شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

آسڪر ايوارڊ 2020 ۽ فلم پيرا سائيٽ


شام 09 لڳي 32 منٽ -سومر 17 فيبروري 2020  407 

عظيم رونجهو

image-1

دنيا جو سڀ کان وڏو فلمي ميلو يعني آسڪر ايوارڊ تقريب هن سال 10 فيبروري تي آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ سال 2019ع ۾ ريليز ٿيل فلمن جو ايوارڊ لاءِ مقابلو ٿيو، جيڪو ڏکڻ ڪوريا جي فلم ”پيرا سائيٽ“ کٽي ورتو، هن فلم جو ايوارڊ کٽڻ ان لحاظ کان تاريخي واقعو آهي ته هي پهريون موقعو آهي جو ڪنهن غير انگلش فلم ايواڊ کٽيو آهي، هن فلم سان گڏ بهترين فلمن جي نامزدگيءَ ۾ جيڪي قابل ذڪر فلمون هيون، انهن ۾ جوڪر، 1917، دي آئرش مين، فورڊ ورسس فراري، جوجو ريبٽ، لٽل وومين، ميئريج اسٽوري، ونس اپان اي ٽائيم ان هاليوڊ شامل هيون، انهن فلمن مان گهڻو فيوريٽ فلمون جوڪر، 1917، دي آئرش مين هيون، حيرت انگيز طور فلم دي آئرش مين جيڪا 10 ايوارڊ نامزدگين ۾ شامل هئي اها هڪ به ايوارڊ حاصل ڪري نه سگهي، سڀ کان وڌيڪ 11 ايوارڊن لاءِ نامزد فلم جوڪر 2 ايوارڊ حاصل ڪري سگهي، جنهن مان هڪ بهترين اداڪار جو ايوارڊ جواڪين فونيڪس حاصل ڪيو، بلاشبه جن به ماڻهن جوڪر ڏٺي آهي، اهي جواڪين فونيڪس جي ڪمال ڪاريگري سان ادا ڪيل ڪردار جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي سگهندا.

جوڪر کي ٻيو ايوارڊ بهترين اوريجنل اسڪور جي ڪيٽيگري ۾ مليو. سڀ کان وڌيڪ فيوريٽ سمجهي ويندڙ پهرئين جنگ عظيم جي پس منظر ۾ ٺهيل فلم ”1917“ ٽي ايوارڊ حاصل ڪري سگهي، اهي ٽيئي ايوارڊ ٽيڪنيل ڪيٽيگريز ۾ هن فلم کي مليا جن ۾ بهترين ويزيوئل افيڪٽ، بهترين سائونڊ مڪسنگ، ۽ بهترين سئنيماٽو گرافي جا ايوارڊ شامل آهن. بهترين اداڪاره جو ايوارڊ زيني زيوالگر کي فلم ”جوڊي“ ۾ جوڊي گارلينڊ جي مرڪزي ڪردار ۾ بهترين پرفارمنس تي مليو. مشهور اداڪار بريڊ پٽ کي فلم ”ونس اپان اي ٽائيم“ ان هاليوڊ ۾ ادا ڪيل ڪردار تي مليو، ساڳي فلم کي ٻيو ايوارڊ بهترين پروڊڪشن ڊيزائين جي ڪيٽيگيري ۾ پڻ مليو.

جڏهن ته بهترين معاون اداڪاره جو ايوارڊ فلم ”مئريج اسٽوري“ ۾ ادا ڪيل ڪردار تي لارا ڊرن کي مليو. هن سال جي ٻي فلم جيڪا گهڻي مشهور ٿي ”فورڊ ورسس فراري“ اها ٻڻ 2 ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، جيڪي ٻئي ايوارڊ بهترين فلم ايڊيٽنگ ۽ بهترين سائونڊ ايڊيٽنگ جا هئا. بهترين ڪارٽون فلم جو ايوارڊ فلم ”ٽواءِ اسٽوري“ حاصل ڪيو. هاڻي ڪجهه ڳالهه بهترين فلم جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ فلم ”پيراسائيٽ“ جي. جيڪا هنن ايوارڊن جي سڀ کان حيرت انگيز ڳالهه هئي فلمي شوقينن لاءِ. هن فلم مجموعي طور 4 آسڪر ايوارڊ حاصل ڪيا. جن ۾ بهترين فلم، بهترين هدايتڪار بونگ جون هو، بهترين اوريجنل اسڪرين پلي ۽ بهترين غيرملڪي فلم جا ايوارڊ شامل هئا. آسڪر ايوارڊ کان علاوه به هي فلم هن سال ٿيندڙ سڀني فلمي ايوارڊ ميلن ۾ ايوارڊ حاصل ڪندڙ فلمن جي فهرست ۾ نمايان نظر اچي ٿي، نه صرف ايوارڊ پر ڪافي نقادن به هن فلم کي گهڻو ساراهيو آهي.

ڊڪشنري جي لغوي معنى ۾ لفظ ”پيراسائيٽ“ جو مطلب آهي اهڙو جاندار جيڪو ٻين جاندارن جي سهاري تي زندگي گذاريندو هجي. هن فلم جي طبقاتي اڻ برابري واري سماج جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي، ته امير ماڻهو، غريبن کي ڪهڙي اک سان ڏسن ٿا. بنيادي ڪهاڻي ٻن گهراڻن جي آهي، ٻئي خاندان 4، 4 ڀاتين تي مشتمل آهن. هڪ گهراڻو تمام امير ته ٻيو وري غريب ڏيکاريل آهي، ٻنهي گهراڻن ۾ والدين هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري ڏيکاريل آهن. هڪ خاندان هڪ ننڍڙي گدلي اپارٽمينٽ ۾ رهي ٿو، جيڪي هڪ دري کليل رکندا آهن ته جيئن پاڙيسرين جو واءِ فاءِ چوري ڪري سگهجي. ٻيو خاندان سخت حفاظتي انتظامن هيٺ بند گهر ۾ رهندو آهي، ٻنهي گهرن جي داخلي حصن تي شيشا لڳل آهم، غريبن جي گهر اڳيان لڳل ٽٽل شيشن واري دري مان گندگي ۽ شرابي نظر ايندا آهن، ساڳي جاءِ تي امير گهراڻي کي شهر جي رش ۽ پهاڙن جا نظارا نظر ايندا آهن. روزگار لاءِ غريب گهراڻي جا فرد امير گهراڻي وٽ ملازمت ڪندا آهن، ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته اهي غريب گهراڻي سان فرد، اميرن وٽ پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ناهن ڪندا، ان ڪري انهن کان انهن جي اصل سڃاڻپ کسجي ويندي آهي.

فلم جي هدايتڪار جون هو جي بهترين هدايتڪاري، فلم جي ڪهاڻي ۽ اداڪارن جي بهترين اداڪاري سبب فلم ڏسندڙ فلم جي ڪهاڻيءَ کي هر وقت محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ ڪردارن سان وهندڙ وارتائن کي به محسوس ڪري سگهي ٿو.

هن ڪهاڻي جو پس منظر ڀلي کڻي ڏکڻ ڪوريا جو هجي، پر جيئن ته طبقاتي اڻ برابري سموري دنيا جو مسئلو آهي، ان ڪري دنيا جي ڪنهن به خطي جا ماڻهو ان فلم جي ڪهاڻي کي پنهنجي علائقي جي ڪهاڻي طور ڏسي سگهن ٿا.

فلم ۾ ڪٿي ڪٿي استعمال ٿيندڙ ڪجهه لفظن، ويڙهاند وارن منظرن جي ڪري 17 سالن کان گهٽ ڄمار وارن فردن لاءِ والدين يا وڏي ڄمار جي فردن سان ويهي ڏسڻ لازمي ڪيو ويو آهي، هن جي ڪهاڻي اهڙو داستان آهي جيڪو ڏسندڙ کي شروع کان وٺي آخر تائين پاڻ سان گڏ رکي ٿو.

ان ڪري آسڪر ايوارڊ توڙي ٻيا ايوارڊ ملڻ وارن فيصلن جي آجيان ڪئي پئي وڃي. گولڊن گلوب ايوارڊ تقريب ۾ بهترين غيرملڪي فلم جو ايوارڊ وٺڻ وقت فلم جي ليکڪ ۽ هدايتڪار جون هو چيو هو ته ”جڏهن فلم ڏسندڙ سب ٽائيٽلز جي رڪاوٽ پار ڪري وٺندو آهي ته ان جو تعارف ڪيترين ئي دلچسپ فلمن سان ٿيندو آهي.

“ انگريزي يا ٻيون زبانون نه سمجهڻ يا گهٽ سمجهڻ ڪري، اسان دنيا جي ڪيترين ئي شاهڪار ڪهاڻين تي مبني فلمن کي ڏسڻ کان محروم رهجي ويندا آهيون، يا انهن مان اهو لطف حاصل ڪري ناهيون سگهندا جنهن پئماني جي اها تخليق هوندي آهي، فلم ”پيراسائيٽ“ به اهڙين فلمن ۾ شمار ٿئي ٿي، جنهن کي جيڪڏهن سمجهي ڏسجي ته ان ڪهاڻيءَ کي اندر تائين لهندي محسوس ڪري سگهجي ٿو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment