شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 12 - جولاءِ - 2020ع

سھڻي پارس: سنڌ ڌرتيءَ جي ھڪ بھادر ڌيءَ


شام 09 لڳي 41 منٽ -خميس 12 ڊسمبر 2019  640 

رپورٽ: پيچرو ٽيم

image-1

مان جڏھن بھ ھن سان مليو آھيان کيس سدائين کلندي ۽ ٻين کي کلائيندي ئي ڏٺو اٿم، ھن جي مضبوط ارادن کي ڏسي ھڪ ڳالھ سمجھ ۾ آئي تھ عورت جنھن کي اسان جو معاشرو ڪمزور ٿو سمجھي ايتري بھ ڪمزور نھ آھي ۽ عورت جيڪڏھن پنھنجي ارادي ۾ مضبوط آھي تھ ھي جبل جھڙي زندگي بھ اڪيلي سر اورانگي سگھي ٿي. ھن جي زندگيءَ ۾ ڪيترائ طوفان آيا آھن پر ھن پنھنجي اٽل ارادي سان انھن طوفانن کي منھن ڏنو آھي.

جيتوڻڪي ھوءَ ھر وقت کلندي رھندي آھي پر پنھنجي سيني ۾ ڏک جو ھڪ سمنڊ کنيو زندگي گذاري رھي آھي. ھوءَ موجودھ دور ۾ سنڌي عورت جو ھڪ نرالو آواز بڻجي چڪي آھي ۽ ھر نا انصافي خلاف سينو تاڻي بيھڻ سندس گھڻين خوبين مان ھڪ خوبي آھي، ھن ڪراچي ۾ سنڌي صحافين سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف بھ آواز اٿاريو تھ سنڌ ۾ عورت تي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر ڳالھ بھ اڳئين صف ۾ بيٺل نظر ٿي اچي.

ھوءَ سندس نالي جيان ئي اندر جي سھڻي آھي. مون ٻن صحافتي ادارن ۾ سھڻي پارس سان گڏ ڪم ڪيو ۽ مون کي سندس سنڌي ٻوليءَ سان بيپناھ محبت جو اندازو تڏھن ٿيندو ھو جڏھن مان پنھنجي ڪنھن رپورٽ يا مضمون ۾ ڪو ڌاري ٻوليءَ جو لفظ لکندو ھوس، سھڻي اھو لفظ پڙھي ڇڙٻ ڏئي چوندي:

”ڇورا پنھنجي ٻوليءَ جا لفظ کٽا آھن ڇا؟“

ايترو ئي نھ پر ھوءَ ان ڌاري ٻوليءَ واري لفظ جو متبادل سنڌي لفظ بھ ٻڌائيندي ھئي ۽ تربيت بھ ڪندي ھئي. سھڻي پارس ۽ سندس فيملي سان اسان جو نھ تڏھن بھ 40 سال پوراڻو تعلق آھي، سھڻي پارس پھرين آڪٽوبر تي سنڌ جي عظيم سماج سڌارڪ، تعليمدان ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت شعبي جي باني سائين خان محمد پھنور جي گھر ۾ ٿيو، سندس جنم سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ٿيو.


چاچا خان محمد منھنجي بابا جي ويجھن دوستن مان ھڪ ھئا، اھا دوستي ايتري تھ گھري ھئي جو اسان کي لڳندو ھو سھڻي وارا اسان جا ڀيڻ ڀائر يا ويجھا مائٽ آھن. سھڻي جو ٻالڪپڻو ۽ جواني جو وڏو حصو ڄامشورو جي دلفريب ھوائن ۾ گذريو، ھن ابتدائي تعليم سنڌ يونورسٽي ڪالوني جي ماڊل اسڪول (ھاڻوڪي سيد پناھ علي شاھ ماڊل اسڪول) مان حاصل ۽ ڏھين درجو وري گورنمنٽ گرلس ھاءِ اسڪول سنڌ يونورسٽي ڪالوني مان پاس ڪيو ۽ ان کانپوءِ گورنمنٽ گرلس ڪاليج قاسم آباد ۾ داخلا ورتي، سھڻي وارن جي بيچ ئي ھن ڪاليج جي پھرين بيچ ھئي، ان کانپوءِ ھن سال 1997 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سوشالاجي شعبي مان ماسٽرس جي ڊگري ورتي.

ائين تھ سھڻي پارس سٺي شاعرا، صحافي، ڪالم نويس ۽ عورتن جي حقن لاءِ پڻ جاکوڙيندڙ آھي پر فنون لطيفا ۾ سندس سڃاڻپ ھڪ بھترين ڪمپئر واري آھي. ھن 1991 ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس ڪرئير جي شروعات ڪئي، ھوءَ سرتيون نالي پروگرام جي ڪمپئر ٿي، جڏھن تھ انھيءَ ساڳي پروگرام ۾ ميڊم تنوير جوڻيجو خط پڙھندي ھئي. اھڙي ريت سھڻي پاڪستان ٽيلي وزن (پي ٽي وي) جي ڊرامن ۾ اداڪارا طور بھ نظر آئي، سندس مشھور ڊرامن ۾ بوند بوند زھر، جيڪو 1991 ۾ ڪراچي تان آئ ائير ٿيو ۾ مک ڪردار ۾ نظر آئي، ھي سولو پلي ھو، ان کانسواءِ 1992 ۾ قسطوار ڊرامي قربتون ۾ پڻ مک ڪردار ۾ نظر آئي، ان ڊرامي ۾ ھن سنڌ جي مڃيل اداڪارن فريد نواز بلوچ، گلاب چانڊيو ۽ مونا جوڻيجو سان گڏ ڪم ڪيو.


اھڙي ريت ساڳي سال ھن مزاحيا عيد پلي شادي ڪراڊ ۾ اداڪاري ڪئي ۽ ھن سان گڏ مک ڪردار ۾ رشيد سومرو بھ گڏ ھو. ان کانسواءِ ھوءَ 1991 کان اڄ ڏينھن سڌو پي ٽي وي جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڪمپئرنگ بھ ڪندي رھي آھي. جيڪڏھن سندس صحافتي ڪرئير تي نظر وجھجي تھ سھڻي پارس صحافي طور مختلف نيوز چينلن ۽ اخبارن جھڙوڪر سنڌ ٽي وي نيوز، مھراڻ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي، آن لائين انڊس نيوز، سوڀ اخبار، سنڌ اخبار ۽ جيجل اخبار ۾ ڪم ڪري چڪي آھي. سال 2011 ۾ سھڻي سھڻي تي ڏکن جا جبل تڏھن ڪريا جڏھن ھڪ روڊ حادثي ۾ سندس گھروارو ۽ نياڻي اريج فاطمھ فوت ٿي پيا، جنھن کانپوءِ سھڻي بلڪل اڪيلي ٿي پئي، پر پوءِ بھ سھڻي اھو چوندي نظر ايندي آھي تھ: ”زندگي تمام خوبصورت آھي، جيڪڏھن ان کي جيئڻ جو ڏانءُ ھجي تھ.....“ ھن مردن جي سماج ۾ ھڪ ورڪنگ وومن طور سھڻي جلدي ئي اھو ڄاڻي ورتو تھ ھي سماج مختلف طريقن سان عورت کي جھڪائڻ تي مجبور ٿو ڪري، ھن سماج ۾ عورت جي ٽيلنٽ ۽ قابليت جي ڪابھ قدر نھ آھي، ان رڳو ھڪ جنسي رانڌيڪو ٿو سمجھيو وڃي ۽ جيڪا عورت مردن جي اھڙي مڪروھ خواھشن اڳيان جھڪڻ کان انڪار ٿي ڪري ان کي ٻين طريقن سان تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي وڃي، کيس مالي طور بھ ڏکائين کي منھن ڏيڻو پئي ٿو، پر جيڪڏھن عورت پنھنجي ارادي ۾ مضبوط ۽ اٽل آھي تھ ان کي دنيا جي ڪا طاقت جھڪائي نٿي سگھي. سھڻي نوجوان ڇوڪرين کي بھ اھو ئي پيغام ڏيندي آھي تھ پنھنجيي خودارادي کي صحيح نموني استعمال ڪري ڇوڪريون ھر ميدان ۾ ڪاميابي ماڻي سگھن ٿيون.

سھڻي جي زندگيءَ جو رڳو ھڪ ئي مقصد آھي تھ ھوءَ ماڻھن جي ڪم اچي، ھوءَ اسانجي سماج ۾ عورت کي مرد جي برابر ڏسڻ ٿي چاھي ۽ ان لاءِ وقت بوقت آواز بھ اٿاريندي رھي ٿي. ڪتابن سان چاھ ۽ دوستي سھڻي کي سندس والد طرفان ورثي ۾ مليو آھي سنڌي ۾ ڀٽائي گھوٽ، شيخ اياز ۽ اياز گل جي شاعري وڻندي آھي، جڏھن تھ اردو ادب ۾ کيس غالب، فيض احمد فيض ۽ پروين شاڪر وڻندا آھن. ان ڳالھ ۾ ڪو بھ شڪ نھ آھي تھ سھڻي پارس جھڙيون سنڌ جون بھادر نياڻيون ئي سنڌ ڌرتيءَ جو آئيندو ۽ جياپو آھن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment