شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

سنڌي شاعري کي جديد رخ ڏيندڙ شاعر علي آڪاش


صبح 12 لڳي 04 منٽ -اڱارو 01 آڪٽوبر 2019  159 

image-1

علي آڪاش بنيادي طرح هڪ شاعرُ آهي، جيڪو گذريل ٽيهن ورهين کان وٺي، پنهنجيءَ ڏات جو اظهارُ مختلف شاعراڻين صنفن ۽ گهاڙيٽن ۾ ڪندو پيو اچي. هو 15 اپريل 1975ع تي قمبر شهر جي مشهور رازي استاد جان محمد گوپانگ ۽ ممتاز خاتون جي گهر ۾ ڄائو. پرائمريءَ کان وٺي انٽر تائين هن تعليمَ پنهنجي ئي شهر ۾ حاصل ڪئي. بي اي شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کان پوءِ ايم اي اردو ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1998ع ۾ ڪئي. جڏهن ته 2008ع ۾ هن شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان سماجيات (Sociology)۾ ايم اي ڪئي.


هُن شاعريءَ جي شروعات پرائمريءَ جي پنجين درجي کان ڪئي. 1988ع ۾ روزاني آفتاب ۾ سندس شاعرُ طور تعارفي انٽرويو ڇپيو. جنوري 1998ع ۾ سندس غزلن جو مجموعو ”ڪاڪ ڪناري شام“ ڇپيو، جنهن کي پڙهندڙن وٽان سُٺي موٽ ملي. وڏي عرصي کان پوءِ، 2017ع ۾ سندس نظمن جو مجموعو ”هينئڙو اوٺي وڳ جئن“ ڇپيو ۽ ان سال سندس شاعريءَ بابت مضمونن جو ڪتاب ”شاعريءَ جي بچاءَ ۾ ڇپيو.


2018ع ۾ سندس ٻه ڪتاب ”پڪا رڇ ڪنڀار جا“ (نظمن جو مجموعو) ۽ ”نئين ڪوِتا جو بحث ۽ ٻيا مضمون“ (تنقيدي مضمون) ڇپيا. سندس مختلف صنفن تي ٻڌل شاعراڻو مجموعو ”درويش جي تنهائي“ ڇپائيءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي. هِن ڪتاب ”گلابي اڳتي ايندڙ راهه“ کان سواءِ وٽس پنهنجن مهاڳن تي ٻڌل ڪتاب ”ادراڪ جا اولڙا“ پڻ تيار آهي.

علي آڪاش سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪرڻ کان پوءِ، حيدرآباد ۾ مختلف سنڌي اخبارن ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ ان وچ ۾ هن سوَن جي انگ ۾ ڪالم ۽ مضمون لکيا، جيڪي اڃا اڻ سهيڙيل حالت ۾ آهن. هن وقت هُو هڪ نيم سرڪاري اداري ۾ ”ڪميونيڪيشن آفيسر“ طور ڪم ڪري رهي رهيو آهي. 


علي  آڪاش 2014ع کان سنڌ ۾ شروع ٿيندڙ ادبي ”ايڪٽوازم“ جي بنياد وجهندڙ رهيو آهي. اياز ميلي جي ڪميٽيءَ جو بنيادي رُڪن، حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۽ سنڌ لٽريچر فيسٽيول جو باني ڪوآرڊينيٽر رهيو آهي. هڪ ترجمي نگار جي حيثيت ۾ هن رسول بخش جو ڪتابُ ”سنڌ پنجاب پاڻي ڪيس“ انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. جڏهن ته محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب ”سنڌ بچايو ـــــ کنڊ بچايو“ جو پڻ شريڪ ترجمي نگار رهيو آهي. هو ادبي دنيا ۾ هڪ متحرڪ ۽ صاحبِ راءِ شخصيت طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ نظم توڻي نثر ۾ لڳاتار لکندو رهي ٿو.


”ڪاڪ ڪناري شام“غزلن جو مجموعو ، جنوري 1998، ڇپائيندڙ سرمد اڪيڊمي قمبر

”هينئڙو اوٺي وڳ جئن“ نظمن جو مجموعو، جنوري 2017ع ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن قنبر

”شاعريءَ جي بچاءَ ۾“ تنقيدي مضمون، 2017ع، ڇپائيندڙ سنڌيا پبليڪيشن شڪارپور

”پڪا رڇ ڪنڀار جا“ نظمن جو مجموعو، جنوري 2018ع، ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن قنبر

”نئين ڪوتا جو بحث ۽ ٻيا مضمون، تنقيدي مضمون، سيپٽمبر 2018ع ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن قنبر

”درويش جي تنهائي“ ڇپائيءَ هيٺ


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment