شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 22 - نومبر - 2019ع

اجتماعي مفادن جو سماج کي ٿيندڙ فائدو


شام 03 لڳي 10 منٽ -آچر 25 آگسٽ 2019  270 

عرفان مهر

image-1


ٻن ڏينهن جي مينهن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪافي علائقن جي سموري سسٽم کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي نه ئي پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي. نه ئي وري اهو فقط ڪراچي يا حيدرآباد ۾ ٿيو آهي پر سڄي ملڪ جو اهو حال آهي سواءِ ڪجهه مخصوص علائقن جي، جتي هن ملڪ جي اشرافيه جو ڪنٽرول آهي. تقريبن هر کاتي ۾ ايتري ته نااهلي ۽ ڪرپشن آهي جو ان ڪري کاتا تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن. اهو ڪنهن هڪ کاتي جو پر تقريبن هر کاتي جو اهو حال آهي جو اهي ڪنهن قسم جي حڪمت عملي جوڙڻ کان قاصر آهن جو اهڙي قسم جي مسئلن کي منهن ڏئي سگھن ته جيئن زندگي جي وهنوار ۾ ڪا مشڪل درپيش نه اچي.

جيڪڏهن ڪنهن انسان ۾ سوچ ۽ فڪر جو سرشتو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي يا وري ائين به ٿي سگھي ٿو ته ڪوئي ان کي استعمال ئي نه ٿو ڪرڻ چاهي ته ان سماج جي انسانن لاءِ مسئلو نه پر مسئلن جا انبار هوندا آهن. جڏهن ڪنهن قوم جون اهڙيون حالتون هجن ته سمجھو اتي هر قسم جو مسئلو جنم وٺي سگھي ٿو، پوءِ اهو کڻي ڪرپشن، دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي، ناڪارا سسٽم، نااهل ڪامورا يا ذاتي مفادن جي شڪل ۾ هجي. جنهن قوم ۾ ذاتي مفاد قومي مفادن کان وڌيڪ سمجھيا وڃن ته ان قوم کي مختلف قسمن جا مسئلا ڪيترن ئي شڪلين ۾ درپيش ايندا آهن.

اهڙا ڪيترائي سماج رهيا آهن جن پنهنجي سوچ، فڪر ۽ سمجھه جو استعمال نه ڪيو ۽ آخرڪار تباهي ۽ بربادي کي پنهنجو مقدر بڻايو. پر ان سان گڏوگڏ دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا به واقعا ملن ٿا ته جن سماجن تاريخ ۽ تجربن مان سکي پنهنجا معاملن کي بهتر ڪرڻ لاءِ سوچ ۽ سمجھه جو مظاهرو ڪيو ته اڄ اهي دنيا جا ترقي يافتا سماج تصور ڪيا وڃن ٿا. جنهن ۾ خاص ڪري يورپ کنڊ جا ملڪ اچي وڃن ٿا جهڙوڪ فرانس، جرمني، آسٽريا، هنگري وغيره.

ان سان گڏوگڏ هن وقت دنيا تي راڄ ڪندڙ ملڪ آمريڪا پڻ انتهائي خراب ۽ مشڪل وقت گذاري چڪو آهي. ايئن نه آهي جو اهي ملڪ هميشه کان ترقي يافته رهيا آهن پر انهن ملڪن ۾ اهڙو وقت به رهيو آهي جو اتي هر قسم جون برايون مختلف شڪلين ۾ موجود رهيون آهن. ايتري قدر انهن ملڪن ۾ ڪرپشن، قتل عام ۽ جهالت رهي آهي جو اتي هڪ انسان ٻئي کي انسان ئي نه سمجھندو هيو. ان ڪري يورپ ۾ ان دور کي اونداهي دور (ڊارڪ ايجز) طور ياد ڪيو ويندو آهي. ان کان پوءِ به تقريبن سموري يورپ ۾ ٻي مهاڀاري جنگ جيڪا 1945ع ۾ پڄاڻي تي پهتي، ان وقت تائين قتل عام جاري رهيو. پر 1945ع جو سال يورپ ۾ ايتري تبديلي کڻي آيو جو ان سڄي يورپ جي تقدير ئي مٽائي ڇڏي. اهو پنهنجو پاڻ ڪونه ٿيو هو پر انهن ملڪن پنهنجي تاريخ، تجربن ۽ تباهي مان اهو سکي ورتو ته سوچ، فڪر ۽ سمجھه جو استعمال ڪهڙي طريقي سان ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي ملڪن کي ڪاميابي جي بلندين تائين ڪيئن پهچائڻو آهي.

انهن پنهنجي ذاتي مفادن کي قربان ڪري قومي مفادن کي اولين ترجيح ڏني. يورپ ۽ آمريڪا کنڊ جي ملڪن جڏهن ان سوچ کي پنهنجي زندگي جو وهنوار بڻايو ته ڪاميابي انهن جو مقدر بڻي ۽ اڄ اهي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ نئين ايجادن جي دنيا جا ترقي يافته ملڪ تصور ڪيا وڃن ٿا. ان سان گڏوگڏ ايشيا کنڊ جا ڪجهھ ملڪ اهڙا به آهن جن پڻ پنهنجي غلطين مان سکي عقل ۽ دانائي جو استعمال ڪري ترقي ماڻي. جن ۾ چين، جاپان ۽ ملائيشيا وغيره اچي وڃن ٿا.

پاڪستاني قوم کي به گھرجي ته هاڻي سوچ، سمجھه ۽ عقل مان ڪم وٺي پنهنجي ذاتي مفادن کي سائيڊ تي رکي قومي مفادن جو سوچي ته جيئن هن گلوبلائيزڊ ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگھي. جڏهن اسان گڏيل سماجي يا قومي مفادن جي ڳالهھ ڪندا آهيون ته ان جو هرگز اهو مطلب نه هوندو آهي ته انسان پنهنجي هر شيءِ ان ۾ قربان ڪري ڇڏيندو آهي پر گڏيل سماجي ۽ قومي مفاد پڻ سموري سماج لاءِ گڏيل طور تي فائديمند هوندا آهن جنهن ۾ انسان جا ذاتي مقصد پڻ پورا ٿي وڃن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ مجموعي طور سماج لاءِ ڪارائتا ٽابت ٿين ٿا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment