شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 22 - فيبروري - 2020ع

ٽرڪش اسڪالرشپ لاء آنلائن اپليڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اپلاء ڪرڻ لاء وزٽ ڪيو https://tbbs.turkiyeburslari.gov.tr/

تازھ ترين

سنڌي ٻولي ۽ سراج


شام 08 لڳي 41 منٽ -اڱارو 04 فيبروري 2020  123 

محسن جويو

image-1

جيڪا به جاندار شيءِ آهي، اُها ڪنهن نه ڪنهن آوازي يا اشاراتي سرشتي وسيلي، پنهنجو پيغام رسائي ٿي ۽ ابلاغ جي صلاحيت رکي ٿي، پوءِ صفا ننڍڙي ڪِوِلي هجي يا هاٿي هجي، ڪو سنهو جيت هجي يا آسمان ۾ اڏامندڙ پکي، سڀئي پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن اظهارين ٿا، پر انهن ساهوارن منجهان ماڻهو ئي اهڙي هستي آهي، جنهن ٻوليءَ کي دريافت ڪرڻَ ۽ ان کي وڌائڻ ويجهائڻَ وسيلي ان کي هڪ نظام جي صورت ڏني آهي. ٻوليءَ ۾ ماڻهو پنهنجن خيالن، ويچارن، ادراڪ، ارمان، امنگ، جذبي، خواهش، خواب، مسئلي، گهرج، راءِ، اختلاف، سهمت پڻي، خوشي، غم، ڪاوڙ ۽ راضپي وغيره کي اظهاري ٿو.

ٻوليءَ جي دريافت انساني سڀيتا جي اوسر ۾ تمام گهڻي تيزي آندي. گڏجي ڪيئن رهڻو آهي، ڇا کائڻو آهي، ڇا ناهي کائڻو، ڇا پهرڻو آهي، ڇا ڪرڻو آهي ڇا ناهي ڪرڻو ــــ هر ڪا شيءِ ٻوليءَ وسيلي طئه ٿئي ٿي. هڪ گهڙيءَ لاءِ اهو تصور ڪجي ته ماڻهوءَ کان ڳالهائڻ جي صلاحيت ڇڏائجي ويئي آهي ته هوند هيءَ دنيا ئي هلي نه سگهي، تنهنڪري هن سنسار ۾ موجود هر ساهواري کان جيڪا شيءِ ماڻهوءَ کي ممتاز بڻائي ٿي ۽ ان کي ٻين تي امتياز بخشي ٿي، اُها ٻولي ئي آهي، جنهن وسيلي ماڻهو پنهنجي باري ۾ اِها ثابتي ڏئي ٿو ته هو شعور ڀري ۽ جذبن سان ٽمٽار هستي آهي. ٻولي ماڻهوءَ جي دماغ جي هڪ منفرد صلاحيت آهي، جيڪا دماغ ۾ موجود خيال يا جذبي جي اظهار جي خواهش يا گهرج جي پورائي ڪرڻ لاءِ حرڪت ۾ اچي ٿي ۽ ائين انسان جي نڙي، نڙيءَ ۾ موجود صوتي يا آوازي ڏوريون، ڪاڪڙو، ڄڀ جي پڇاڙي، وچياڙي، اڳياڙي، ڏند، چپ ۽ نڪ حرڪت ۾ اچن ٿا ۽ هڪ ترتيب وارو ۽ سمجهه ڀريو آواز ماڻهوءَ جي وات مان نڪري ٿو، جنهن کي ٻيا ماڻهو سولائيءَ سان سمجهن ٿا.

پنهنجيءَ جاءِ تي اهو سوال پڻ موجود آهي ته نيٺ ڪڏهن ماڻهوءَ انهيءَ صلاحيت کي پاڻ ۾ پيدا ڪيو. ٻوليءَ جي ارتقائي ماهرن پٽاندر اِها ڪهاڻي ڪي ڏهه لک سال کن پراڻي هوندي، پر شروع ۾ ابلاغ جو اِهو وسيلو مختصر هوندو، ڪي ٿورڙا ئي لفظ هوندا، جيڪا ماڻهوءَ پنهنجيءَ خواهش ۽ گهرج سارُو ايجاد ڪيا هوندا ۽ پوءِ انهن ايجاد ڪيل لفظن کي ميڙي سهيڙي ڪنهن ڀڳل ٽٽل جملي کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هوندائين. ايئن صدين تائين اهڙي مشق کان پوءِ هُو پنهنجي اظهار ۾ ڀڙ ٿيو هوندو. اوهان کي ڄاڻ هئڻ گهرجي ته ٻوليءَ جي اوسر جو اهو عمل رڳو ڪنهن هڪڙي خاص علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن شروع نه ڪيو هوندو.

دنيا جي هر ڪنهن حصي ۾ انيڪ ٻولين جي موجودگي، اِها ثابتي ڏئي ٿي ته اهڙو عمل اُتي اُتي شروع ٿيو هو، جتي جتي ماڻهو موجود هو. هن وقت دنيا ۾ هڪ اندازي پٽاندر ڪي ست هزار ٻوليون موجود آهن، جن منجهان ٽيون حصو ٻوليون رڳو آفريڪا موجود آهن. ماهرن ايترين ٻولين کي سمجهڻ ۽ ياد ڪرڻ لاءِ انهن کي درجيبندين ۾ ورهايو آهي. اهڙيءَ ريت لڳ ڀڳ ويهن جي ويجهي اهڙيون درجيبنديون موجود آهن ۽ اهڙيون درجيبنديون انهن ٻولين جي لفظن جي نوعيت ۽ ماهيت، آوازن جي نظام ۽ وياڪرڻي سرشتي جي بنياد تي قائم ڪيون ويون آهن. انهن درجيبندين ۾ موجود هر ڪنهن درجيبنديءَ لاءِ ماهرن جو اهو خيال آهي ته اهڙين ٻولين جو ماخذ ڪا هڪ ٻولي هوندي.

ان حساب اهو به چئبو ته ٻوليءَ جا ماهرتوڻي ڏاها ان راءِ جا آهن ته ڪل ويهن جي ويجهي ماخذي ٻوليون آهن، جن منجهان ٻيون ٻوليون ڦٽي نڪتيون آهن. انهن درجيبندين منجهان سڀ کان مٿاهين درجيبندي هند ــــ آريائي ڄاڻائي ويئي آهي. چيو ويو آهي ته دنيا جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي، انهيءَ درجيبنديءَ جون ٻوليون ڳالهائي ٿي ۽ اُن درجيبنديءَ جي پکيڙ ۾ هندستان ۽ ايران کان ناروي ۽ برطانيه تائين جون ٻوليون شامل آهن. انهيءَ مفروضي هيٺ چيو ويو آهي ته انهن ٻولين جا ڳالهائيندڙ ڪي خانه بدوش (Nomads) هئا، جيڪي اوڀر يورپ ۽ اولهه ايشيا ۾ ڦرندا وتندا هئا، جن جو مرڪزي هنڌ هاڻوڪي زماني جو ملڪ يوڪرائين آهي ۽ اِها آکاڻي ڪي ٽي هزار قبل مسيح جي زماني جي آهي.

هڪ هزار ورهين جي گذرڻ کان پوءِ يعني ٻه هزار قبل مسيح ۾ هند ــــ آريائي ٻولين پنهنجي پکيڙ شروع ڪئي ۽ اُهي يورپ، ائٽلانٽڪ جي ڪناري ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي اترين ڪنارن تائين پهتيون. اُهي ايشيا ۾ به داخل ٿي ايران ۽ هندستان تائين به پهتيون. اهڙيءَ ريت ٻي وڏي سامي (Semitic) درجيبندي آهي، جيڪا ڏکڻ عربستان کان شام جي اتر تائين، جي ٻولين کي گهيري ۾ آڻي بيهاري ٿي. سامي ٻولين جو خطو اوائلي انساني سڀيتائن جي حوالي کان گهڻو مشهور آهي، جن ۾ بابلي ۽ اشوري سڀيتائون شامل آهن.

سامي درجيبنديءَ جي انهن ٻولين جو علائقو اولهه ايشيا، اتر افريڪا، اتر اوڀر افريڪا ۽ مالٽا آهي. انهيءَ درجيبنديءَ جون سگهاريون ٻوليون عبراني ۽ عربي آهي. عبراني بائيبل ۽ پراڻي عهدنامي جي پهرئين ”تخليق جي ڪتاب“ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حضرت نوح جي هڪ پٽ جو نالو سام هو. انهيءَ سام جي نالي سان هيءُ سامي ٻولين جي درجيبندي منسوب آهي. تنهن کان سواءِ ٻيون به ٻولين جو درجيبنديون آهن، پر هتي اسان جي موضوع جي ڦهلاءَ جي ڏس ۾ اِهي ٻه درجيبنديون آهن، جيڪي ڪم جون آهن، جن سان سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد جي باري ۾ ڪيل عالمن جي بحث جو لاڳاپو آهي. اسان جي سهڻي، مٺڙي، رس ڀري ۽ ٻهڳڻي سنڌي ٻولي اسان جي اندر جو آواز آهي. اسين سڀ سنڌي پنهنجيءَ انهيءَ ٻوليءَ کان سواءِ ڪجهه به نه آهيون. انڪري جو، علائقي کان پوءِ هڪ قوم هئڻ جو بنيادي اهڃاڻ ٻولي آهي، تنهن کان پوءِ ٻيا اهڃاڻ قوم جي وصف ۾ شامل ٿين ٿا.

اصل ۾ هن مضمون لکڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد تي روشني وجهجي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد جي حوالي کان بحث جي شروعات، ٻوليءَ جي ماهر خاص طرح سامي ٻولين جي ماهر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ڪئي. ڊاڪٽر ٽرمپ اهو عالم آهي، جنهن پهريون ڀيرو ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏنو ۽ تنهن کان سواءِ هن هڪ مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ پڻ لکيو، جيڪو 1886ع ۾ جنرل آف رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي 21هين جلد ۾ ڇپيو هو. انهيءَ مقالي ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ اهو نظريو پيش ڪيو ته سنڌي ٻولي، سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. ان سان گڏ هن اهو به چيو ته سنڌي الفابيٽ ۾ ڪي اکر اهڙا موجود آهن، جيڪي سنسڪرت توڻي ٻين پراڪرتن ۾ موجود ناهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوت ۾ ڪي اهڙيون خاصيتون موجود آهن، جيڪي ان کي سنسڪرت توڻي سنسڪرت مان ڦٽل پراڪرتن کان الڳ ڪري بيهارين ٿيون. جيئن ته ڊاڪٽر ٽرمپ تنهن زماني ۾ ٻولين جو وڏو ماهر سمجهيو ويندو هو، تنهنڪري، سندس پيش ڪيل نظريي کي قبوليو ويو. اڄ ڏينهن تائين اهو سلسلو جاري آهي.

اوهين جڏهن دنيا جي مشهور ٻوليدانن جا مقالا پڙهندا ته اوهان کي سنڌي ٻولي گهڻي ڀاڱي هند ــــ آريائي درجيبنديءَ ۾ موجود ملندي، جنهن ۾ سنسڪرت ٻولي اهم جاءِ والاري ٿي. تنهن کان سواءِ، مقامي سطح تي پڻ ڊاڪٽر ٽرمپ جي انهيءَ نظريي جو گهڻو اثر ورتو ويو. سنڌ جا عالم ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ ۽ علامه دائود پوٽو اهڙا عالم هئا، جن ڊاڪٽر ٽرمپ جي نظريي کي مڃيو ۽ ان جي حق ۾ لکيو. جارج شرٽ هندستان ۾ انگريز مشينريءَ جو اهڙو عالم هو، جنهن ڪيترائي يادگار ڪم ڪيا، پر هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظي ذخيري کي گڏ ڪرڻ توڻي سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد جي باري ۾ به اهم ڪيو. ڊسمبر 1878ع ۾ هن هڪ مضمون ”سنڌيءَ ۾ دراوڙي ٻوليءَ جا نشان (The traces of Dravidian element in Sindhi) لکيو، جنهن ۾ اهو چيو ته سنڌي ٻولي برابر سنسڪرت جي ڌيءَ آهي، پر ان ۾ ڪي اهڙيون خوبيون موجود آهن، جيڪي ان لاءِ ”دراوڙي ٻولي“ هئڻ جو امڪان پيدا ڪن ٿيون.

جارج شرٽ جي جواب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجو الڳ نظريو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته سنڌي هڪ ”سامي صفت“ ٻولي آهي، جنهن جي جواب ۾ سراج الحق ميمڻ مهراڻ رسالي ۾ هڪ مضمون لکيو ۽ ايئن 1964ع ۾ سراج الحق ميمڻ جو ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد جي باري ۾ پنهنجو الڳ نظريو پيش ڪيو. مهراڻ رسالي جي 1991ع جي چالهين جلد ۾ مشهور لساني ماهر ڊڪٽر مرليڌر جيٽليءَ جو انٽرويو ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن پڻ ڊاڪٽر بلوچ جي سنڌي ٻوليءَ جي ”سامي صفت“ بڻ بڻياد تي روشني وڌي آهي. هن چيو آهي: ”ڊاڪٽر بلوچ چيو آهي ته سنڌيءَ ٻولي جو سميٽڪ (سامي) ٻولين سان ڪونه ڪو واسطو آهي، جنهن پهريون ڀيرو جڏهن لاڙڪاڻي ۾ مقاملو پڙهيو هو ته عربي ٻوليءَ سان سنڌيءَ ٻوليءَ جو ڪونه ڪو واسطو ڏيکاريو هو. پوءِ جڏهن سندس ڪتاب ( 1980ع ۾ ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“) جو نئون ڇاپو تيار ٿيو ته هن ان کي سڌاري انهيءَ نموني سان تيار ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد واقعي ڪنهن اوائلي پراڪرت سان آهي، پر انهيءَ تي سميٽڪ ٻولين جو گهرو اثر ٿيو آهي يا سيمٽڪ ٻولين جي سٿ جي زبان آهي، تنهنڪري هن تي ايترو اثر ٿيو آهي.

اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي اصلي روپ بدلائي عربيءَ سان گهڻو ملي ٿي.“ ياد رهي ته ڊاڪٽر بلوچ ساڳيي ڪتاب ۾ اهو به ڄاڻايو آهي: ”سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ يا جوڙجڪ جو زمانو پنجين صديءَ کان يارهينءَ صديءَ تائين ڄاڻايو آهي. سندس خيال ۾ اسان وٽ ڪوبه يقيني دليل موجود ناهي ته راءِ ۽ برهمڻ گهراڻن کان سنڌي ٻوليءَ جو ڪو خاڪو موجود هو.“ بهرحال، سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ سراج الحق ميمڻ جي شاهڪار ڪم ”سنڌي ٻولي“ سنڌ ۾ ٻوليءَ جي بڻ بڻياد جي باري ۾ هڪ نئين بحث کي پيد ڪيو. سنڌ جي اديبن ۽ عالمن جي گهڻائيءَ سندس نظريي کي مناسب ۽ سمجهه ۾ ايندڙ قرار ڏنو. اهو ئي ڪارڻ هو جو اڳتي هلي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي پنهنجي ”سامي صفت“ واري نظريي ۾ ڦيرڦار آڻڻي پئي. سراج الحق ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ جي مهاڳ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي لکيو: ”سنڌي ٻوليءَ لاءِ اڃا به ائين چوڻ ته اُها يارهين يا ٻارهين صديءَ ڌاري پيدا ٿي، جديد وگيان جي روشنيءَ ۾ هڪ نهايت ڪَسي ۽ بي بنياد راءِ چئي سگهجي ٿي.“ انهيءَ ڪتاب ۾ سراج الحق ميمڻ، دليلن سان ۽ علمي انداز ۾ انهيءَ ڳالهه کي رد ڪيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي آهي يا ان جو واسطو هند ـــ آريائي درجيبديءَ سان آهي.

هن جو نظريو هو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي ڄائي آهي ۽ اُها پاڻ هڪ درجيبندي آهي، جنهن مان ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڦٽي نڪتيون آهن. انهيءَ درجيبنديءَ کي هو ”سنڌي“ جو نالو ڏئي ٿو. سندس خيال آهي ته اِهي سنڌ جا مقامي ماڻهو ئي هئا، جيڪي ان ٻوليءَ کي ٻين خطن ڏانهن کڻي ويا. جويي صاحب سراج الحق جي اهڙي نظريي جو نالو ”پروٽو سنڌي”، پروٽو انڊڪ يا ”پروٽو هند يورپي“ تجويز ڪيو آهي. سراج الحق ميمڻ جي پنهنجي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد واري نظريي تي گهڻي محنت ڪئي آهي ۽ هن لسانيات جي علم جي اصولن جي بهتر نموني پوئواري ڪئي آهي، هن موهن جي دڙي جي مهرن جون پڙهڻيون به ڏنيون آهن. سراج صاحب جي اهڙي ڪم کي وڌيڪ مستند ان وقت سمجهيو ويو، جڏهن فنلئنڊ جي جڳ مشهور ”اِنڊولاجسٽ“ ۽ سنڌولاجسٽ“ آسڪو پرپولا 1994ع ۾ ڇپايل پنهنجي ڪتاب ”سنڌو لکت جي ڀڃت“ ۾ اهو ڄاڻايو ته سنڌو لکت ۽ هڙپه ٻوليءَ جو ”وڏيءَ حد تائين تعلق دراوڙي ٻولين جي خاندان سان آهي. هن مضمون کي انهيءَ پڇاڙڪي جملي سان ختم ٿا ڪريون ته سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد جي باري ۾ پيش ڪيل ٽن اهم نظرين منجهان سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ سمجهه ڀريو نظريو سراج الحق ميمڻ جو قرار ڏنو ويو آهي، هن سنڌي ٻوليءَ کي الڳ ٻوليائي درجيبنديءَ طور متعارف ڪرايو، جنهن مان ٻين ڪيترين ئي ٻولين جنم ورتو آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment