شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

افسانوي ادب جي حوالي سان


صبح 03 لڳي 02 منٽ -اڱارو 02 جولاءِ 2019  51 

ڪليم ٻُٽ

image-1

اسان وٽ افسانوي ادب پڙھڻ جا ڪيترا ئي ڪارڻ ٿي سگھن ٿا جھڙوڪر تفريح لاءِ، اھو ڄاڻڻ لاءِ تھ ڪنھن ڇا ڪيو، تصور جي سگھ سان اھڙين جاين تائين پھچڻ لاءِ جن جو حقيقي دنيا سان ڪو بھ سڌو يا اڻ سڌو واسطو نھ ھجي، کلڻ ۽ روئڻ لاءِ، سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ، ڪجھ گھڙين لاءِ حقيقي دنيا کان پري وڃڻ لاءِ افسانوي ادب ۾ ائين ٻڏي ويندا آھيون جو خبر ئي نھ پوندي آھي ڪٿي آھيون.

اھو تھ سڀ ٺيڪ آھي پر ھتي ھڪ سوال اڀري ٿو، اھڙو افسانوي ادب ڪھڙي نموني تخليق ڪجي، جيڪو پڙھندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي ھلي؟

ڇا ان لاءِ ھڪ ڇرڪائيندڙ پلاٽ جي ضرورت ھوندي آھي؟

ڇا ان لاءِ دل لڀائيندڙ ڪردارن جي ضرورت ھوندي آھي؟

ڇا خوبصورت ٻولي جي ضرورت پوندي آھي؟

مٿي ڄاڻيل ڳالھيون ضروري آھن، پر افسانوي ادب جيستائين پڙھندڙ تي سحر طاري نٿو ڪري، جيستائين پڙھندڙ ان ۾ پوري نموني وڃائجي نٿو وڃي ايتري تائين افسانوي ادب اثرائتو نٿو ٿئي. افسانوي ادب لاءِ اھو بھ ضروري آھي تھ ھڪ خاص وقت لاءِ ئي صحيح پر اھو پڙھندڙ تي اھو اثر ڇڏي تھ ھو ان ڪھاڻي، ناول يا افساني جي دنيا ۾ رھي رھيو آھي، انھن ڪردارن سان گڏ آھي، انھن سان ھلي ٿو ۽ سندن درد بھ محسوس ڪري ٿو.

افسانوي ادب جو سڌو واسطو پرھندڙ جي حواسن سان ھوندو آھي، اھو ھڪ خوبصورت ڄار ھوندو آھي، ھڪ اھڙو ڄار جنھن ۾ پڙھندڙ جا احساس اھڙي ئي نموني اڀرن جيئن ڪردارن جا احساس ان ڪھاڻي ۾ اڀري رھيا ھجن. افسانوي ادب اسان جي حواسن جھڙوڪر محسوس ڪرڻ، چڪڻ وغيرھ سان راند کيڏندو آھي.

افسانوي ادب ۾ ڪنھن ليکڪ وٽ وڏي ۾ وڏي طاقت سمبلزم ھوندو آھي جنھن جي مدد سان ھو ڪردارن کي بيان ڪندو ويندو آھي، عام رواجي ٻولي ۾ بيان ڪيل ڳالھيون پڙھندڙ تي خاص ڪري افسانوي ادب ۾ ايترو اثر نھ ڇڏينديون آھن. ان حوالي سان سنڌ جي ناليواري ڪھاڻيڪار امر جليل جون ڪھاڻيون، ڪپيل ٻانھن جو وارث، سچل سرمست ان ٽربل، پکي، اروڙ جو مست بھترين مثال آھن.

ھيٺ ڪجھ ڳالھيون ڏجن ٿيون جن جي ڪري اڪثر پڙھندڙ اوھان جي ڪردارن جي پرواھ نھ ڪندا آھن ۽ انھن کان لاتعلقي جو اظھار ڪندا آھن:

سڀ کان پھريان پڙھندڙ ڪڏھن بھ اھا پرواھ نھ ڪندو آھي تھ اوھان جو تخليق ڪيل ڪردار ڏاڍو سٺو آھي، ان ۾ دنيا جو ھر گڻ موجود آھي، جيئن عميرا احمد يا نمرا احمد اڪثر اھڙا ڪردار جوڙينديون آھن. اھو ڪردارن کي حقيقت کان پاسيرو ڪري بيھاريندو آھي.

اھو ممڪن ئي نھ آھي تھ اوھان جي ڪردار سان سو سيڪڙو ماڻھو سھمت ھجن، اوھان سڀني کي خوش نٿا ڪري سگھو، ان ڪري ماڻھن جي پرواھ ڪرڻ بدران ڪھاڻي ۽ ان جي پلاٽ ڏانھن ڌيان ڏيو، اوھان ڪھڙو بھ ڪردار تخليق ڪيو ان تي سوال ضرور کڄندو، پر ھڪ حقيقي تخليقڪار وضاحتون ڏيڻ بدران نوان نوان ڪردار جوڙيندو آھي ۽ اھا ئي سندس ڪاميابي ھوندي آھي ۽ ان ڳالھ جي بلڪل پرواھ نھ ڪرڻ گھرجي تھ اوھان جو ڪردار ڪنھن کي وڻيو يا نھ.

ان کانپوءِ پڙھندڙ ڪردار جي حوالي سان لاپرواھي تڏھن ڏيکاريندو آھي جڏھن ليکڪ ان ڪردار جي شخصيت صحيح نموني نھ ڏيکاري سگھي، اھو ڪردار ليکڪ جي سوچ ۾ تھ واضح آھي پر ليکڪ ڪھاڻي ۾ ان ڪردار جي عڪاسي نھ ڪري سگھيو آھي.

پڙھندڙ ان ڪري بھ ڪردار کان لاپرواھ ٿيندو آھي جو اوھان پڙھندڙ کي ڪردار جي باري ڪجھ ٻڌايو ٿا پر ڪھاڻي ۾ اھا ڳالھ ڏيکارڻ ۾ ناڪام ويا آھيو، اھڙي ڪردار کان پڙھندڙ جلد ئي لاتعلق ٿي بيھي رھندو آھي. مثال طور اوھان ڪردار جي باري ۾ اھو بيان ڪيو تھ ھو ڏاڍو مزاقي آھي پر پوري ڪھاڻي ۾ اھو ڪردار ھڪ بھ جملو اھڙو نٿو ڳالھائي جنھن تي پڙھندڙ کي کل اچي يا وري اھڙو عمل جنھن سان پڙھندڙ ٽھڪ ڏئي، اھڙي ڪردار مان پڙھندڙ بيزار ٿي پوندو آھي.

جيڪڏھن اوھان رڳو ڪردار جي شخصيت ڏيکاريو ٿا ۽ اھا سمجھاڻي نٿا ڏيو تھ ڪردار ائين ڇو آھي، ان سان بھ پڙھندڙ ڪردار کان لاتعلق ٿي پوندو آھي.

جيڪڏھن ڪنھن بھ ڪھاڻي ۾ ڪردار جو مقصد واضح نھ، اھو واضح نھ آھي تھ آخر ڪردار کي گھرجي ڇا، اھڙي ڪردار مان بھ پڙھندڙ بيزار ٿي پوندو آھي.

ان کانپوءِ جيڪڏھن اوھان ڪردار کي تضاد ۾ نھ ڏيکاري سگھيا تھ پڙھندڙ اھڙي ڪردار جي پرواھ نھ ڪندو.

اسان اڪثر ٻڌندا آھيون تھ افسانوي ادب تخليق ڪرڻ لاءِ ڪو خاص ماپو نھ آھي، بس خيال جي پختگي ھجي، پر ائين نھ آھي ڪڏھن ڪڏھن سٺو خيال بھ بيان نھ ڪرڻ واري سگھ جي ڪري دٻجي ويندو آھي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment