شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ پاور گيم


شام 04 لڳي 53 منٽ -اربع 31 جولاءِ 2019  309 

عرفان مهر

image-1



دنيا جي تاريخ شاهد آھي ته طاقت ڪڏھن به لڳاتار گھڻي وقت لاءِ ڪنھن به ھڪ قوت وٽ نه رھي آھي. ويھين صديءَ جي شروعات کان وٺي موجوده دور تائين آمريڪا دنيا جي سياسي ۽ اقتصادي معاملن تي ڪافي اثر انداز رھيو آھي. ھن وقت دنيا ۾ جيڪا اقتصادي پاليسي رائج آھي، ان تي آمريڪا جو تمام گهرو اثر رسوخ آھي. ان جو ڪارڻ ان جي مضبوط اقتصادي قوت رھي آھي. ان سان گڏوگڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ انقلابي حد تائين ترقي پڻ آمريڪا جي عروج جو سبب رھي آھي، جيتوڻيڪ آمريڪا اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ لازوال ترقي ڪئي آھي، پر چين پڻ وقت ۽ حالتن جي گهرجن کي نظر ۾ رکي دنيا ۾ پنهنجو تمام گهرو اثر رسوخ رکندو پئي آيو آهي، خاص ڪري ماضي جي ڪجھه ڏهاڪن کان.

دنيا ۾ هميشه ٻن يا ٻن کان وڌيڪ قوتن جي وچ ۾ اقتدار جون واڳون سنڀالڻ جي حوالي سان ويڙهه رهندي پئي اچي. ان اقتدار سنڀالڻ جي جنگ ۾ هميشه اها قوت اڳڀري رهي آهي، جنهن سماج جي وهنوار ۽ ريتن رسمن کي ڏسي حڪمت عملي جوڙڻ جو رواج رکيو هجي. اها هميشه انسان، تنظيم، ملڪ يا گروهه جي فطرت رهي آهي ته جيڪو نظام انهن جي گهرجن تي پورو لهندو ۽ وڌ کان وڌ ضرورتن کي پورو ڪندو ته هو ان طرف مائل ٿيندا.

چين موجوده دور ۾ پوئتي پيل ملڪن جي بنيادي مسئلن کي جاچي انهن جي لاءِ جوڳي حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ چين ون بيلٽ ۽ ون روڊ جو منصوبو جوڙيو آهي. پاڪستان‑ چين اقتصادي راهداري منصوبو پڻ ان جو حصو آهي. چين هن وقت ڏکڻ ايشيا کي ون بيلٽ ۽ ون روڊ جو مرڪز رکيو آهي. ان جي پٺيان ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگھن ٿا: مثال طور ڏکڻ ايشيا چين لاءِ ٽيسٽنگ گرائوند ٽابت ٿي سگھي ٿو، جنهن مان هو بيلٽ ۽ روڊ منصوبي جي ڪاميابي جاچي سگھي ٿو. اهڙي ريت چين وڌ کان وڌ ملڪن کي پنهنجي طرف مائل ڪري رهيو آهي ته جيئن دنيا کي پنهنجي جوڙيل حڪمتي عملين تحت هلائي سگھي. ان معاملي ۾ چين پنهنجا اقتصادي ادارا جوڙي رهيو آهي جهڙوڪ ايشين انفرااسٽرڪچر ۽ ڊيولپمينٽ بئنڪ، جيڪا انهن ملڪن کي اقتصادي طور تي مدد ڪندي، جيڪي بيلٽ ۽ روڊ منصوبي جو حصو آهن.

چين جو اهو منصوبو آمريڪا لاءِ خطري جي گھنٽي طور ثابت ٿي رهيو آهي. ان لاءِ آمريڪا چين کي آساني سان اڳتي وڌڻ نه ڏيندو ۽ هو هر شعبي ۾ ان لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ان پاور گريبنگ گيم ۾ چين ۽ آمريڪا ٻئي ملڪ ان حد تائين به وڃي سگھن ٿا، جو ان جا اثر دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ تائين پهچي سگھن ٿا. اهڙي ريت دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترائي جنونيت جا واقعا رونما ٿيندا رهيا آهن، جن جي پويان ڪيترن ئي قسمن جا سبب ٿي سگھن ٿا پرانهن مان دنيا ۾ پنهنجي مرضي واري حڪومت قائم ڪرڻ پڻ اولين ترجيح رهي آهي.

 دنيا ۾ هن وقت ڪيتريون ئي لابيز ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي دنيا جي امير ترين ماڻهن تي مشتمل آهن. انهن لابيز وٽ دنيا جي ڪنهن به اقتدار کي ايتري قدر استعمال ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جو هو انهن ملڪن کان پنهنجي فائدي واريون حڪمتي عمليون (پاليسيز) جوڙائي سگھن ٿا ۽ دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ اهو ٿي به رهيو آهي.

موجوده دور ۾ جتي ڪيترائي اهڙي قسم جا عنصر موجود آهن، جيڪي آمريڪا ۽ چين کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري سگھن ٿا. ان ڪري ٻنهي ملڪن کي گھرجي ته پنهنجيون حڪمتي عمليون اهڙي ريت جوڙين، جو ان مان گڏيل طور فائدو وٺي سگھن ۽ اهڙي قسم جي عنصرن اڳيان استعمال نه ٿي سگھن. ڪنهن به قسم جي غلط فهمي يا جلد بازي ٻنهي ملڪن کي تباهي طرف ڌڪي سگھي ٿي. هن وقت دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪافي حد تائين ترقي ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ چين سرفهرست آهن. ان لاءِ ٻنهي ملڪن کي گھرجي ته انهن جي وچ ۾ جيڪي به مسئلا هلي رهيا آهن، ڀلي پوءِ اهي ڪنهن به شعبي ۾ هجن، تن کي عقلمنديءَ سان حل ڪرڻ گھرجن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment