شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - جنوري - 2021ع

منهنجا گيت ڳنهي سگهندي!


صبح 01 لڳي 45 منٽ -ڇنڇر 28 ڊسمبر 2019  304 

شوڪت لوهار

image-1

انگريزي ادب جي چوٽيءَ جي تنقيد نگار ۽ فردوسي جي شاهنامي جي داستان سهراب ۽ رستم کي انگريزي ويس اوڍائي پيس ڪندڙ وڪٽورين عرصي جي گهڻ پڙهي ليکڪ ميٿو آرنلڊ ادب جي تعريف ڪندي هڪ هنڌ لکيو آهي:

“The Propagation of the Best known and thought in the world is called literature"

دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ معياري خيالن/ لکڻين جي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ ڦهلاءُ کي ادب ڪوٺجي ٿو. ان کان علاوه انگريزي ادب جي تاريخ سرجندڙ ڊبليو ايڇ هڊسن چواڻي ته:

“Any piece of writing which appeals universally is called literature.” (اهڙي لکڻي جنهن ۾ وشال ڪائناتي ڇهاءُ هجي ان کي ادب چئبو آهي.)

ادب جو ڪم ماڻهو جو ٻاهريون خول لاهڻ، ان کي ڌوئڻ ۽ صاف ڪرڻ. ظاهري طور ڪو به ادبي شاهپارو ڀلي اهو ڪو سٺو ناول هجي، ڪو ڊرامو هجي يا شاعري جي ڪا سٽ هجي، ان ۾ ڪا طاقت ڏسڻ ۾ ڪا نه ايندي آهي پر ان جي گهرائپ انهن کرن جو امتزاج حسناڪين ڀريو اهڙو عجب لقاءُ ٿي پيئي ٿو، جنهن جي اهميت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي. ادب ۾ شاعري جو مقام تمام بلند ۽ اوچو آهي.

اها شاعري ئي آهي جيڪا انسان جي قديم ريتن رسمن مذهبي تهوارن ۽ علمي آبياري جو سبب پيئي رهي آهي. شاعر اکرن ۾ پنهنجي تخيل جو روح ڦوڪي، جذبن جي اڇل سان ٽٻ ڪري، تمثيلن جي رنگن جو ڀرت ڀري، اسلوب جي نرالائپ سان سينگاري ۽ ترتيب جي اهڙي سهڻي ٿانءُ ۾ رکي جڏهن پيش ڪري ٿو ته اهي اکر ان مهل بي ساها اکر نٿا رهن، اهي لفظ فقط مئل ماڪوڙيون نٿيون هجن، اِهو سٽاءُ فقط ڪو گهاڙيٽو نٿو هجي پر اهي اکر محبوب لاءِ ماکي لار دشمن لاءِ بم گولا، اهي لفظ عاشق جي دل جا ترجمان ۽ ڪانئر لاءِ وڏي اتساهه جو ڪارڻ بڻجي پون ٿا.

اهي جملا فقط گهاڙيٽو نٿا رهن پر ديس جي اجتماعي ڏکن جو اهڃاڻ بڻجي آئينده لاءِ انهن جي مڙني روڳن جو تدارڪ بڻجن ٿا. جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهن نيو من لائين پريان سندي پار ڏي.

لطيف سائين جون هي سٽون بظاهر ته هڪ عام رواجي ڳالهه لڳن ٿيون پر جڏهن اسين پنهنجي دل جي ميگنيفائنگ گلاس ۾ هڪ هڪ اکر ۽ لفظ تي غور ڪنداسين ته اِهي سٽون اسان جي لاءِ وڏي آٿت ۽ آسري جو ڪارڻ ثابت ٿينديون.

پاڻ کان سئو دفعا طاقتور دشمن کي ماري مات ڪرڻ لاءِ همت ۽ ولولي جو سامان ثابت ٿينديون. سياسي، سماجي، ادبي، علمي ۽ شعوري حوالي سان لطيف سائين سميت ڪنهن به پنهنجي گهڻگهري شاعر کي فقط روحاني رمزن جي ٿلهن ڪپڙن ۾ ويڙهڻ نه گهرجي پر انهيءَ کان پنهنجي ڏکن، اهنجن، سماجي روڳن، اجتماعيت جي ڏيوالپڻي جي حوالي سان تدارڪ وٺڻ گهرجي. ڀاڳواري آهي سنڌي ٻولي جو ان کي لطيف ۽ اياز جهڙا شاعر مليا آهن، جن جي شاعري اسان لاءِ سونهين ثابت ٿي سگهي ٿي پر اسين ”تون حبيب تو طبيب“ جي انٽر پريشين صرف مذهبي ۽ روحاني طرح ئي ڇو ڪريون؟ هتي اسان جو حبيب ۽ طبيب ڪنهن اهڙي گهڻگهري اڳواڻ جي تلاش به ته ٿي سگهي ٿي جيڪو اُٿي ۽ رڍن مان بگهڙ بڻائي ڇڏي، جيڪو ڪانئر کي ڪيهر شينهن ٺاهي ڇڏي. هي حبيب ۽ طبيب اهي روشني جي تلاش به ٿي سگهي ٿي جيڪا اسان کي جهالت، فساديت، انارڪي جي گلي اونداهه مان ٻاهر ڪڍي سگهي! هي دانهن اسان جي انهيءَ Harbinger جي ڳولها به ٿي سگهي ٿي جيڪو اسان کي نسون دڳ لائي ۽ اسان کي بطور هڪ قوم جي سهپ ۽ رواداري جو ڪارڻ بڻجي سگهي. هر شاعر جو انداز ۽ اسلوب پنهنجو هجي ٿو. ان جي معياري هجڻ لاءِ ضروري ڪونهي ته ان کي اسين ISO وارن کان سرٽيفائيڊ ڪرايون بلڪه ڏسڻو اهو آهي ته هن جي پنهنجي ٻولي، پنهنجي ماڻهن ۽ مٽي ۾ ڪيتري جاءِ ٺهي ٿي. ڇا انهيءَ شاعر جي پڪار تي ماڻهن جا هشام گڏ ٿي سگهن ٿا؟ ڇا هڪ ئي وقت هر دؤر هڪ ئي وقت هر جڳهه تي هر وقت سندس تخليق نمائنده ٿي سگهي ٿي؟ منهنجي خيال ۾ انهن سڀني سوالن جا جواب اسان کي شيخ اياز جي شاعري ۾ آساني سان ملي وڃن ٿا.

اياز واقعي لطيف سائين کانپوءِ سنڌي شاعري ۾ هڪ معجزو آهي. اياز جي شاعري هڪ ئي وقت جديديت، ڪلاسيڪيت، رومانويت ۽ تاريخيت جو سڳنڌ ڀريو سنگم ڀاسندي آهي. تحقيقي حوالي سان منهنجي پنهنجي راءِ آهي ته شيخ اياز جهڙي شاعري ڪو به نه ڪري سگهيو آهي.

اهو دليل ته ڀيٽڻ سان غلط ثابت ٿي سگهي ٿو يا نه پر شيخ اياز جيتري شاعري شايد ئي دنيا جو ڪو شاعر ڪري سگهيو هجي! شيخ اياز جو ڪم پنهنجي خاصيت، ماهيت ۽ مقداري يا انگي بيهڪ جي حساب سان دنيا جي سڀني شاعرن جي ڀيٽ ۾ جهجهي ۽ گهڻي آهي. اياز وٽ جماليات جي رنگيني پنهنجي اندر ۾ خوبصوريت جا جهرمٽ Bevies of Beauties سموئي لندي ڪنڌي ٽٽل ڪانهن لئه ڪهڙو هير هڳاءُ يا وري اکين مان جو نئن ڇلي پيئي ڪن پن ٿي ويا رنج نڪتيو تنهنجيون ڳالهيون ائين ڄڻ پاڻي تي هنج. تصوير نگاري Imagery جو خوبصورت جهان ڄڻ انهيءَ لقاءُ کي سامهون ڏسي رهيا هجو، هي سڀ ڪجهه اياز جو ئي ڪمال ٿي سگهي ٿو.

رومانيت ۽ جذبديت جي ڀنل فڪر ۾ وهنتل هي هُر کر رين سيرن جي ٿي ويندي ساک سويرن جي، جي واڳ وٺين ها ڏاگهن جي ڇو ڪاڻ ڪڍين ها ڏيرن جي او شال عقابن سان اٽڪان مان واهر ٿي واهيرن جي ميهار ملڻ جي ويلا آ ڪر ڳالهه گهڙن ۽ گهيرن جي ٿي ساري سنڌ اياز نچي ڇا ڇم ڇم آندي ڇيرن جي! هن وقت سنڌي معاشرو تمام وڏي ڀونچال کي منهن ڏيئي رهيو آهي.

سماجي ناهمواري،سماج مان ختم ٿيندڙ سهپ ۽ رواداري سچي ۽ نج علم کان دوري اسانکي هڪ بند گلي طرف وٺي وڃي رهيا آهن. اهڙي وقت جتي سياسي حوالي سان اسين ويڳاڻپ جو شڪار آهيون ۽ پيا ٿيون. اتي اسان کي اجتماعيت جي درس لاءِ ڌرتي ڌڻين ڏانهن ئي رجوع ڪرڻو پوندو. اياز جي شاعراڻي ارڏائپ ته ڏسو چئي ٿو ته: منهنجو اگهي پڇين ٿو ڪانئر منهنجا گيت ڳنهي سگهندي! ماڻهو جو ڳر، ان جو شعور ئي بهادري هوندو آهي. جسم ته فاني آهي پاڻي پوڻ سان ڀڄي  ڀري ويندو پر شعور اگرun-purchasable (اڻ ويڪائو) آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت اوهان کي نٿي جهڪائي سگهي.

موجوده وقت ۾ اسان وٽ وڌندڙ فرقيواريت، انتهاپسندي جو جن بوتل مان ٻاهر اچڻ، صوفين جو ديس سڏجندڙ هي ڀون تي ناحق بي ڏوهين جو رت وهڻ، اسان جي سماجي روڳن جا وکا پڌرا ڪن ٿا، انهن کي صحيح تشخيص ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪنهن اهڙي ڪوي جي ويجهڙائپ گهرجي جيڪو پنهنجي حوالي ۾ ممتاز هجي.

اچو اڄوڪي ڏينهن ڌرتي جي هن لافاني شاعر جن کي شعوري انڌائپ جو شڪار ٿيل نيم حڪيم مرحوم اياز ڪوٺين ٿا، کي اڄ ڏينهن تي ياد ڪريون، ان جي ياد ۾ ڪو ڏيئو ٻاريون، پنهنجي ٻاررن کي اياز جي اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان اهميت سمجهايون، خود اياز جي ئي هنن سٽن سان ته:

هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ پر سنڌ اياز نه مرڻي آ آخر

هي رات گذرڻي آ تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment