شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جي رھواسين سوسائٽي جي گھٽ ۾ گھٽ ڏھن سالن جي ريڪارڊ جي غير جاندار آڊٽ جي گھر ڪري ڇڏي


شام 05 لڳي 28 منٽ -آچر 11 آگسٽ 2019  97 

پيچرو ٽيم

image-1

سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي، ڄامشورو جي رھواسين گھٽ ۾ گھٽ ڏھ سالن جي سوسائٽي ريڪارڊ جي غير جانبدار آڊٽ جي گھر ڪندي چيو آھي تھ گذريل ڪيتري عرصي کان سوسائٽي جي آڊٽ نھ ٿئي آھي، جنھن جي ڪري انھن کي اھو انديشو آھي تھ سوسائٽي ۾ وڏي انگ ۾ ڪرپشن ٿي آھي جنھن جي حساب ڪتاب جو اھي حق رکن ٿا.

رھواسين جو چوڻ ھو تھ وڏي عرصي کان سوسائٽي ۾ پاڻي جي بحران سميت ٻيا ڪيترا ئي مسئلا لڳاپيل آھن، پر انھن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪنھن بھ ڌيان نھ ڌريو آھي.

ان حوالي سان پيچرو کي باخبر ذريعن وسيلي ڪجھ ڇرڪائيندڙ حقيقتن جي ڄاڻ ملي آھي:

1_ گذريل ڪيتري عرصي کان سوسائٽي جي پاڻي لاءِ رڳو ھڪڙو ٽينڪ آھي جنھن مان رڳو وڌ ۾ وڌ ٻن ڏينھن جي پاڻي سپلائي ئي ٿي سگھي ٿي، جڏھن تھ گذريل ٽيھ سالن کان فيز 2 لاءِ پاڻي سپلاءِ جو ڪوبھ ڍانچو نھ ڏنو ويو آھي.

2_ گذريل ٽيھ سالن کان ڪراچي واھ ۽ پمپنگ اسٽيشن تي رڳو ھڪ ھڪ موٽر لڳل آھي ۽ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيو ڪوبھ متبادل نھ آھي.

3_ گذريل ٽيھ سالن کان ڪراچي واھ ۽ پمپنگ اسٽيشن تي رڳو ھڪڙو ئي ٽرانسفارمر لڳل.

4_ وڏي عرصي تائين ھڪ ايڊمنسٽرٽر سوسائٽي کي ھلائيندو رھيو ۽ ان جي دور ۾ غير قانوني طور سوسائٽي جا 30 ايمنٽي پلاٽ جن جي ماليت ڪروڙين رپيا ڄاڻائي پئي وڃي بلڊر مافيا کي ڀڳڙن جي اگھ وڪرو ڪيا ويا.

5_ سوسائٽي جي ڪاپر جي تار جنھن جي ماليت 36 لک رپيا ڄاڻائي پئ وڃي غير قانوني طور وڪرو ڪئي وئي.

6_ مارچ 2019 ۾ سوسائٽي جي نئين چونڊيل انتظاميا ذميواريون سنڀاليون تھ سوسائٽي اڪائونٽ ۾ 8 لک رپيا ھئا، جن مان چار لک سوسائٽي آفيس جي ملازمن جي پگھارن ۽ ٽريڪٽر جي مرمت لاءِ ڏنا ويا.

7_ نئين چونڊجي آيل انتظاميا کي پيسن جو ڪوبھ ريڪارڊ نھ ڏنو ويو، رڳو 70000 جي ڪمرشل پلازا کي ڏنل اين او سي ڏني وئي.

8_ 6 انچن واري پاڻي سپلاءِ جي لائين جيڪا مين ٽينڪ ڀرڻ لاءِ لڳرائي وئي مان 100 جي لڳ ڀڳ غير قانوني پاڻي جا ڪينڪشن ڏنا ويا ۽ انھن تي ڪميشن ورتي وئي.

9_ گذريل 15 سالن دوران سوسائٽي ۾ 274 غير قانوني دڪان، ھاسٽلون ۽ پلازا اڏڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ انھن جي مد ۾ بھ وڏي ڪميشن ورتي وئي.

10_ گذريل وڏي عرصي کان سوسائٽي ۾ پاڻي چوري ٿي ڪيو ويو، گھٽين ۾ حد دخليون ڪيون ويون ۽ ڪجھ ھنڌن تي بااثر ماڻھن پاڻي جي مين لائين مٿان غير قانوني اڏاوتون ڪرايون.

11_ گذريل ٽيھ سالن کان سوسائٽي جي فيز 2 جي نھ تھ پاڻي سپلاءِ جو ڪو انتظام ڪيو ويو نڪو وري پاڻي جي نيڪالي جو.

اھڙي صورتحال کي سامھون رکندي سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جي رھواسين گھر ڪئي آھي تھ سوسائٽي جي گھٽ ۾ گھٽ ڏھن سالن جي ريڪارڊ جي غيرجاندار آڊٽ ڪرائي وڃي، سوسائٽي جي رھواسين کي سندس پيسيي جو حساب ڏنو وڃي، ڪرپشن ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ عيد کان پوءِ ترت سوسائٽي جي جنرل باڊي جو اجلاس ڪوٺايو وڃي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment