڊيڙي ڇڏيائين، قدرتي ٻيلن کي وڍي ناس ڪري ڇڏيو، ائٽمي هٿيارن سميت مختلف قسمن جا جوهري هٿيار ٺاهي پنهنجي طاقت کي ڪيش ڪرائيندو رهيو، جهنگلي جانورن، پکين ۽ جيت جڻين سميت آبي جيوت کي شڪار ڪري وڏي مزي ۽ شوق سان پنهنجا شوق پورا ڪندو رهيو. انسان وڏا وڏا هوائي جهاز ٺاهي قدرتي آبهوا کي گدلو ۽ زهريلو ڪري ڇڏيو، وڏا وڏا سامونڊي جهاز ٺاهي سمنڊن ۾ گندگي ڦهلائيندي وتي پيو دنيا جا سير ڪندو ۽ انسان ايترو بي لغام ٿي چڪو هو، جو حياتيات جي ڪڍ ته هٿ ڌوئي پيو هو، جتي جيڪو جانور، پکي پکڻ پيو مليس ان کي اتي ئي شڪار ڪري پنهنجي خوراڪ بڻائي پيو ڇڏي. اڄ ڏينهن تائين انسان اربين ۽ کربين جانورن، پکين ۽ مختلف قسم جي حياتيات کي خوراڪ بڻائي ڪيترن جا ته نسل ئي ختم ڪري ڇڏيا. مطلب ته انسان پنهنجي طاقت جي ٻل تي پوري ايڪو سسٽم کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي.

مونکي ته لڳي ٿو هي ڪورونا وائرس اصل ۾ حياتيات جو انسان کان ورتل پلاند ئي آهي. هي وائرس انسان کي خبردار ڪرڻ آيو آهي ته انسان پنهنجي حدن ۾ رهي، جيڪڏهن انسان هن وائرس جي تباهڪارين مان سبق حاصل نه ڪيو، فطرت ۽ آبي جيوت سان ساڳي ئي ريت هٿ چراند ڪندو رهيو ته مستقبل ۾ هن کان به وڌيڪ طاقتور وائرس انساني نسل خلاف پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ اهي ايترا طاقتور هوندا جو هميشه هميشه لاءِ انسان جي نسل کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment