شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

فطرت جي فيوريٽ سهڻي سنڌ


صبح 02 لڳي 30 منٽ -اربع 02 آڪٽوبر 2019  73 

ضراب حيدر

image-1

سنڌ سان منهنجو رشتو صدين جو آهي. اُهو ڪڏهن به ٽُٽي نٿو سگهي ڪوئي کڻي ڪيڏا به اعلان ڪري پر هن سرزمين سان منهنجو تنهنجو، اسانجو سنڱ ڇِني نٿو سگهي. اسين توهين اهڙن اعلان ڪندڙن جو نالو ان لاءِ به نٿا کڻون جو اهڙا ڪيئي نالا اتهاس جي لٽ ۾ لٽجي ويا.

تاريخ صرف اُنهن نالن کي ئي جَرڪايو جيڪي هن ڌرتيءَ جا ٻيلهپا، ٻيجل يا ٻانها بڻيا يا وري سچا سرويچ پٽ بڻيا. جنهن به سنڌوءَ جو پاڻي ۽ رزق کائي پاڻ نه ملهايو سو جهڙوڪر ’ڪَلَ مرِي‘ ويو، مطلب ته سندس ڪَتبو ۽ قبر ڪڏهن به هن ڀونءِ تي جٽاءُ ڪري نه سگهندي.


جڏهن اڃان دنيا ۾ ماڻهو جهنگلي زندگي گذاريندا هئا، جڏهن اڃا کين رهڻي ڪهڻيءَ جا افعال به نه سُجهندا هئا. جڏهن اُهي بي عقل، بي شعور ۽ بنهه جاهلت واري زندگي گهاريندا هئا. تڏهن کان سنڌ مونکي هڪڙي سڃاڻپ ڏئي هڪ لازوال تهذيب جو انسان ۽ هڪڙي شاندار تمدن جو مثال بڻايو.


آئون جيڪو صدين کان تهذيب يافته ۽ شاندار تمدن جو مالڪ آهيان، آئون جنهن سنڌ جو همير ۽ خميرآهيان اُن سنڌ رهڻي ڪهڻي، جيوت جي رواج ۽ اڻ سُڌريل انسان کي هڪڙي سُڃاڻ ۽ سڀيتا ڏني، جيڪو اڳتي هلي هِن ڌرتي هِن دنيا جو ماڻهو ۽ سُڌريل انسان بڻيو.


مُهين جو دڙو جيڪو منهنجي شاهڪار تهذيب جو شاندار اُهڃاڻ آهي، تاريخ جا قديم گرنٿ ۽ ڪتاب رگويد ۽ پُراڻ جڏهن پنهنجي حرفن جو تسلسل کڻي لکت واري صورت ۾ آيا ته سنڌ، اُنهن جملن ۾ سهڪار ۽ ساهه بڻجي تسلسل جو سلسلو بڻي.


آئون انهي سِنڌ جي ڳالهه پيو ڪريان جنهن جي عروج کي ڪڏهن به زوال ناهي آيو، انساني ارتقا جا پيرا کڻندڙ سنڌ، انساني خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جا جيڪي به گيت ۽ ترانا ڳايا آهن، سي اتهاس جي سازن ۾ اڄ به تنبوري جيان وڄندا رهن ٿا.


منهنجي سَنڌ جيڪا ڪائنات جي سِمرن تي انسانيت جا گيت ڳائيندي امن جا گهنگهرو ٻڌي سندرتا جا رقص ڪندي رهي آهي، وقت جا واچوڙا ۽ حالتن جا طوفان منهنجي سنڌ جي سيني تان تهذيب جا اُهي پيرا ڊاهي نه سگهيا آهن. نه ئي وري ڏاڍ جي ڪنهن قلم ڪنهن سياهيءَ منهنجي سنڌ جي تقدير جو پَنو/ڪاڳر ابتو لکڻ جي جرئت ڪئي آهي، ڇو ته هن ڌرتيءَ جو ڪاڳر اهڙو ته اجرو ۽ صحيفن جهڙو آهي جنهن تي ڪاتبِ تقدير کان سواءِ ڪوئي پنهنجو آئين، منشور يا ڪلام مڙهي نٿو سگهي. فطرت جيڪا سدائين هِن ڌرتيءَ جي حامي رهي آهي. ان لاءِ هي ڌرتي سدائين فيوريٽ رهي آهي.


ڇو ته سنڌ هڪ اهڙو سچ آهي جنهن کي فطرت جي چارڻ ايئن چنگ جيان چورِيو ۽ سورِيو آهي جو نه ڄاڻ ڪيترا سُلطان ڪيترا ڏياچ، سندا ڳچين ڳچ وڃائي هليا آهن، نه ڄاڻ ڪيترا عاشق ڪيترا مداح مِٿس سِر گهوري نروار ٿيا آهن. صدين کان سنڌ جو سريلو سڏ، اُهو مٺڙو مٺڙو آواز جنهن سان هُن پنهنجن کي ميڙيو سڏيو ۽ پڪاريو آهي، تن سندس سڏ تي سدائين ايئن لبيڪ ڪيو آهي، جيئن لطيف سرڪار چيو آهي ته:


مَٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هُئن ڪپار،
ته واريو واريو وڍيان سسيءَ کي سَوَ وار،
ته پڻ تند توار، مُوهان مٿائون مڱڻا.


سو سنڌ جي تنوار سِڪ ۽ پيار جو مُلهه بنهه مهانگو آهي، اُهو ڀلا ڪيئن ٿو هڪڙي نعري هڪڙي گفتي يا وري هڪڙي دؤر ۾ ملي سگهي؟؟!


ڪاش! سنڌ سرتيءَ جو قصيدو لکڻ جي مون ۾ سگهه هجي، ڇو ته منهنجي هستي، منهنجون لکڻيون، منهنجا لفظ ۽ اکر سنڌ جي سِڪ ۾ سموئجي نٿا سگهن، منهنجو جِس ۽ جاکوڙ هن سهڻي سڀيتا لاءِ ايتري ئي ننڍڙي آهي، جيترو ننڍڙو آئون پاڻ آهيان. مون جُڳن کان جيتوڻيڪ هن تهذيب ۽ تمدن جو سلسلو سانڍي کنيو آهي پر ڪڏهن به
”کڻي کوريءَ وچ ۾ آڻي پاڻ نه اڙايو اٿم“


اِها آس هوندي به ڪڏهن ته اهو ڏينهن ڪڏهن ته اُهو سورج اُڀرندو جڏهن
”منهنجي سِري سهائيءَ هيٺ“ ٿيندي.


هڪ لمحي لاءِ اِهو پڻ سوچيان ٿو ته مون جهڙا خبرناهي ڪيترا پتنگڙا آهن/هوندا جيڪي مٿو مچ کي ڏيڻ لاءِ آتا آهن ۽ شايد هاڻ اهڙو لمحو اهڙو سمئو واجهائي رهيو آهي. هڪ لمحي لاءِ شيخ اياز جون اُهي سِٽون من ۾ گهر ڪري وينديون آهن ۽ هر ويل بس اِها ڳالهه ئي سُجهندي آهي ته


”مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان“ وانگي اسانجون لکڻيون ڪنهن تلوار وارو ڪردار ادا ڪرڻ لڳنديون؟؟ اسانجي جاکوڙ اَمن جي جاکوڙ آهي، سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي جي جاکوڙ آهي، جنهن ۾ اسانکي اڃان وڏو ميدان ملهائڻو آهي، دنيا جي جديد تقاضائن کي سامهون رکي، پِڙ سنوارڻو آهي. پنهنجي حيثيت ۽ تمدن کي مُهين جي دڙي جيان اجاگر ڪرڻو آهي.


اسين هاڻي ڪنهن به آريي جي ڪاهه/يلغار يا ڌمڪيءَ کان دٻجڻ وارا ناهيون، اسين هِن جديد زماني جا قديم روايتي سنڌي آهيون، جن جي اکين ۾ اڏولتا ۽ هٿن ۾ امن جا سفيد جهنڊا آهن، وقت اچڻ تي اسين دودا ۽ دريا خان ته بڻجندا ئي آهيون پر اسانجو نياڻيون به ٻاگهل بختاور کان گهٽ ناهن اُهي به غزالا بتول ۾ شريفان جيان خون ۾ لت پَت ٿيڻ ڄاڻينديون آهن. اسين دودي جيان، غزالا بتول جيان پنهنجا چهرا خون ۾ اِن لاءِ رنگي ڇڏيندا آهيون. جو ڪڏهن به ڪو ڌاريو، ڪو غير يا ڪو دشمن اِهو نه سمجهي ته اسان جا چهرا ڪو ڊپ وچان ڪومائجي پيلا بڻجي ويا آهن، اسين ڪڏهن به ڪنهن لاءِ خارَ نه بڻيا آهيون، اسين جيئري جيڪڏهن ڪنهن کي گلاب آڇيندا ۽ مهمانوازيون ڪندا آهيون ته مئي پڄاڻان ميدان ۾، پڙ ۾ سرخ خون سان رنڱجي لال گلاب ۽ ڳاڙهيون مُکڙيون بڻجي پوندا آهيون. اِن لاءِ جو اسين دنيا جي گرد و غبار جو شِڪار نه ٿيندا آهيون، اسانجا ذهن اڄ به امن پسند ۽ ضمير زنده آهن، اسانجو اعتقاد انسان دوستي ۽ ڀائيچاري ۾ رهيو آهي.


اهو ئي سبب آهي جو فطرت به اسانکي چاهي ٿي، اسان سان پيار ڪري ٿي، اسانکي پنهنجو ڀانئين ٿي. ڇو ته فطرت پنهنجي صفتن ۽ گڻن جو پرتوءَ هِن سِرزمين کي بڻايو آهي، جنهن کي سنڌ جو نالو ڏئي، شاهه لطيف جهڙو شهزادو موڪلي اهڙو ته امر ڪري ڇڏيو آهي، جهڙي امر فطرت پاڻ آهي.


فطرت جا فيصلا ۽ مقصد اٽل آهن، اُهي هر دور ۾ نيئن انداز سان ٿيندا رهندا آهن، ڪير ٿو چوي ته قدرت يا فطرت پنهنجا معجزا، اڄ به نٿي ڏيکاري؟! اڄ به فطرت طرفان انيڪ معجزا ٿيندا رهن ٿا. جيڪي بس ڪروڌي انسان جي انڌين اکين کان اوجهل آهن، ڇو ته انهن اکين ۾ جيڪو منافقي ۽ ٻيائي جو سُرمو پاتو ويو آهي سو اهڙن رنگن کي پسي نٿو سگهي.


ڪير ڪيئن به چوي! ڪهڙا به دنيا جا جديد جوڙجڪ وارا، نون اصولن ۽ معيارن وارا نظريا پيش ڪيا وڃن، پر مون جهڙن ڪيترن چرين ۽ سنڌ جي عاشقن جي دِل اِها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ ئي تيار ناهي ته جنهن سنڌ تي فطرت جي مُهر لڳل هُجي ان جو سِڪو ڪو ٻيو بدلائي سگهي ٿو.


۽ ٻي جيڪا، وڏي ڳالهه وڏي دعا هِن ڌرتيءَ هن سرزمين لاءِ ڪئي وئي آهي، اُن دعا جا پڙاڏا ته اڄ به ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪائنات جي لاحد کان آسمانن جي ايوانن ۾ گونجندا رهندا آهن ۽ اُهي پڙاڏا سنڌ جي شهزادي لطيف سرڪار جا اُچاريل پڙاڏا آهن ته:


”سائيم سدائين! ڪرين مٿي سنڌ سُڪار“


لطيف سائين جيڪو عالمي انسانيت جو علمبردار آهي اُن جون سموريون دعائون اڄ به اسان سنڌي ماڻهن تي قرض آهن، هو جيڪي به دعائون ۽ التجائون اسان لاءِ ڪندو رهيو آهي سي اڄ به فطرت آڏو واڪا بڻيل آهن.


فطرت جنهن جو ڌيان هر وقت سنڌ جي اُن درٻار اُن آڳنڌ ڏانهن متوجهه رهي ٿو، جنهن جي احاطي ۽ ايوان مان هر لمحي تنبوري جي تار سان سندس ذڪر ”الاهو“ جي آلاپ سان نڪري ٿو ۽ هڪ الهامي روشني جي شعاع سان ڪائنات جو طواف ڪري ٿو ۽ آسمانن جي ڦهلائيندڙ اُن قدرت جي هام ڀري ٿو ته خود قدرت سنڌ تي ڄڻ موهجي پوي ٿي.
هي سمورو رنگ اُهي ماڻهو ڪڏهن به سمجهي نه سگهندا جيڪي دل جي دنيا کي فطنو فساد ۽ ڪروڌ بڻائڻ جي جستجو ۾ صدين کان وڙهندا آيا آهن. هو جتي ۾ رهيا آهن اُتان جا نه ٿيا آهن، هو جتي به رهيا آهن، اُنهن ڌرتيءَ کي ٽامي جو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر کين اِهو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ سموري سون آهي، اُها نج آهي، جنهن ۾ ڪڏهن به ڪا ملاوٽ ٿي نه سگهي آهي. جنهن به ساڻس ملڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهو ڦيٽ بڻجي ئي منجهس ضم(مٽي) ٿي ويو آهي. الڳ سان نه ٽامو ۽ نه ئي پتل، سون تي پنهنجي حيثيت قائم رکي سگهيو آهي نه وري ڪو کوٽو منجهس جَڙي سگهيو آهي.


سنڌ ته ململ جيان اڇي اُجري، شفاف ۽ بنهه حساس آهي. جنهن ۾ ڪوبه مير، ڪوبه داغ جٽاءُ ماڻي نه سگهيو آهي. جڏهن به سِنڌوءَ هڪڙو ڌوڙيو ڏنو آهي ته سمورو مير ۽ گند هِن ڌرتيءَ جي سيني تان ڌوپجي، لُڙهي وڃي کاري سمونڊ جي نظر ٿيو آهي.


سو سنڌ کي نه ڪڏهن کوٽن (ڪُوڙن) جي ضرورت رهي آهي نه وري ڪو مير ۽ يا داغ هن ڌرتيءَ کي ڪوجهو بڻائي سگهڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ويو آهي، سنڌ سون آهي جنهن بس رڳو ڦيٽ کي پاڻ ۾ ضم ڪري قبوليو آهي اهو به صرف ان صورت ۾ جڏهن ڪنهن به کري ۽ کوٽي منجهس مٽي ٿي وڃڻ جي نيت سان ٽُٻي هنئي هجي. سنڌ ته سدائين مير کي سنڌوءَ جي ڇولين سان ڌوئي سمونڊ جي نظر ڪيو آهي. مٿان وري ڀٽائي تنبوري جي تند چوري اهڙو ته ڌماڌم مست قلندر وارو نعرو هنيو آهي جو ڪوڙا ۽ ڪانئر ته ڌرتيءَ جي ڌوڙ ٿيا آهن. پر مٿس هلان ڪندڙ يا قبضي جي نيت سان اکيون کڻندڙ تاريخ جي ورقن مان ايئن رد ٿي ويا آهن جيئن علاؤالدين ٿُڏجي ويو، ۽ سندس لشڪر رڻ ۾ ٻاٿون کائي ڀٽڪي مئو، يا وري ارغون ترخان هِن ئي مٽي ۾ مدفون ٿي ويا. مٿس ڪاهون ڪندڙ يلغارون ڪندڙ ڌوڙ ٿي ويا، صديون پُڄاڻان به سنڌ اُهائي ساڳئي آهي پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ تمدن سان هلندي جُڙندي اچي جيڪا فطرت جي فيوريٽ آهي. اُن کي ڪوبه نئون نعرو نه ٽوڙي سگهي ٿو نه وري لوڏي سگهي ٿو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment