شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

گيلپ سروي موجب 75 سيڪڙو پاڪستاني ڪتاب نه پڙھندا آھن


شام 05 لڳي 15 منٽ -سومر 03 جون 2019  185 

image-1

گيلپ جي 2019 جي ھڪ سروي موجب 75 سيڪڙو پاڪستاني ڪتاب پڙھندا ئي نھ آھن، جڏھن تھ رڳو 9 سيڪڙو ماڻھو ججھي انگ ۾ ڪتاب پڙھن ٿا.

گيلپ 2019 جي سروي لاءِ پاڪستان جي چئني صوبن مان سيمپل گڏ ڪيو جنھن ۾ مختلف عمر جا جواب ڏيندڙ شامل ڪيا ۽ انھن کان سوال ڪيو ويو تھ: ”اوھان ڏينھن ۾ گھڻا ڪلاڪ ڪتاب پڙھندا آھيو؟ (ڪو بھ ڪتاب، مذھبي، شاعري، ناول، رسالو وغيرھ).

انھي جي جواب 16 سيڪڙو ماڻھن جو جواب ھو ھڪ ڪلاڪ، 3 سيڪڙو ماڻھن جواب ۾ ٻھ ڪلاڪ چيو، 2 سيڪڙو ماڻھن ٽن ڪلاڪن ۽ ٻھ سيڪڙو ماڻھن چار ڪلاڪن جو جواب ڏنو، جڏھن تھ 75 سيڪڙو ماڻھن جواب ۾ چيو اھي ڪتاب پڙھندا ئي نھ آھن.

ھي سروي گيلاني ريسرچ فائونڊيشن پڌري ڪئي آھي جڏھن تھ گيلپ اھا تحقيق ڪئي. ھن تحقيق ۾ ٻھراڙي ۽ شھري آبادي جي 1،178 مردن ۽ عورتن کان سموري ملڪ ۾ 23 فيبروري کان 03 مارچ 2019 تائين ڪيو ويو.

اھڙي ريت ڪھڙي قسم جا ڪتاب پڙھڻ مان اھي ڄاڻ ملي ٿي تھ پاڪستان ۾ ڪورس جي ڪتابن کان ھٽي ڪري جيڪي ماڻھو پڙھن ٿا انھن ۾ 42 سيڪڙو ماڻھو مذھبي ڪتاب پڙھڻ جو شوق رکن ٿا، جڏھن تھ 23 سيڪڙو ماڻھو سياست جي حوالي سان پڙھن ٿا، جنھن کانپوءِ تاريخ، شاعري ۽ ٻيو ادب پڙھن ٿا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment