شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - جنوري - 2021ع

بشير خان قريشي: سنڌ ڌرتيءَ جو ھڪ اھم اڳواڻ


شام 04 لڳي 37 منٽ -آچر 08 ڊسمبر 2019  410 

سيد جلال محمود شاھ

image-1

ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،

ان جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان ڪوڙين ڪن سلام ،

اچيو آسڻ ان جي (شاھ)

اسين اهو چئي سگهون ٿا ته بشير قريشي هڪڙو قومي ڪارڪن هو.جيڪا نهايت وڏي ڳالهه آهي. 88 کان وٺي مختلف تجربا رهيا آهن انهن ۾بشير قريشي جي آخري ٽن سالن کان بشير خان قريشي سان جيڪو ويجهڙائي جو تجربو رهيو ته هو سياسي ميچوئرٽي تي پهچي چڪو هو. عمومن اهوڏٺو ويو آهي ته سياست ۾ ڪير ڪو ٿورو چڱو ڪم ڪندو آهي ته پاڻ کي تمام وڏو سمجهڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ۽ چو ندو آهي ته مون کان سواءِ سج لهي ئي ڪونه ٿو ۽ نه ئي مون کان سواءِ سياست ٿي هلي. اسان کان سواءِ ٻيا سڀ غلط آهن. اهو خاص هڪڙو رويو رهيو آهي.

بشير خان کي مون آخري ٽن سالن ۾ ڏٺو ته هن محسوس ڪيو هو ته ڪيڏو به ٿي وڃجي پر قومي اشوز تي قومي ٻڌي جو اگر ثبوت نه ڏبو ته هلي ڪونه سگهبو. ننڍي کان ننڍي اشو تي قومي مقصد جي حاصلات لاءِ گڏجي ساٿ نه ڏبو ته ڪاميابي حاصل ڪانه ٿيندي. هن اسان سان ٽن چئن اهڙن اشوز تي گڏجي جدوجهد ڪئي. چاهي سنڌ بچايو ڪميٽي جي نالي ۾ چاهي لوڪل گورنمينٽ جو اشو هجي، چاهي آدمشماري جي حوالي سان ڳالهه هجي. چاهي نون صوبن جي قيام جي حوالي سان ڳالهه هجي.هو هڪ نقطي تي گڏجي جدوجهد ڪرڻ لاءِ هميشه تيار هو. تمام پنهنجي جماعت جي ورڪرن کي دلي طور تي متحرڪ ڪيائين.

جنهن جو قومي نقطئه نگاه کان وڏو فائدو ٿيو ۽ ان سلسلي ۾ اسان حاصلات به ڪئي اهو بشير خان جو ساٿ هو جنهن قومي مقصدن جي حاصلات ۾ مدد ڏني. بشير خان قريشي اسان سان هر ممڪن تعاون ڪيو ۽ جنهن وقت به ڪن جماعتن طرفان غير سنجيدگيءَ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان ۾ اسان جو مددگار رهيو ۽ اسان کيس چيو هوندو ته هي اسان کان نٿو پرچي بشير خان قريشي هاڻ ان دوست کي پرچائي ڏي ۽ ان سان توهان ڳالهايو. چوندو هو ”سائين مون کي ٻه ڏينهن ڏيو آئون ان دوست ڏانهن سيڙجي وڃان ٿو. چوندو هو ته اوهان کي به گڏجي هلڻو پوندو“ ۽ چوندو هوس ته بابا جتي تون چوندين گڏ هلندس.

ڇو ته گڏجي سنڌ جي ڪاز تي هلون. گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کي به يڪجا ڪريون. ان ۾ بشير خان نهايت ڪارآمد هو ۽ نهايت بنيادي ڪردار ادا ڪيائين. آزادي جي ته تمام وڏي ڳالهه آهي پر سنڌ جي ننڍي، ننڍي اشوز تي به جدوجهد ۾ اسان گڏ رهڻ لاٰءِ تيار هو. ان ڳالهه کيس نهايت اتم ڪري ڇڏيو. سندس مٿان حملن ۽ جان کي نقصان رسائڻ جون ڳالهيون به سندس آخري ٽن سالن کان زندگي تي اثرانداز رهيون هر وقت ان ۾ رهندو هو ته ڪنهن مهل به ساڻس ڪجهه ٿي سگهي ٿو. بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جو پوئلڳ هو ۽ پاڻ کي سائين جي ايم سيد جو سپاهي سڏائيندو هو.

سائين جي ايم سيد جو هڪڙو فڪر ته واضح آهي ته اسين هڪ قوم آهيون. اسان پنهنجا حق ڪيئن حاصل ڪيون؟پنهنجا قومي حق آزادي وسيلي يا جمهوري طريقي سان ٿا حاصل ڪريون. اهي ٻه الڳ رستا آهن. پر قومي فڪر تي اسان جا سڀ دوست متفق آهن ته” اسين هڪ قوم آهيون “ حقيقت اها آهي ته پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي. هن ۾ الڳ الڳ قومون آهن جن پنهنجي قومن کي سرينڊر ڪري قوميت بنايو ۽ پنهنجي قومي ثقافتي، اقتصادي حقن جي مفادات جي حاصلات تحت ڪيو.

جنهن مهل به اسان جي ثقافتي، اقتصادي ۽ سياسي حقن کان انڪار ڪيوويندو ته اسين واپس پنهنجي قومي شڪل جو حق رکون ٿا جيڪو اقوام متحده ۾ هڪ آزاد قوم کي مليل آهي. ڪنهن به مقصد جي حاصلات ۽ جدوجهد ۾ جان جو وڃڻ کي شهيد چيو وڃي ٿو. بشير خان قريشي جي جان، جدوجهد ۾ وڃڻ، کيس شهادت جو رتبو ٿي ڏي ۽ شهادت عام موت کان بهتر هوندو آهي. بشير خان گذشته ٻن سالن کان هڪ ڳالهه کان تمام خائف هو. ته سائين جي ايم سيد عدم تشدد جو نظريو ڏنو آ ۽ اسان جي جماعتن جي اندر تشدد جو لاِڙو ڪاهي پيو آهي.

خصوصن سائين جي ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي ڪيترا دوست هٿيار کڻي ٺش ٺش ڪندا رهيا ته جيئن هنن کي پنهنجي منزل ۽ مقصدن تان هٽائي سگهجي ۽ ان مرڪز کي تباهه ڪري ڇڏجي ته جيئن گڏ ٿيڻ جي جاءِ نه رهي. ان ڳالهه جو هن مون سان اظهار ڪيو ته سائين فائرنگ ٿيندي رهي، اسان پنهنجن دوستن کي جهليندا رهياسون ۽ چيوسين ته اهي اسان مان ناهن. اها ساڳي ڳالهه 23 مارچ تي جنهن مهل بشير خان ڪراچي ۾ لکين ماڻهن جي قيادت ڪندي ويو ته ڪن ماڻهن سندس حمايت ڪري، پويان وري ٺش، ٺش ڪئي ته جيئن هو تشدد جي راه اختيار ڪري وڃي ته جيئن منزل ۽ مقصد کان هٽي وڃن.

اها تشدد جي اهڙي راه آهي جيڪا منزل ۽ مقصد کان هٽائي ڇڏيندي. ان کان تمام گهڻو خائف هو. وفات کان ست يا اٺ ڏينهن اڳ ۾ مون سان بشير خان رابطو ڪيو ۽ چيو ته سائين هينئر سائين جي ايم سيد جي ورسي اچڻي آهي سڀ جلسا ڪندا پوئين سالگره ۾ تجربو ٿي چڪو آهي ته ماڻهو هٿياربند ٿي، سن ۾ فائرنگ ڪري ويندا آهن ۽ چوندا آهن ته هاڻ آزادي ٿا وٺون. ان ڳالهه مان مون کي ڊپ لڳي ٿو ته ڪٿي سن جي مرڪز کي ڪو نقصان نه پئجي وڃي ۽ سن مرڪز کي ڦٽائڻ جي ڪا سازش نه هجي. ان ڪري ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ٺاهيو. مون چيومانس ته اڪثر دوست ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ته مڃين ئي ڪونه ٿا، هو چون ٿا ته اسان جيڪو ڪريون ٿا سو صحيح آهي. چيائين نه توهان ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ٺاهيو انتظام اوهان جو ڀاءُ ڊآڪٽرضياءُ ٿو سنڀالي ان کي چئو ته اسان سڀني کي سڏائي پوءِ جيڪو عمل درآمد نه ڪرائي پوءِ اسان جي ذميواري آهي.

ڏسو ته اسان عمل درآمد ڪرايون ٿا يا نه. اها هڪ حقيقت آهي.جيڪا سياسي ميچوئرٽي جي نشاني آهي. سياسي ميچوئرٽي ان حد تائين پهچي وئي هيس جو هن محسوس ڪيو ته اها ڳالهه اسان کي تشدد ڏانهن کڻي پنهنجي منزل کان دور وٺي ويندي. بشير خان قريشي اهو به اظهار ڪندو هو ته ”جڏهن آزاد پسند تحريڪن ۾ جنهن مهل به غير ملڪي هٿ انوال ٿيندا آهن ته اهي تحريڪون تباهه ٿي وينديون آهن.“ آئون سڀ شيون کولي ڪونه ٿو ٻڌايان پر ايترو رڳو چوان ٿو ته جيڪي به حقيقي مقامي آزادي جون جدوجهدون هجن ڪشمير کان وٺي يي ٽي تائين، اگر انهن ۾ ڌاريو هٿ پيو هوندو ته يرغمال ٿي ويون هونديون ۽ زيان ٿي ويون هونديون. ان کان به هو چڱيءَ طرح باخبر هو ۽ چيو هئائين ته ”اسان ان کان پاسو ڪريون ٿا.“

23 مارچ تي ڇا ٿيو؟

23 مارچ تي جيڪا بشير خان سنڌ جي آزادي جي ڳالهه ڪئي جيڪا هو هميشه ڪندو هو پر هن اها ڊمانڊ ماڻهن کان هٿ مٿي ڪرائي ڪندو رهيو. ان تي ڪن تنظيمن اعتراض اٿاريا ته قومپرست هتي لٽ مار پيا ڪن. فائرنگ ٿا ڪن، هيئن ٿا ڪن هونئن ٿا ڪن. جنهن کان به بشير خان با خبر هو ۽ چوندو رهيو ته ان ڳالهه کان پاسو ڪريو جنهن جي ڪري بچاءَ ٿيو. ڳالهه به پنهنجي ڪري ويو، مقصد به بيان ڪري ويو ۽ تشدد کان به پري رهيو. بشير خان جي شهادت ۽ بينظير قتل ۾ مماثلت آهي.اها ڳالهه اهم آهي مماثلت اها آهي ته هن جي مٿان فائر ٿيو ۽ هن کي زهر ڏنو ويو. ٽي وي چينلس مونجهارا ڪندا رهيا پر ميديڪل آفيسر چوي ٿو ته بشير قريشي جي جسم مان فاسفورس مليو آهي، جڏهن ڪا به شيءِ ٽيسٽ لاءِ ويندي آهي ته چئبو آهي ته پازيٽو آهي يا نگيٽو آهي؟

هي موت جو سبب آهي يا ناهي؟ معنيٰ ته ثابت آهي ته ان جي جسم مان فاسفورس نڪتي جيڪا کيس آرٽيفيشلي ڏني وئي. ڪنهن کاڌي جي ذريعي يا ڪنهن ٻي شيءِ جي ذريعي انهي ثابتي ۽ سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ڇا ايف آٰءِ آر ڪٽجڻ لازم هئي يا نه؟. جي هئي ته ڇو هن ڪيس کي بينظير جي ڪيس وانگر ايف آءِ آر نه ڪٽرائي وئي؟. اهو وڏو سوال آهي؟ جيئن بينظير جو ڪو پارٽي مان نه سندس فيملي مان ڪو پيدا ٿيو جيڪو فرياد داخل ڪرائي! فاسفورس موت جو سبب هو ته پوءِ ان جي بنياد تي ايف آءِ آر ڇو نه ڪٽي. ڪرمنل انويسٽيگيشن ٿيڻ گهرجي ها. فرياد نه ڪٽجڻ سبب رپورٽ اچڻ کانپوءِ چوويهن ڪلاڪن جي اندر جيئن بينظيرجو ڪيس اسٽيٽ ڪٽي ڇڏيو، آئون سندس نهايت شڪرگذار آهيان جو آخري جي ايمسٽ ڪائونسل جيڪا سن ۾ ٿي، اسان کي ان متعلق ڪجهه دوستن ٻڌايو ته جماعت جي اندر بشير خان قريشيءَ کان پڇا ڳاڇا شروع ٿي وئي ته تون جي ايم سيد فيمليءَ سان ايترو ويجهو ڇو ٿو ٿين؟

جواب ۾ چيائين ته ”آئون انهن کان پري ڪونه ويندس. جيڪڏهن جماعت مون کي ڪڍي ڇڏي ته ڪڍي ڇڏي آئون انهن سان گڏ هوندس.“ آئون ان لاءِ سندس نهايت شڪرگذار آهيان. اهو ان جو اعتماد هو جو هو اسان سان گڏ بيٺو رهيو. آخر تائين صلاح مشوري تائين. هو اسان جو گهڻ گهرو هو ۽ اسان سندس گهڻ گهرا آهيون. صلاح مصلحت ان لاءِ ضروري آهي ته جيئن منزل جي حاصلات ٿي سگهي، توڙي جو سياسي طريقئه ڪار مختلف رهيو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment