شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 27 - مئي - 2020ع

لُوساٽيل ديس جو عڪس طوائف ناول جو اڀياس


شام 11 لڳي 15 منٽ -آچر 08 مارچ 2020  436 

صدام ساگر

image-1

بقول ناول جي ليکڪ ته؛ “منهنجي هي ڊگهي تحرير هڪڙي لُوساٽيل ديس جو ننڍڙو عڪس آهي، جتي زندگيءَ جي ناٽڪ گهر کي ڏسندي، پڪاسو جهڙو روح رکندڙ ڪو آرٽسٽ ماڻهو هڪ پل لاءِ ڪولاج ٿيو  وڃي”.


“طوائف” ناول بابت سوشل ميڊيا تي ڪافي دوستن جا  لکيل رايا پڙهيا. چند دوستن کي ڇڏي ڪري، اڪثريت پاران لکيو ويو ته “هي ناول سواءِ روحاني تڪسين جي ٻيو ڪجهه به ناهي”. خير بغير پڙهڻ جي راءِ قائم ڪرڻ ۽ شين جو تعين ڪرڻ اسان جو پراڻو مشغلو رهيو آهي، ان لاءِ ڪنهن تي ميار ناهي، پر شڪر آهي جو  سليم اڃا تائين “مجذوب ليکڪ” واري سرٽيفائيڊ لقب کان بچيل آهي.


حالانڪ ليکڪ خود ناول ۾ اُن ڳالهه جو امڪان ظاهر ڪيو آهي ته،“منهنجي هيءَ ڊگهي تحرير ڪلراٺي سوچ رکندڙ ڪيترن ئي يارن کي چهبڪ هڻندي، سندن آنڊا وٽجڻ لڳندا ۽ ڦُنڊجي ڪا تهمت، ڪا چٿر ارپي به ڇڏين”. هوئين به ممنوع ٿيل موضوعن کي ڇيڙيندڙ ليکارين کي عجيب لقب ملندا رهندا آهن، جنهن جي زد ۾ سگمنڊ فرائيڊ ۽ سعادت حسن منٽو به اچي چُڪا آهن.


سليم لکي ٿو ته، “توهان لاءِ طوائفيت جي دنيا ۾ پکڙيل مجذوب ڪردار گار مثل ٿي سگهن ٿا، پر مون کي منهنجي “ڪردارن” سان غير مشروط محبت آهي”. طوائفيت جي دنيا پويان ڪهڙي دنيا آباد آهي؟ جنهن جو جواب شاندار طريقي سان ناول ۾ لکيو ويو آهي، “طوائف! ڪُل پنج اکر آهن، جنهن جي پويان بک، حوس، زر، مجبورين، ڀوڳنائن، پيڙائن، خوابن، حسرتن، خواهشن، لُڙڪن، سُڏڪن، اوڇنگارن، مصنوعي مُرڪن، ٽهڪن ۽ ڀاڪرن جي دنيا آباد آهي ۽ هي پدرشاهي دنيا، جنهن ڪائنات جي عظيم تخليقڪار کي “خوبصورت رانديڪو” بڻايو ڇڏيو آهي. 


طوائف جي زندگيءَ، احساسن، جذبن ۽ دنيا جي حوالي سان نڪته نظر ۽ سماج ۾ ان جي مقام تي دنيا جي تقريبن تمام ٻولين کي ادب جي حوالي سان متاثر ڪيو آهي ۽ هن موضوع تي خوبصورت ادب به تخليق ڪيو ويو. 

هِن ناول (طوائف) جو ٽائيٽل ڏسندي يا نالو پڙهندي گهڻن ماڻهن جو خيال هوندو ته هي واقعي ئي ڪا جنسي تسڪين جو وکرُ آهي، پر ايئن هرگز ناهي. هي تحرير مُدي خارج معاشري جي منهن تي اُبتي چماٽ آهي ته سماجي ڪٽرپڻي ۽ ڪٺورپڻي خلاف هڪ طويل احتجاج پڻ آهي.

هي تحرير ڄمڻ کان مرڻ تائين جي زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ ڪيترين ئي پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جي ڪهاڻي به آهي، ته زندگيءَ جي تلخ سچائين، نفرت ۽ ڌڪار واري ماحول ۾ پليل بک جي دوزخ ۾ سڙندڙ جنس جي درد ڪٿا به آهي. هي تحرير معاشري ۾ ازل کان ٿيندڙ ڏاڍ، ڏهڪاءُ، ناانصافي، ظلم ۽ زيادتين واري حالتن جو چٽو عڪس به آهي، ته سماج جي ريتن رسمن ۾ پيڙهجندڙ عورتن جي ڀوڳنائن جو اکين ڏٺو مشاهدو پڻ آهي، نه صرف ايترو پر هِن ناول جو هر هڪ ڪردار پنهنجي جوهر ۾ الڳ دنيا رکي ٿو.


ناول ۾ سماج جي اهڙي غير معمولي وارتائن کي چٽيو ويو آهي، جنهن کي اسان معمولي نوعيت واري سمجهندي نظرانداز ڪندا رهندا آهيون. ان ڪري جو اسان کان لالچ، حوس، بغض، ساڙ ۽ منافقت اُهي انساني قدر کسي ورتا آهن، جن جي هئڻ سان انسان اشرف المخلوقات واري درجي تائين پهچي سگهي ٿو. خلق ڀلي کڻي سليم جي ڪم کي نه به ساراهي، پر سچ اِهو آهي جو هِن هڪ ممنوع موضوع کي زندگيءَ بخشي آهي. 


ڏٺو وڃي ته طوائفيت هڪ طويل سفر طئي ڪيو آهي، ان دوران ئي پنهنجي منزل به بدلائي آهي. طوائف کي جيتري به تنقيد ۽ نفرت جو نشانو بڻايو وڃي، پر کَرو سچ اهو آهي ته هوءَ هڪ خوبصورت ۽ طاقتور ڪردار آهي، جنهن جي شناخت رقص کان شروع ٿي، پر بدقسمتي سان زماني جي جدت ۽ حادثن جسم فروشي تائين پهچايو ڇڏيو! جيتوڻيڪ طوائف کي جسم فروشي وارو پيشو  اختيار ڪرڻ پويان به هڪ دردناڪ ڪهاڻي آهي، اُن دردناڪ ڪهاڻي جو درد اسان احساسن کان خالي ماڻهن لاءِ ڪو معنيٰ نه ٿو رکي، پر ويل وقت ٻڌائي ٿو ته تاريخ ۾ طوائف جو معاشري ۾ پهرين هڪ خاص عزت ۽ مقام حاصل هو، جنهن کي بعد ۾تسڪين جو وکر بڻائڻ تي مجبور ڪيو ويو، ڇو ته جتي نگاهون به خريدار بڻيل هجن ڀلا اُن معاشري مان ٻي ڪهڙي وري ڀلائي ۽ بهتري جي اُميد رکي سگهجي ٿي؟


“هم هين متاعِ ڪوچه بازار ڪي طرح

اٺتي هي هر نگاهه خريدار ڪي طرح” 


طوائف جيڪا اڄ به وڏي ويل ۾ آهي، اُها جيڪڏهن نچي ٿي ته بد ذات، جسم جو سودو ڪري ته فاحشه، ڪنهن جي تسڪين پوري ڪري ته بد خصلت ۽ بي حياءَ سمجهي ويندي آهي. ايتري قدر جيڪڏهن هوءَ نه چاهيندي به شريف بڻجڻ چاهي تڏهن به اسان معاشري ۾ ان لاءِ ڪوئي جڳهه ناهي! ڇو ته هن معاشري جا “عزتدار” خود انهن جي ڪوٺن تي وڃي سگهن ٿا، پر حياءَ ۽ شرافت وچان ان کي گهر وٺي اچي نه ٿا سگهن. 


آنکهون سي پڙهي جاتي هي ڪهاني حيا ڪي،

نقاب ڏال ڪر ڪوئي پارسا نهين هوتا...!


طوائف جنهن جي زندگيءَ ۾ پيار، محبت، پنهنجائپ ۽ وفا جو نالو غائب آهي. هُن جو مقدر صرف اُن جو ڪوٺو آهي، جتي اُن جا زيور ۽ گهنگروئن جي جهنڪار ان جو واحد مشغلو، خالي ۽ اُداس اکڙين سان دروازي کان گراهڪ  کي تڪندي ۽ ان جو انتظار ڪندي ڪندي حسين حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ آهي. مجبوري جي ان عالم کي ڪنهن شاعر هينئن بيان ڪيو آهي: 


سنو! ڪوئي خريدار هي نظر مين،

مُفسلي ڪي دن هين، وفا بيچني هي..!


اڄ جي معاشري ۾ طوائف کي گهٽيا ۽ واهيات ترين کي سمجهيو ويندو آهي، اهو عورت جنهن جو اثاثو صرف سندس جسم، جنهن جو خزانو اُن جو ناز هجي. طوائف بابت اِهي چند ڳالهيون تقريبن هر ٻئي نه ٽئين مفڪر وٽان توهان کي ٻڌڻ لاءِ ملنديون، اهڙن مفڪرن جي اسان جي سماج ۾ ڪا ڪمي ڪانهي، ڇو ته تقريبن هر گهر ۽ گهٽي ۾ هڪ نه هڪ توهان کي مفڪر ملي ئي ويندو جيڪو پنهنجا عظيم فلسفا ۽ نظريه جهاڙيندي توهان کي نظر ايندو. خير اِهي انهن جا خيال آهن پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون؟


طوائف جهڙو هڪ مضبوط ۽ طاقتور ڪردار، ماڻهپي جي عنصر کان عاري سماج ۾ ڪنهن گار کان گهٽ ناهي! اسان الائي ڇو اِهو وساري ويهندا آهيون ته اهي به انسان ئي ته آهن. حقيقت اها آهي ته اهي ڪردار اسان جا پنهنجا ئي پيدا ڪيل آهن. اِها ڳالهه ثابت پڻ ٿي چُڪي آهي ته طوائف جو ادارو حڪمرانن ۽ جاگيردان ذريعي ئي پروان چڙهيو ۽ عروج تي پهتو.  تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي جتي حڪمران، بادشاهه ۽ اديب طوائفن جا وڏا پرستار هوندا هئا. حبيب جالب اِهو شعر اُن جو واضع ۽ چٽو مثال آهي.


قصر شاهي سي يه حڪم صادر هوا،

اپني هونٽون ڪي خوشبو لٽاني چلو، گيت گاني چلو، ورنه ٿاني چلو،

منتظر هين تمهاري شڪاري وهان، ڪيف ڪا هي سمان،

اپني جلوون سي محفل سجاني چلو مسڪراتي چلو، ورنه ٿاني چلو،

حاڪمون ڪو به تم پسند آئي هو ذهن پر چهائي هو،

جسم ڪي لو سي شمعين جلاني چلو، غم بهلاني چلو، ورنه ٿاني چلو.


بهرحال اهي هيون قديم زماني جون ڳالهيون، پر سوال اهو آهي ته اڄ جي جديد دور ۾ عورت ڪيتري آزاد آهي؟ سليم چواڻي “اسان وٽ عورت جي حيثيت اڌ کٽ جيتري آهي”. اهو اڄ جي دور جو ڪڙو سچ آهي. هِتي اهو سوال اُڀري ٿو ته آخر ڇو اسان ان چپ ڪپيل انساني وجود جا انڪاري آهيون؟ ڇا اُنهن کي جذبا ۽ احساس ناهن؟ جيڪڏهن اسان جي مرداڻي سماج اندر جڏهن ڪي ڌريون عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪنديون آهن ته انهن کي فيمنسٽ چئي، کين ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.


حقيقت ۾ جيستائين اسان جو معاشرو عورت کي برابريءَ جو مقام نه ڏيندو، تيستائين معاشري جي ترقيءَ نا ممڪن آهي ۽ اسان کي عورت جي اهميت کي قبول ڪرڻو پوندو ۽ طوائف کي بدران  بازار جو وکر ۽ منافع بخش جنس سمجهڻ جي، اسان کي اِهو پڻ مڃڻو پوندو ته طوائف عورت هجڻ سان گڏ هڪ عظيم، مضبوط ۽ تخليقڪار پڻ آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment