شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 22 - فيبروري - 2020ع

ٽرڪش اسڪالرشپ لاء آنلائن اپليڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اپلاء ڪرڻ لاء وزٽ ڪيو https://tbbs.turkiyeburslari.gov.tr/

تازھ ترين

ٻوليءَ جا مسئلا ۽ ان جا حل


شام 04 لڳي 34 منٽ -اڱارو 11 فيبروري 2020  108 

محمد يوسف جويو

image-1

ٻوليءَ جو زنده هجڻ معنيٰ قوم جو زنده هجڻ آهي. ٻولي ئي آهي جيڪا قوم کي ساڃاهه، علم ، تهذيب ۽ تمدن ڏانهن وٺي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته ٻولي هڪ رابطي جو اهم وسيلو آهي. ۽ قومون پنهنجي انهيءَ رابطي کي اقتصادي ترقي، برابري، رواداري ۽ تهذيبي ترقيءَ لاءِ ڪم آڻينديون آهن.

پوءِ اهي قومون دنيا ۾ هڪ اعليٰ مقام حاصل ڪري وٺنديون آهن. اسان جي سنڌي ٻولي تهذيبي ٻولي آهي. هن ٻوليءَ ۾ آسمان جهڙي وسعت آهي. جو هر نئين ايجاد، هر نئون علم، هر نئين ٻولي جا نوان لفظ، محاورا، نالا ۽ خاص لغوي لفظ پاڻ ۾ حضم ڪري انهن کي پنهنجو بڻائي ٿي ڇڏي يا قبول ڪري ٿي ڇڏي. پر هن وقت سائنس ٽيڪنالائجيءَ واري ماحول ۾ اسان جي مٺڙي ٻوليءَ لاءِ ڪئي وڏا مسئلا آهن. جن مان چار وڏا اهم مسئلا هيٺ ڏجن ٿا.

· تعليمي ادارن ۾ بنيادي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ لازمي طور پاڙهي وڃي

· ڌاري آباد ڪري ۽ ان جا ٻوليءَ تي منفي اثر · جديد سائنس ٽيڪنالائجيءَ جو ٻوليءَ تي مثبت اثر

· اسان خود سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ، جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جي وڌائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهيون

· تعليمي ادارن ۾ بنيادي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ لازمي طور پاڙهي وڃي دنيا جو هر پڙهيل، سمجهيل، نئين سائنسي سوچ رکندڙ يا قومي شعور رکندڙ ڏاهي شخص جو اهو رايو آهي يا چوڻ آهي. ته بنيادي تعليم هميشه مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ته جيئن ٻار پنهنجي ٻولي جي سولي سمجهه (آسان فهميءَ) مطابق تعليم پرائي ۽ آس پاس جي شين، حالتن کي سمجهي سگهي ۽ انهن تي پنهنجي پسند يا ناپسند جهڙي راءِ ڏئي سگهي. جيڪڏهن ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچيس ته ان بابت سوال جواب ڪري سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهي. يا پنهنجا مونجهارا پاڻ حل ڪري سگهي.

پر جي ٻولي بدليل هوندي جيئن گهر ۾ هڪڙي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، ته وري اسڪول ۾ نه سمجهندڙ ٻي ٻولي پڙهائي وڃي ٿي ته پوءِ ان سان ٻار جي ذهن ۾ ڪئي مونجهارا پيدا ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته هُو اها ٻولي ئي نه ٿو سمجهي سگهي ته پوءِ ان ٻوليءَ جي ذريعي هو مسئلن ۽ معاملن کي ڪيئن سمجهي ڪري حل ڪڍندو.

مطلب ته ٻار مُنڌل مُنڌل ۽ غير يقينيءَ واري حالت ۾ رهندو. اهڙي تعليمي ماحول ۾ ٻار تخليقي صلاحيتن کان خالي رهندو. تنهن ڪري لازمي آهي ته پنهنجي ٻار کي مادري ٻوليءَ ۾ بنيادي تعليم ڏني وڃي. ته جيئن هو پنهنجي مادري ٻوليءَ جي وسيلي پنهنجي سٺين لوڪ روايتن، قومي اخلاقيات ۽ ڪلچرکي سمجهي ڪري، هُو پاڻ تهذيبي ۽ تخليقي هڪ قومي ڪردار بنجي سگهي.

· ڌاري آباد جي ڪري ۽ ان ڌاري ٻوليءَ جا مقامي ٻوليءَ تي منفي اثر اهو تاريخي طور ثابت ٿيل آهي ته جڏهن به ڪي قومون لڏپلاڻ ڪري ٻين خطن يا علائقن ۾ زوريءَ يا حادثتي طور وڃي آباد ٿينديون آهن ته انهن ۾ ڪجهه ڪِنيُون عادتون پيدا ٿينديون آهن. جيئن مثال طور: هو ظالم ٿي پونديون آهن. انهن ۾ مفاد پرست گروهه يا ٽولا پيدا ٿي پوندا آهن.

يا هُو مذهب ۾ لِڪِي ڪري مذهبي انتها پسند گروهه يا ٽولا پيدا ڪري وٺنديون آهن، وغيره وغيره ۽ پوءِ اهي ڌاريون قومون پاڻ کي اعليٰ، مُهذب، بهادر ۽ پاڻ کي حق بجانب سمجهندي پنهنجون غلط سلط هٿ ٺوڪيون مذهبي روايتون انهن خطن/ علائقن/ ملڪن جي اصل قومن تي مڙهينديون آهن. پوءِ اُهي ضد تي اچي پنهنجي انهن غلط سلط هٿ ٺوڪي روايتن کي زوري مڙهي ڪري، ان تي حڪم هلائڻ جي لاءِ دهشت کا ڪم وٺندي قتل وغارت ڪنديون آهن. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي هڪ هَٽِي قائم ڪنديون آهن. جهڙيءَ طرح پوري دنيا سميت اسانجي ڪراچيءَ شهر ۾ پڻ ٿي رهيو آهي.

ٽيون ڪم جيڪو ڌاري آبادي ڪندي آهي سو اِهو آهي ته هي طاقتور مقامي مفاد پرست ٽولن جهڙوڪر وڏيرپ، سڳورپ ۽ ڪامورپ سان ملي ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي تعليم جي ذريعي مٿاهين حيثيت ڏياريندي آهي. ۽ اصل ڌرتيءَ جي مالڪن جي ٻولي کي غير اهم، غير مذهبي ۽ اڻپوري ٻولي جي حيثيت ڏياري ڪري ان کي بنيادي تعليمي، توڙي ٻين ادارن مان نيڪالي ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي آهي.

اهڙيءَ طرح ڌاري ٻولي تعليمي ادارن ۾ گهڙِي ايندي آهي ۽ ڌرتي جي اصل ٻوليءَ کي نيڪالي ڏئي ڪري، پنهنجي حڪمراني قائم ڪندي آهي. ان اصل قومي ٻوليءَ کي ختم ڪري، ڄڻ قوم کي به ختم ڪيو ويندو آهي. جهڙيءَ طرح آمريڪا ۾ ريڊانڊين سان ٿيو ۽ هاڻ هت اسان سنڌين سان به ساڳيو تجربو ڪيو پيو وڃي. پر ان جي باوجود سنڌي ٻولي پنهنجي تاريخي پُختگي، لغوي وسعت ۽ تهذيبي ورثي جي طاقت سان انهن ڏکين حالتن جو مقابلو ڪري رهي آهي. هاڻ سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي تعليمي ادارن ۾ لازمي طور پڙهائڻ لاءِ ڪوشش وٺن، پوءِ اهي تعليمي ادارا سرڪاري هجن توڙي خانگي هجن، پر انهن جو بنياد هن خطي جي ٻولي ”سنڌي ٻولي“ هجي. · جديد سائنس ٽيڪنالائجي جو ٻوليءَ تي مثبت اثر جيئن ته سنڌ دنيا سان ڳنڍيل آهي، ته پوءِ دنيا ۾ جيڪي به علم، سائنس ۽ ٽيڪنالائجي ۾ تبديليون اچي رهيون آهن، تن جو اسان تي ۽ اسانجي ٻوليءَ تي سڌي طرح يا اڻسڌيءَ طرح اثر پوي ٿو. هن وقت ڪمپيوٽر سائنس جي اهڙي ايجاد آهي جيڪا زندگيءَ جي هر شعبي ۽ هر ڪم تي پنهنجا سڌا اثر ڇڏيا آهن.

جيتوڻيڪ هن وقت ڪمپيوٽر کا سواءِ ڪامياب زندگي، ڪامياب سماج ۽ ڪامياب نظام جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙيءَ طرح ان جديد سائنس ۽ ٽيڪنالائجيءَ جو به اسان جي سنڌي ٻوليءَ تي، سڌيءَ طرح اثر لازمي پوي ٿو. تنهن ڪري لازمي آ ته سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر ٽيڪنالائجيءَ جي ٻولي بڻائڻ کان سواءِ اسان جو ٻولي ترقي ڪري نه سگهندي. بلڪِ ٻين ٻولين سان مدِ مقابل ٿي بيهي سگهڻ لاءِ اِهو لازمي آهي ته هن ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائجي. حالانڪ هن وقت ان حوالي سان اسان وٽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالائجي ۾ چڱو خاشو ڪم ٿيو آهي. ۽ هاڻ ته گوگل ترجمي ۾ پڻ سنڌي ٻولي اچي چڪي آهي. جيڪا اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ان لاءِ انهن سنڌي ماڻهن کي مبارڪون هجن، جن اِن مَد ۾ ڪوششون ڪيون آهن.

اميد ته ايندڙ وقت ۾ به اهي ڪوششون جاري رهنديون. هن وقت سنڌي اِي-بڪ ۽ سنڌ ڊجيٽل لائبريري پڻ آن لائن ٿي چڪيون آهن. جنهن جي ذريعي اسان کي هزارين سنڌي ڪتابن تائين رسائي جي ڪري ناممڪن به! ممڪن بنجي سگهي آهي. اهي سڀ ڪم اسان پنهنجي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ان کي ترقي وٺرائڻ لاءِ لازمي سمجهون ٿا. هاڻ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو منظور ٿيل سنڌي ٻاراڻو ڪتاب موبائيل ٽچ اسڪرين يا انڊورائيڊ موبائيل تي آندو ويو آهي. هن سافٽ وئير جي ذريعي سنڌي ٻاراڻو ڪتاب مڪمل طور انٽر ايڪٽ طريقي موجب پڙهائڻ لاءِ نهايت موزون آهي.

هن پڙهائڻ جي طريقي کي اِي-لرنِنگ چئبو آهي، هاڻ ته دنيا ۾ اِي-لرننگ جي ذريعي ئي تعليمي ادارن ۾ پڙهايو پيو وڃي. اهڙي طرح پڙهائڻ جي طريقن، جي ذريعي اسان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي پڙهايون ته يقينن اسان جي ٻولي ۾ وڌيڪ وسعت ايندي جيڪا بنيادي تعليم ۾ هڪ انقلابي تبديلي آهي. · اسان خود سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ، پنهنجي ٻوليءَ جي وڌائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهيون هن ڳالهه جو تعلق اسان سان خود آهي. جيڪا اسان پاڻ پنهنجي ٻولي ڳالهايون ٿا تن کي پنهنجي ٻوليءَ جو احساس هئڻ گهرجي، تنهن ڪري انهن کي هيٺين اهم ڪمن تي لازمي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

· سڀ کان پهرين پاڻ جيڪا ٻولي ڳالهايون ٿا، تنهن کي صاف چِٽيءَ طرح سان ڳالهايون. مطلب ته ڳالهائڻ مهل، لفظ، جملا ۽ انهن جا اُچار يا آواز صاف، سٺا ۽ چٽا هجن. · بازار مان ڪا به خريد فروخت ڪرڻ وقت، دڪاندار سان، اسان پنهنجي ٻولي صاف ۽ چٽيءَ طرح سان لازمي طور ڳالهايون. · تقرير يا تحرير ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي اهميت ڏيون ۽ پنهنجن حوالن ۾ سنڌي شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ فلاسفرن کي اهميت ڏئي ڪري، انهن جي لکتن کي اهميت ڏيون · ڪنهن به تقرير يا تحرير تي جيڪڏهن تنقيد ڪريون، ته ان لاءِ سٺن لفظن ۽ شائستگي وارن جملن جو استعمال ڪريون، ۽ لازمي طور آ ته تنقيد اصلاحي هجي، جنهن مان ٻيو ماڻهو سِکي يا پِرائي سگهي. · ڳالهائڻ وقت ۽ خاص ڪري لکڻ وقت گرامر جي نشانين جو صحيح استعمال ڪرڻ گهرجي. ۽ ڳالهائڻ ۾ پڻ اهڙو اندازي بيان اختيار ڪرڻ گهرجي: مثال طور سوال ڪرڻ جو طريقو، حيرت واري ڳالهه ٻڌائڻ جو انداز، يا ڳالهائڻ وقت ساهي کڻڻ ۽ وري ڳالهه کي شروع ڪرڻ جو انداز وغيره کي چڱي نموني سان ادا ڪيو وڃي ته جيئن سامهون ٻڌندڙ يا ٻولي سکندڙ چڱيءَ طرح ٻڌي، سمجهي ۽ سکي سگهن.

· ڳالهائڻ يا لکڻ وقت خاص طور لفظن، جملن جي ادائگيءَ ۾ زير، زبر، پيش، مند، جزم، شد وغيره جو خاص خيال رکڻ گهرجي. · سنڌي ميڊيا پوءِ اها اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي يا پرنٽ ميڊيا هجي، انهن کي گهُرجي ته پنهنجن ادارن ۾ صاف سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ درست سنڌي لکندڙ ملازم رکن ته جيئن اخبارن ۾ درست سنڌي لکجي، پڙهجي ۽ ڳالهائجي خاص طور سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي وغيره تي درست سنڌي ڳالهائجي.

اهي مٿيون چند اهم ڳلهيون، اسان جي پنهنجي ڌيان ۾ رکون ته يقنن اسان پنهنجي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائي سگهون ٿا ۽ اسڪولن ۾ تعليم جو معيار پڻ بهتر ٿي سگهي ٿو. هونءَ به ٻولي ڳالهائيندڙ جي وس هوندي آهي. جي ان کي صحيح، سولي نموني ۽ سٺن لفظن، جملن ۽ استعارن سان ڳالهائبو ته ان ۾ مِٺاس، نماڻائپ ۽ سٻاجهائپ هوندي، ته ٻڌندڙ کي پئي وڻندي ۽ هو ان ٻوليءَ سان محبت پيو ڪندو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment