شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 22 - فيبروري - 2020ع

ٽرڪش اسڪالرشپ لاء آنلائن اپليڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اپلاء ڪرڻ لاء وزٽ ڪيو https://tbbs.turkiyeburslari.gov.tr/

تازھ ترين

گھوٽڪي واسي صبا زھور آل پاڪستان ڪڪ باڪسنگ مقابلي ۾ چانديءَ جو ٻلو ماڻي ورتو


صبح 09 لڳي 44 منٽ -خميس 13 فيبروري 2020  95 

پيچرو ٽيم

image-1

سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جي آخري سال جي شاگردياڻي صبا زھور آل پاڪستان ٽاو چيمپينشپ جي ڪڪ باڪسنگ مقابلي ۾ چانديءَ جو ٻلو ماڻي ورتو. مقابلي ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي شاگردن حصو ورتو.

تفصيل موجب گھوٽڪي واسي سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جي آخري سال جي شاگردياڻي صبا زھور آل پاڪستان ڪڪ باڪسنگ مقابلي ۾ چانديءَ جو ٻلو ماڻي ورتو. ھي مقابلو پنجاب جي شھر جنگ ۾ 10 فيبروري تي ٿيو. صبا ڪڪ باڪسنگ لو ويٽ (47) ۾ حصو ورتو.

ھن وقت تائين ھوءَ ٽي چانديءَ جا ٻلا ماڻي چڪي آھي. پھريون سال 2015 ۾ ڪراچي ٿيل جوڊو ڪراٽي مقابلي ۾، ٻيو سال 2018_19 ۾ لاھور ۾ ٿيل مقابلي ۾ ۽ ھاڻي 2020 ۾ جنگ ۾ ٽيون چانديءَ جو ٻلو ماڻي آئي آھي.

ان حوالي سان صبا پيچرو سان خاص ڳالھ ٻولھ ڪندي ٻڌايو تھ رانديون کيڏڻ سندس شوق آھي، جيتوڻڪي ان جي ڪري سندس پڙھائي بھ متاثر ٿيندي رھي ٿي پر ھوءَ سندس ان شوق کي کنيو اچي. سندس چوڻ ھو تھ مان پنھنجي والدين جي ٿورائتي آھيان جن منھنجو ھر قدم تي ساٿ ڏنو آھي، اسان جي سماج ۾ ڪا ڇوڪري تعليم پرائڻ لاءِ بھ گھران نڪري ٿي تھ ان کي خراب نظرن سان ڏٺو ٿو وڃي ۽ کيس خراب سمجھيو ٿو وڃي، پر منھنجي والدين ھر قدم تي مون تي ڀروسو ڪيو آھي.

ھن جو چوڻ ھو تھ مان پنھنجي ڳوٺ مان پھرين ڇوڪري آھيان جيڪا اعليٰ تعليم لاءِ يونيورسٽي پھتي آھي ۽ مان چاھيان ٿي تھ سنڌ جي ۽ خاص ڪري منھنجي علائقي جي ھر ڇوڪري تعليم حاصل ڪري. ھن وڌيڪ چيو تھ ھن ملڪ ۾ راندين تي ڪو خاص ڌيان نٿو ڏنو وڃي، ڪجھ خاص رانديون ئي آھن جن ۾ تمام گھڻا پيسا ملن ٿا، پر ڪن راندين کي صفا نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏھن مون کي راندين ۾ بھتر موقعا مليا تھ ضرور پنھنجي ان شوق کي اڳيان وڌائنديس.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment