شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 09 - اپريل - 2020ع

روسي انقلاب کانپوءِ حقيقي ادب تخليق ٿيڻ بند ٿي ويو ۽ اتان جي اديبن کي تڪليفون ڏنيون ويون: اڪبر سومرو


شام 05 لڳي 57 منٽ -اڱارو 17 مارچ 2020  156 

image-1

اڪبر سومرو سنڌي ٻوليءَ جو مشھور ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار آھي، ھن زرعي يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي ۾ انجنئير طور ڪم ڪندو رھيو ۽ تازو ئي نوڪريءَ مان رٽائر ٿيو آھي.

اڪبر سومري جا ھن وقت تائين 12 ڪتاب ڇپجي چڪا آھن، جن ۾ شھر جي ڳالھ (ناول)، کماچ (ناول) ۽ بيڊروم کان بوتيڪ تائين (ڪھاڻيون) کي پڙھندڙن وٽان خوب مڃتا ملي، جڏھن ته سندس ناول کماچ کي ڪيترائي انعام ملي چڪا آھن، ان کانسواءِ سندس ڪتاب مختلف ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪا آھن.

17 مارچ 2020ع تي اڪبر صاحب پيچرو سان خاص ڳالھ ٻولھ ڪئي، جنھن ۾ ادب جي حوالي سان ڳالھايو ويو.

ڪ ٻ: اڪبر صاحب ٿورو ادب جي حوالي سان اسان کي ٻڌايو ته ادب ڇا آھي، ادب براءِ ادب ڇا آھي ۽ ادب براءِ زندگي ڇا آھي؟

اڪبر سومرو: منھنجي خيال ۾ ادب براءِ ادب ته ھوندو ئي نھ آھي، منھنجي نظر ۾ ادب براءِ ادب جو ڪو وجود ئي نھ آھي. اصل ۾ ھوندو آھي ادب برائي زندگي ڇو جو لکڻ وارو به زندگي آھي ۽ جنھن موضوع تي لکجي ٿو اھو به زندگي آھي. ان ڪري اسان وٽ جيڪو اھو نعرو چاليه پنجاھ سال پھريان لڳو ھو، ان دور ۾ سموري دنيا ۾ سوشلسٽ بلاڪ ڪافي مضبوط پئي ٿيو ۽ سموري دنيا ۾ انقلاب ٿي آيا ته انھيءَ دور ۾ھي نعرو ڪجھ وڌيڪ ئي پکڙجي ويو، پر ان کانپوءِ اھو ٿيو جو روسي انقلاب اچڻ کانپوءِ حقيقي ادب لکجڻ بند ٿي ويو ۽ اتان جا جيڪي حقيقي ليکڪ ھئا انھن کي ھنن جنھن نموني تڪليفون ڏنيون، خاص طور تي اسٽالين ۽ خوروشوف جي دور ۾ ليکڪن کي لوھ جي کٽن سان ٻڌي ڇڏيندا ھئا، انھن کي اھا سزا ڏيندا ھئا ته کين ماني کائڻ جي اجازت ھوندي ھئي پر پيشاب ڪرڻ جي اجازت نه ھوندي ھئي، پوءِ ليکڪ ويچارا انھن کٽن تي نيٺ ڦتڪي ڦتڪي پيشاب ڪندا ھئا ۽ پوءِ انھن جي مٿان مکيون گڏ ٿينديون ھيون، اينا اخماتوا ۽ بورس پسترناڪ جھڙن وڏن ليکڪن اھي سزائون ڀوڳيون ۽ انھيءَ دور جا ٻيا به مشھور اديب ادب تخليق نه ڪري سگھندا ھئا ۽ پوءِ رڳو خانا پوري ٿيڻ لڳي.

ڪجھ ماڻھن ڳاڙھي انقلاب کانپوءِ روسين کان سوال ڪيو ته اوھان وٽ ادب تخليق نه ٿي رھيو آھي ته ھنن جواب ۾ چيو اسان انقلاب آندو پر ڪٿي به اوھان سان اھو واعدو ڪونه ڪيو ته انقلاب آڻڻ کانپوءِ اوھان جي لاءِ سٺو ادب به تخليق ڪنداسين. منھنجي ذاتي راءِ آھي ته ادب ھوندو ئي زندگي لاءِ آھي پوءِ اھو ڀلي ڪھڙي به موضوع تي ڇو نه لکيو وڃي، ڪھڙي به شيءِ تي ڇو نه ھجي اھا زندگيءَ سان لاڳاپيل آھي، انسان سان لاڳپيل آھي ۽ دنيا سان لاڳاپيل آھي.

ڪ ٻ: اڪبر صاحب اڄ ڪلھ جيڪو سنڌي ادب تخليق ٿي رھيو آھي، ان کي ڪيئن ٿا ڏسو ۽ ان کي دنيا ۾ تخليق ٿيندڙ ادب سان ڪيئن ٿا ڀيٽيو؟

اڪبر سومرو: منھنجي خيال ۾ اڄ ڪلھ جيڪو سنڌي ادب تخليق ٿي رھيو آھي اھو ٿرڊ ريٽ ادب آھي، 80 کان 90 سيڪڙو سنڌي ادب ڪم جو ئي نه آھي، ان جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اھو آھي ته اسان جو ليکڪ محنت نٿو ڪري ۽ سٺو ادب پڙھي به ڪونه ٿو، ٽيون اھو ته اسان جو ليکڪ ھوم ورڪ به نٿو ڪري، ان جو نتيجو اھو ٿو نڪري ته 100 ڪتابن ۾ ٻھ يا ٽي ڪتاب نڪرن ٿا جن جي لاءِ چئي سگھجي ٿو ته انھن جو ڪو معيار آھي يا وري انھن جي ڪا ادبي حيثيت آھي.

50 ۽ 60 واري ڏھاڪي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجھ ڪھاڻيون اھڙيون لکيون ويون (ناول انھيءَ دور ۾ بھ ناپيد ھو) جيڪي عالمي سطح جون ڪھاڻيون ھيون. پر مارشل لا کان پوءِ جيڪي اديبن کي تڪليفون آيون ۽ خاص ڪري جيڪا سنڌ تي مارشل لا جي لٺ پئي ۽ سنڌي ماڻھن جيڪي تڪليفون ڏٺيون ان کانپوءِ اھا ڪھاڻي بھ لکجڻ بند ٿي وئي ۽ اھي ليکڪ لکڻ ئي ڇڏي ويا.

ڪ ٻ: اڪبر صاحب اوھان پنھنجي ڳالهه ۾ ناول جو ذڪر ڪيو آھي، اسان ھن وقت ڏسون پيا ته سنڌي ۾ ھاڻي وڏي انگ ۾ ناول ڇپجڻ شروع ٿيا آھن، اوھان جا به ٻه ناول اچي چڪا آھن جن کي ڀرپور موٽ ملي آھي، ناول بنيادي طور تي ڇا آھي؟ ان جون ڪھڙيون گھرجون آھن ۽ ناول ڊگھي ڪھاڻي کان ڪيئن مختلف آھي؟

اڪبر سومرو: ڪھاڻي جو جيڪو ڍانچو آھي ان ۾ ٽي شيون ضروري آھن، شروعات، وچ ۽ ڇرڪائيندڙ پڄاڻي. يورپ ۾ او ھينري ۽ ٻين جيڪي ٻن ٻن ٽن ٽن صفحن جون ڪھاڻيون لکيون انھن ۾ اھي شيون ھيون.

جڏھن تھ ناول لاءِ ميلان ڪنڊيرا ڄاڻائي ٿو ته دنيا جي ھر شيءَ اوھين ناول ۾ آڻي سگھو ٿا، ناول اھڙي شيءَ آھي جنھن ۾ پنجن ڪردارن کان پنج سو ڪردار بھ تخليق ڪري سگھجن ٿا ۽ پنج کان وٺي پنج سو موضوع بھ اوھين ناول ۾ ڊسڪس ڪري سگھو ٿا ۽ دنيا جي ڪنھن بھ موضوع کي اوھان بحث ھيٺ آڻي سگھو ٿا ۽ منھنجو اھو خيال آھي تھ ناول ۾ ھڪ پڄاڻي بدران ڪيتريون ئي پڄاڻيون ٿين ٿيون. ان کانسواءِ وچ واري دور (70 ۽ 80 وارو ڏھاڪو) ۾ ان ڳالھ تي ڌيان ڏنو ويندو ھو تھ اوھان جڏھن بھ ناول لکو ته ان ۾ ٻين شين سان گڏ ڪنھن آفاقي موضوع جھڙو ڪر زندگي، موت، روح، خدا ۽ ڪائنات وغيره کي بحث ھيٺ آڻيو ۽ اھڙين ڳجھين ڳالھين جو ڪو حل ڏيو، فلسفي تي بحث ڪريو، پر ھاڻي اھا ناول جي گھرج نه رھي آھي، ناول جو ڪينواس تمام گھڻو وڏو ھوندو آھي.

ڪ ٻ: اڪبر صاحب اوھان جو تازو ناول کماچ آيو آھي، ان کي پڙھندڙن وٽان وڏي موٽ ملي آھي جڏھن تھ ان کي ڪيترا ايوارڊ پڻ ملي چڪا آھن، ٿورو ان جي حوالي سان اسان کي ٻڌايو تھ ان ناول جو پسمنظر ڇا آھي، ڪيئن لکڻ شروع ڪيو، اھا ڪھاڻي اوھان کي ڪيئن ملي ۽ ان ڪھاڻي کي ڪھڙي ريت اڳيان کڻي ھليا ۽ اھو خيال بنيادي طور ڪٿان آيو؟

اڪبر سومرو: کماچ جو سمورو پسمنظر يا ڪھاڻي حقيقي آھي ۽ ٿيو ائين جو مون جڏھن ڪوئٽا ۾ نوڪري ٿي ڪئي ته منھنجي فليٽ جي ڀرسان منھنجو ھڪ سڃاڻو رھندو ھو جيڪو اُنس جي ڪردار طور ھن ناول ۾ آھي، جيڪو gay آھي، پاڙي ۾ ڪنھن جي بھ سالگرھ ھجي تھ اھا اُنس ملھائيندو ھو ۽ مون جيئن لکيو آھي تھ اُنس گٽار وڄائيندو ھو ۽ پنھنجي منھن ڀڻڪندو رھندو ھو، اُنس جي ھڪڙي دوست ھوندي ھئي جيڪا ناول ۾ بس جي ھيٺان اچي مري ٿي وڃي، ھن وٽ ايندي ھئي ۽ پوءِ اڪثر اھي ڪچھري لاءِ مون کي بھ سڏرائيندا ھئا، مان انھن کي observe ڪندو ھوس ۽ مون انھن کان ڪيتريون ئي شيون ٻڌيون، ڏٺيون ۽ انھن جي جيڪا ڪمپني ھئي ان ۾ نھ رڳو ھمجنس پرست پر ٽين جنس وارا بھ ھئا ۽ سندن ھڪ وڏو ٽولو ھو، جنھن جو ھڪ ٻئي سان ميل ميلاپ رھندو ھو، منھنجي ناول جو ھيرو اُنس حقيقي ڪردار آھي ۽ ھن وقت آسٽرليا ۾ پيو رھي، ناول کماچ ھڪڙي حقيقي ڪھاڻي آھي ۽ اھو ناول شھري زندگيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل آھي.

ڪ ٻ: اوھان جو ھن اڳ وارو ناول ”شھر جي ڳالھ“ اھو بھ گھڻي ڀاڱي حقيقي واقعن کان متاثر ٿي لکيل لڳي ٿو، اوھان ان حوالي سان ڇا چوندا؟

اڪبر سومرو: ان لاءِ به اھو ئي آھي تھ جڏھن مان اسلام آباد رھندو ھوس ته اتي اسان جو دوست رھندو ھو، علي جيڪو ناول جو ھيرو آھي، ھي ناول 1985 کان لکڻ شروع ڪيم جنھن جو پسمنظر اسلام آباد ھو، اھو ڪردار به اُتي ئي ھو ۽ پوءِ ان کي ماريو ويو، ھن ناول ۾ ڄاڻايل لڳ ڀڳ سڀ واقعا حقيقي آھن، مثال طور ان ۾ احسان ميمڻ جو واقعو آھي جنھن کي ھتي مھراڻ يونيورسٽي ۾ گولي ھڻي ماريو ويو ھو، مارشل لا دوران سنڌ جي حالتن جو ذڪر ڏنل آھي، انھيءَ دور ۾ ڪامريڊ نذير عباسيءَ کي شھيد ڪيو ويو ۽ اھا خبر مون ئي سندس گھر وارن کي ٽنڊو الھيار وڃي ٻڌائي، 1984 ۾ ٺوڙھي ڦاٽڪ وارو واقعو ٿيو، ان دور ۾ اسان ”ھدايت“ رسالو ڪڍندا ھئاسين سائين محمد ابراھيم جويو صاحب ان جو چيف ايڊٽر ھو، شمشير الحيدري ايڊٽر ۽ مان اسسٽنٽ ايڊٽر ھوس، ڪوٽڙي والا چيمبرس ۾ ان رسالي جي آفيس ھئي، اھو مارشل لا مخالف ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالف رسالو ھو، ان دور ۾ مون ڏٺو ته ڪجھ ايمبولنسون لياقت ميڊيڪل اسپتال ۾ داخل ٿيون ۽ ھڪڙي سنڌي ڇوڪري رڙيون ٿي ڪيون اھي ڌاڙيل نه پر سنڌي شاگرد آھن. مون جويو صاحب سان ڳالھ ڪئي ۽ پوءِ مون ان تي ايڊيٽوريل لکيو.

(اديب ۽ شاعر) تاج جويو صاحب ٻين ڏينھن منھنجي آفيس ۾ آيو ھن روئيندي مون کي ٻڌايو ته ھنن ڪيترن ئي ڇوڪرن کي ڪوٺڙي جي ڪنھن قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آھي. ان کانپوءِ 90 واري ڏھاڪي ۾ جڏھن منھنجي پوسٽنگ سکر ۾ ھئي تھ سرمد سنڌي (مشھور راڳي) جي اوطاق تي ڇاپو ھڻي اتان ھڪ جکراڻي ڇوڪرو جيڪو قومي ڪارڪن ھو کي کنڀي وڃي پنو عاقل ۾ رکي ٽارچر ڪري ماريو ويو ۽ مان روز ان روڊ تان گذرندو ھوس، اھي ان دور جو حالتون ھيون ۽ مارشل دوران جيڪي ڪجھ ٿيو ھي ناول انھيءَ پسمنظر ۾ لکيل آھي.

ڪ ٻ: اڪبر صاحب اوھان ناول سان گڏ سياسي حالتن جي به ڳالهه ڪئي آھي، ملڪ جون سياسي حالتون ادب تي ڪيتريون اثرانداز ٿين ٿيون؟

اڪبر سومرو: سڀ کان پھرين اسان کي اھا ڳالهه  ڏسڻ گھرجي ته ملڪ جون سياسي حالتون اديب تي ڪيتريون اثر انداز ٿين ٿيون، ضروري نه آھي ته ڪنھن اديب تي سياسي حالتون اثر انداز ٿين يا ھن کي متاثر ڪن، اسان جا ڪيترا ئي ليکڪ اھڙا آھن جن کي اھي حالتون متاثر نھ ڪنديون آھن، انھن جا مسئلا ٻيا ھوندا آھن، انھن جون ڳالھايون ٻيون ھونديون آھن، انھن جي متاثر ٿيڻ جا موضوع ئي ٻيا ھوندا آھن، پر وري ڪيترائي ليکڪ اھڙا آھن جيڪي سياسي حالتن کي ڏسندي انھن کان پاسيرو ٿي نٿا رھي سگھن، منھنجي خيال ۾ ھڪ زندھ ماڻھو جي نشاني اھا آھي تھ ھو سياسي حالتن کان متاثر ٿئي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment