شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 09 - اپريل - 2020ع

اي پرائيويٽ وار: جنگي رپورٽر مري ڪول ون جي زندگيءَ تي ٺھيل فلم


شام 08 لڳي 28 منٽ -خميس 20 فيبروري 2020  213 

پيچرو ٽيم

image-1


ھڪ سٺي فلم ڏسندڙ تي ڪنھن سٺي ناول يا ڪتاب جيترو ئي اثر ڇڏي ويندي آھي. اھڙي ئي ھڪ فلم ”اي پراوئيٽ وار“ بھ آھي جيڪا برطانيا جي مشھور جنگي رپوٽر (war reporter) مري ڪول ون جي زندگيءَ تي ٺھيل آھي. ھوءَ ان دور جي اھا اھم جنگي صحافي آھي جنھن 21 صدي جون پنج اھم جنگيون ڪور ڪيون ۽ دنيا کي جنگ جي حقيقتن کان واقف ڪرايو. ھوءَ 1985ع کان وٺي 2012ع (مرڻ گھڙي تائين) برطانوي اخبار ”دي سنڊي ٽائيمز“ سان فارئين ڪرسپونڊنٽ طور ڪم ڪندي رھي.
ھن 2001ع سريلنڪا جي گھرو ويڙهه کي ڪور ڪيو ۽ تامل ڪمانڊر جو انٽرويو ڪرڻ لاءِ ھنن جي علائقي ۾ پھتي، اوچتو سرڪاري فوج ان ڪيمپ تي حملو ڪيو ۽ ان دوران ھڪ آر پي جي ڌماڪي ۾ مري جي ھڪ اک ھلي وئي.
اھڙي ريت ھوءَ 2003ع ۾ عراق جي جنگ ڪور ڪرڻ وئي ۽ فلوجا ۾ اجتماعي قبرن واري اسٽوري پھريون ڀيرو دنيا جي سامھون آندي. ان کانپوءِ ھوءَ 2009ع ۾ افغان جنگ ۽ ان حوالي سان ڪيل جنگي ڏوھن کي ڪور ڪيائين. اھڙي ريت 2011ع ۾ ھوءَ ڪرنل قدافي جو انٽرويو ڪرڻ لاءِ لبيا وئي ۽ ان دوران لبيا ۾ بغاوت شروع ٿي وئي ۽ قدافي کي ماريو ويو. آخر ۾ ھوءَ 2012ع ۾ شام جي جنگ ڪور ڪرڻ لاءِ اتي پھتي ۽ ان جنگ جي رپورٽنگ دوران ھڪ حملي ۾ مري وئي.
 فلم ۾ ڏيکاريو ويو آھي تھ جنگي رپورٽنگ ڪندي مري نفسياتي مريض ٿي پئي، کيس رکي رکي دورا پوندا ھئا، جنھن ۾ ھوءَ رت ۽ لاشا ڏسندي ھئي.
ھي فلم لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن جي آھي، جيڪا 2018ع ۾ سينما گھرن ۾ نمائش لاءِ پڌري ڪئي وئي. ھن فلم جو ڊارئڪٽر ميٿيو ھينيمن آھي، جڏھن تي فلم مري ڪول ون تي وينٽي فيئر ۾ ڇپيل ھڪ مضمون تان ٺاھي وئي آھي. اداڪارا روزا منڊ پائيڪ مري جو ڪردار شاندار نموني ادا ڪيو آھي، جڏھن تھ جيمي ڊورنن پال جي ڪردار ۾ نظر اچي ٿو جيڪو مري جو فوٽوگرافر آھي ۽ کيس عراق ۾ مليو.
ھن فلم جي ڪھاڻي اھڙي نموني رکي وئي جو جنگين دوران انسانيت جي نقصان جي عڪاسي پڻ نظر اچي ٿي، جڏھن تھ ڪيترن ئي ھنڌن تي ڏسندڙ جون اکيون بھ لڙڪن سان ڀرجيو اچن. ھي فلم مختلف ايورڊن لاءِ پڻ نامزد ٿي چڪي آھي جنھن ۾ گولڊن گلوب ايورڊ ۽ آمريڪن ڊارئڪٽر گلڊ ايوارڊ شامل آھن.
اھي دوست جيڪي صحافت جي شعبي سان لاڳاپيل آھن يا صحافت شعبي ۾ پڙھي رھيا آھن، انھن کي ھي فلم ضرور ڏسڻ گھرجي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment