شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 15 - ڊسمبر - 2019ع

نور الھديٰ شاھ: سنڌي ڪھاڻي جو ھڪ نرالو نالو


شام 06 لڳي 13 منٽ -سومر 22 جولاءِ 2019  228 

ڪليم ٻُٽ

image-1

سنڌ جي مشھور ڊراما نگار ۽ ڪھاڻيڪارا نور الھديٰ شاھ جو اڄ جنم ڏينھن آھي، ان حوالي سنڌي ليکڪن، دانشورن ۽ سندس مداحن سوشل ميڊيا تي کيس شاندار ڀيٽا پيش ڪئي.

نور الھديٰ شاھ سندس عورتن جي حقن جي حوالي سان ڳلھائڻ ۽ لکڻ جي ڪري مشھور آھي، اھڙو اظھار سندس لکڻين مان صاف ظاھر ٿيندو آھي.

ھن پي ٽي وي، ھم ٽي وي ۽ ٻين ڪيترن چينلن لاءِ مشھور ڊراما لکيا آھن، سندس ڪجھ مشھور ڊرامن ۾:

جنگل

آسمان تڪ ديوار

تپش ماروي

اب ميرا انتظار ڪر

ذرا سي عورت

اجنبي راستي ۽ ٻيا شامل آھن.

جڏھن تھ سندس نالي تي چار ڪھاڻين جا ڪتاب پڻ آھن:

(1) جلاوطن

(2) رڻ ۽ رڃ جو اتھاس

(3) ڪربلا

(4) ڪيڏارو.

سنڌ ۾ کيس سندس بيباڪ اظھار جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. 80 ۽ 90 واري ڏھاڪن سنڌي سماج سندس لکڻين کي ھضم نٿي ڪري سگھيو.

2001 ۾ پنھنجين لکڻين تي تبصرو ڪندي نور لھديٰ شاھ لکيو تھ:

”ھر ليکڪ جي اندر_ اڳتي ھلي_ اھا خواھش اڀري ٿي_ تھ_ ڪاش ھو پنھنجون سڀئي ڇپيل لکڻيون رد ڪري، منظر تان گم ڪري سگھي_ ۽ وري نئين سر_ ان کي_ وري_وري رد ڪري_ ۽ وري نئين سر لکي. پر افسوس اھو ممڪن ڪونھي. لفظ ڇپجي وڃن تھ ھوا ۽ پاڻي وانگر ليکڪ جي ھٿن مان نڪريو وڃن. ان ڪري لفظ جيڪي لکجي_ڇپجي چڪا، انھن کي ليکڪ جو رد ڪيل سرمايو سمجھڻ گھرجي_ اھڙو سرمايو، جيڪو ھو پنھنجي پرھندڙن تان گھوري اڳتي وڌي وڃي ٿو. ھي ڪھاڻيون بھ ائين آھن. مون لکيون_ ڇپرايون_ ۽ پڙھندڙن تان گھوري ڇڏيون. ھاڻي منھنجي حق ۾ دعا ڪئي وڃي_ تھ آئون اھو لکي سگھان جيڪو اڃا تائين ڪانھ لکي سگھي آھيان.“

مشھور براڊڪاسٽر ۽ ليکڪ نصير مرزا نور الھديٰ شاھ جي حوالي سان لکي ٿو تھ:

”نور الھديٰ شاھ 80 ۾ ماڻڪ ۽ خيرالنساءِ جعفريءَ جي تسلسل ۾، پنھنجي ”ھئڻ“ جو اعلان ڪيو. 7 موضوعن جي نرالپ ۽ اظھار جي انوکائپ سبب، نھايت جلد، سڄي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ماڻي ورتي. 1980 ڌاري ھن جي ڪھاڻين جو پھريون مجموععو شايع ٿيو: ”جلاوطن“.... اصل ۾ جلاوطن ۾ سھڙيل افسانھ، رڳو افسانھ ئي ڪٿي ھئا! نيزي مٿان نوڪ ۾ ٽانڪيل نوان سج، جبر خلاف ”انا الحق“ جا نعرا ۽ جھڙا کنوڻ جا تجلا ھئا. سندس ڪھاڻي ”ڪيڏارو“ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيل لساني فسادن جي پس منظر ۾، انھيءَ افساني کي، سنڌي ۾ لکيل افسانن ۾، شاھڪار افساني جي حيثيت ڏئي سگھجي ٿي.“

پنھنجي حوالي سان وضاحت ڪندي نور الھديٰ شاھ لکيو آھي تھ:

”مون جڏھن سنڌي ۾ سنجيدگيءَ سان ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون ھيون، تڏھن اھو منھنجو حيرتن جو زمانو ھو. سنڌي سماج منھنجي لاءِ حيران ڪندڙ انڪشاف ھو..... پاڻ کي ھڪ اڻ برابريءَ واري ۽ ريتن رواجن ۾ ڦاٿل سماج ۾ ڏسي، منھنجي اندر ڪائي چڻنگ دکڻ کان پھرين ئي مچ ٻري پيو ھو.“

جيتوڻيڪ نور الھديٰ شاھ جي اڪثر لکڻين ۾ عورتن جي حقن ۽ برابري جي ڳالھ ڪيل آھي جھڙوڪر سندس ڪھاڻين: پاروٿو گوشت، شريف زادي، ديوارون وغيرھ مان صاف ظاھر ٿئي ٿو. پر ڊاڪٽر وحيد جتوئي کيس وجودي ڪھاڻيڪارا پڻ سڏيو آھي. ھو لکي ٿو تھ:

”نور الھديٰ شاھ ھونءَ تھ ھڪ ڪمرشل ليکڪھ آھي ڇو جو سندس گھڻو وقت ڊراماٽڪ آرٽ کي ڏنل آھي. ھوءَ افسانوي ادب جي دائري ۾ ھئڻ ڪري، دنيا جي ادبي تحريڪن ۽ رجحانن کي ذھن ۾ رکي، پنھنجي وجودي ڪھاڻين جو مجموعو ”رڻ ۽ رڃ جو اتھاس“ تخليق ڪيو.

نور الھديٰ جو اھو ڪتاب شايد، انھيءَ احساس جو ڪارڻ ھيو، جنھن جي باري ۾ سندس زباني آھي: حيوان ۾ تيزيءَ سان بدلجندڙ ماڻھو، ماڻھو جي رت جي گردش ۾ گردش ڪندڙ پاڳل پڻو، ماڻھوءَ تي سوڀ ماڻڻ جو ۽ ان پاڳل پڻي ۾ ماڻھوءَ جو ماس، ڏندن سان ڇيڪيندڙ ماڻھو، ڏندن ۾ اٽڪي پيل جيئري ماس مان ٽمندڙ رت منجھان لذت ماڻيندڙ ماڻھو.

موت ۾

ليکڪ_ فرد جي حيثيت ۾

منھنجي اندر لٿل

ڪرڀ

خوف

موت جو سرد احساس

بوريت سموري منظر کان

ڪجھ بھ نھ ڪري سگھڻ جي بي وسي

۽ اھا مسلسل بي وسي guilt جي احساس ۾ بدلجندڙ.

نور الھديٰ شاھ جيڪي وجودي فڪر ڏنو آھي، ان کان اڳ ھوءَ ذھني ڪرڀ مان گذري آھي ۽ ھڪ تماشبين بڻجي، اھو ھر ڪجھ ڏسي چڪي آھي جيڪو سندس آنا کي اجاگر ڪيو بيٺو آھي.“

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment