شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

گم ٿيل ماڻهو ۽ شهري حق


شام 05 لڳي 43 منٽ -آچر 06 آڪٽوبر 2019  90 

صدام ساگر

image-1


مُلڪ جو آئين هر شهري جي حق جو ضامن هوندو آهي. پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 9 اُن ڳالهه جو ضامن آهي ته هر شهري پنهنجي زندگيءَ قانوني دائري ۾ رهندي مڪمل آزاديءَ سان گذاري سگهي ٿو، جڏهن ته آرٽيڪل 10 موجب ڪنهن به شهري کي بنا سبب جي حراست ۾ نه ٿو وٺي سگهجي، جيڪڏهن حراست ۾ ورتو وڃي ٿو ته اُن کي 24 ڪلاڪن اندر عدالت اندر مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪرڻ لازمي آهي ۽ اُن کي پنهنجي دفاع جو پورو حق حاصل هوندو آهي.

ڪنهن شهري جو گم ٿيڻ وارو مامرو ڪا معمولي ڳالهه ناهي، اهو نه صرف سنگين پر هن ملڪ ۾ انساني حقن ۽ اظهار راءِ جي آزاديءَ جي حوالي سان انتهائي اهم رهيو آهي پر بدقسمتي سان اسان وٽ ڪوبه ادارو ناهي جو هِن مامري کي سُلجهائي يا حل ڪڍڻ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.

انساني حقن جو عالمي پڌرنامو هجي يا 73ع وارو ملڪي آئين هر ماڻهوءَ کي پنهنجي سوچ آهر اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي ۽ اظهار راءِ جي آزادي بنيادي انساني حق به آهي پر اسان وٽ پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪرڻ کي به هاڻ رياست سان دشمني تصور ڪيو وڃِي ٿو، آواز اُٿارڻ تي ان آواز کي دٻايو وڃي ٿو، جڏهن ته عوام کان احتجاج جو حق کسڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪي ماڻهو ڪِن به سببن جي ڪري کنڀي گم ڪيا ويا آهن، اُهي پڻ هن ملڪ جا برابر جا شهري آهن ۽ انهن جيآزاديءَ جو مطالبو قانوني به هوندو آهي ته اخلاقي به! پر هِتي جهنگ جو قانون هجڻ ڪري ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن. ڪير آواز اُٿاري ٿو ته اُن جو خاندان ئي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو تازو مثال؛ مسعود شاهه جي گمشدگي کانپوءِ سندس چئن ڀائرن جنيد شاهه، آفتاب شاهه، منظور شاهه ۽ غفار شاهه کي گم ڪيو ويو.

حبيب جالب چواڻي هي ديس انڌن جو آهي، ساڳئي تسلسل ۾ اِبن مُنيب ڪڙو سچ لکيو آهي.

رائج هي ميري ديس ۾ نفرت ڪا قاعده

هو جس سي اختلاف اسي مار ڊاليي

جبري گمشدگيءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته رڳو هن مهيني ۾ سنڌ مان ڪيترن شهرين کي کنڀيو ويو آهي. شاگرد يونين جي بحالي لاءِ آواز اٿاريندڙ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ حمز چانڊيو کيحيدرآباد مان کنڀي گم ڪيو ويو، شاگرد اڳواڻ ڪاشف ڀٽو کي ٽنڊو ڄام مان کنڀيو ويو، تنهن کانپوءِ ٻنهي کي آزاد ڪيو ويو. ليبر اسڪوائر مان سهيل حمايتي، انيل ۽ غني مستوئي کي کنڀيو ويو، جنهن جي پوءِ سکن ٿاڻي تي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي. گولڊ ميڊلسٽ گلشير ٽڳڙ ته سالن کان گم آهي، جنهن جي ڪا خبر ناهي ته زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو؟ سندس انصاف جا واجهائيندڙ مائٽ در در ڀٽڪيا آهن پر انصاف ۽ قانون ڳوليا نه ٿا لڀن.

گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان جوڙيل قومي ڪميشن جي سيڪريٽري فريد احمد پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب فيبروري 2019ع تائين ڪميشن کي موصول ٿيندڙ ڪيسن جو انگ 5853 هو، مارچ 2019ع دوران 62 ڪيس موصول ٿيا، جنهن کانپوءِ مجموعي ڪيسن جو انگ 5915 تائين پهتو. اِهي انگ اکر تمام ڇرڪائيندڙ آهن.

جيتري قدر سنڌ جي ڏکن ۽ محرومين جو تعلق آهي ته اُهي ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. انگريزي جي ڪلاسيڪي شاعر ۽ ڊراما نويس وليم شيڪسپيئر پنهنجي هڪ ڊرامي ۾ ڪردار واتان چورائي ٿو ته:

“منهنجي جان تي جيڪي به زخم آهن،

انهن مان هر زخم کي زبان آهي”.

هاڻوڪي دور ۾ دنيا جتي گلوبل وليج بڻجي وئي آهي، ننڍين ننڍين شين کي باريڪ بيني سان ڏٺو پيو وڃي ۽ لفظ لفظ تي تحقيق ٿئي پئي، پر تنهن هوندي به انسان جون الائي جي ڪيتريون ڪيفيتون، اڃا تائين بي زبان آهن. اڻ ڳڻيا احساس ۽ لاتعداد جذبا اظهار لاءِ آتا آهن.

21هين صديءَ ۾ به زبان بندي ۽ اظهار جي آزاديءَ جو سوال سموري دنيا ۾ زير بحث آهي. هي دور جديد ٽيڪنالاجي ۽ پوسٽ ماڊرنزم جو آهي، هتي ڪنهن حد تائين چئنلن تي ته سينسرشپ لڳائي سگهجي ٿي، اخبارن ۾ خبر کي ڇپجڻ لاءِ روڪي سگهجي ٿو پر سوشل ميڊيا تي پابندي ناممڪن آهي. تقريبن هر دور ۾، پوءِ چاهي اهو دور آمراڻو هجي يا کڻي جمهوري، ميڊيا تي تلوار هميشه جيان لٽڪيل رهي آهي سو هينئر به آهي، پر انهن تمام حُربن باوجود اڄ جو نوجوان سوال پڇڻ چاهي ٿو، غلط کي غلط چئي ٿو، انڪار ڪري ٿو ته اختلاف به رکي ٿو، ان لاءِ ضروري آهي انهن کي سوالن جو جواب ڏيڻ گهرجن.

انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ڪجهه ڏينهن اڳ لاپتا ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ ڪيل احتجاج ۾ شرڪت ڪري چيو هو ته جبري گمشدگي کي قانوني ڏوهه قرار ڏنو ويندو، هاڻي اها جنگ پڄاڻي تي پهچڻ واري آهي، پر ان تي عمل نه ٿيو، جنگ اڃا جاري آهي. ٻئي پاسي اِها پڻ تلخ حقيقت موجود آهي، جنهن جو اعتراف سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ مدبر سياستدان رضا رباني ڪيو آهي ته “ماڻهن جي جبري گمشدگي جي حوالي سان پارليامينٽ، رياست اندر رياست آڏو بيوس آهي ۽ آئين جو آرٽيڪل 6 بي فائده بڻجي ويو آهي”.

جيئن هر شهري قانون تي عمل جو پابند آهي، بلڪل ايئن ئي حڪومت تي ادارن تي ۽ بااثرن تي به قانون جو احترام لازم آهي پر بدقسمتيءَ سان هتي ڏاڍو سو گابو وارو قانون لاڳو آهي. بااثر ادارن جو ڪو فرد قانون هٿن ۾ کڻي ته اُن کي سڀ ڪجهه معاف! باقي عام شهري جي پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري تڏهن به گم!اهڙي صورتحال ۾سنگين نوعيت جا مامرا سماج اندر خوف، هراس، دهشت ۽ نفرت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ڪن ٿا، جنهن جي ڪري سماج ۾ افراتفري، بي چيني، غير يقيني ۽ بحراني ڪيفيت جنم وٺندي آهي.

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي جو اسان وٽ ڏوهه جي سزا ۽ جزا جو طريقيڪار قانون ۾ موجود آهي، جيڪي ماڻهو کنڀي گم ڪيا وڃن ٿا، اهي واقعي به ڪنهن ڏوهه جا  ڏوهاري آهن، انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کنڀي گم ڪرڻ بدران سندن خلاف عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ کپي ۽ حڪمران کي گهرجي ته گم ٿيل ماڻهن واري مامري بابت عوام کي مطمئن ڪندڙ نتيجا ڏيڻ جي ڪوشش ڪن، مامري کي ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود ڪرڻ بدران خاطر خواهه موٽ ڏين.بقول محسن داوڙ جي، “اسان کي هاڻي رياست کان وفاداري جا وڌيڪ سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي، وقت اچي ويو آهي رياست انهن سان وفاداري جو ثبوت ڏئي”. محسن داوڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير جي پڄاڻي تي به پشتو ۾ شعر زبردست پڙهيو جنهن جو مفهوم ڪجهه هن ريت آهي. “منزل چاهي ڪيتري به پري ڇو نه هجي پر اسان کي ٿڪاوٽ ناهي، اسان جيڪو بغاوت ۽ خطرن وارو رستو اختيار ڪيو آهي، اسان کي اُن تي ڪابه پشيماني ناهي”. اهو ان مان واضح آهي اُن مان ادارن کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ اڃان اِنهن وٽ وقت آهي ته ماڻهن کي جيڪا آزادي هتان جو آئين ۽ قانون ڏي ٿو اها انهن کان نه کسي وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو انهن جو بنيادي حق آهي ۽ ان حق کان شهرين کي ڪير به محروم نٿو ڪري سگهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment