شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 19 - جون - 2019ع

فلسفي جي استعمال تي


شام 06 لڳي 43 منٽ -آچر 26 مئي 2019  192 

ويب ڊسڪ

image-1

                                                   (ترجمو)

فلسفي ۾ راحت آھي ۽ مابعدالطبعيات جي نظر واري دوڪي ۾ بھ مزو آھي. اھو ھر شاگرد ايتري تائين محسوس ڪندو رھندو آھي جيتري تائين طبعيات جو وجود کيس پاڻ ڏانھن نٿو ڇڪي ۽ کيس معاشي جدوجھد ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ نٿو ڌڪي. اسان مان اڪثر ماڻھن زندگيءَ ۾ اھي سنھري ڏينھن ضرور ڏٺا ھوندا جڏھن فلسفي کي افلاطون چواڻي: ”اھا ٻھڪائيندڙ خوشي“ سمجھيو ويندو ھو ۽ جڏھن سچ ڄاڻڻ جي چاھ دنياوي مسرتن کان وڌيڪ اھم ڄاتي ويندي ھئي ۽ ھا اسان سڀني ۾ ڪٿي نھ ڪٿي ڏاھپ جي ان اوائلي دور ڏانھن موٽڻ جي جستجو بھ آھي. زندگيءَ جي ڪا معنيٰ ۽ مقصد آھي، جيئن برائونگ (Browning) چيو تھ: ”زندگي جي معنيٰ ڳولھڻ منھنجو داڻو پاڻي آھي.“

اسان جي زندگيءَ جو وڏو حصو بي معنيٰ آھي، ان دوران اسان پنھنجي اندر جي بحرانن خلاف جدوجھد ڪندا آھيون، پر اسان ھر وقت پاڻ کي اھو يقين ڏياريندا آھيون تھ اسان جي اندر ڪا خاص ۽ غيرمعامولي ڳالھ ضرور آھي. ڇا اسان پنھنجي اندر جي ڳجھن کي ڳولھي سگھون ٿا؟ اسان کي سمجھڻو پوندو تھ اسان لاءِ زندگيءَ جي معنيٰ ھر وقت پاڻ کي روشني ڏانھن مائل رکڻ آھي. (نٽشي Nietzsche) اسان The Brothers Karamazoo جي مٽيا (Mitya) جيان آھيون. ”اسان انھن مان ھڪ آھيون جن کي لکين روپيا نھ پر سندن سوالن جو جواب گھرجي.“

اسان شين جي زاوين، رخن ۽ قيمتن تي قبضو ڪرڻ گھرندا آھيون تھ جيئن پاڻ کي روزمرھ جي لقائن کان مٿاھون ڪري سگھون، اسان ننڍڙين شين کي ننڍو ۽ وڏين شين کي وڏو ڏسڻ چاھيندا آھيون، اسان اھو بھ چاھيندا آھيون تھ شين کي مستقبل ۾ بھ ائين ئي ڏٺو وڃي جھڙي نموني انھن کي حال ۾ ڏسجي ۽ پسجي رھيو آھي. ھاڻي وقت اچي ويو آھي تھ اسان کي مڪمل ٿيڻ گھرجي.

ٿوريو (Thoreau) چيو تھ: ”فلسفي ٿيڻ جو رڳو اھو مطلب نھ آھي تھ ڪنھن ماڻھو وٽ ڪي خاص خيال ھجن، نڪو اھو تھ ڪنھن خاص نظريئي جو بنياد رکجي. پر زندھ رھڻ لاءِ ڏاھپ سان عشق ڪرڻ ۽ ائين زندگي گذارڻ جيئن ڏاھپ ٻڌائي ٿي اصل فلسفي جو ڪم آھي. اھا زندگي سادي، آزادي ۽ ڀروسي واري ھوندي آھي.“

جڏھن تھ بيڪن (Bacon) جي خيال موجب: اسان کي ان ڳالھ تي يقين رکڻ گھرجي تھ ڏاھپ کي ڳولھي لھڻ سان ٻئي ھر شيءَ ان سان جڙي ويندي، اوھان پھريان پنھنجي ذھن اندر سٺين شين کي ڳولھيو ۽ باقي شيون پاڻھي اوھان کي ملي وينديون يا انھن جي وڃائجڻ جو اوھان کي احساس نھ رھندو. سچائي اسان کي امير تھ نھ ڪري سگھندي پر سچائي اسان کي آزاد ضرور ڪري ڇڏيندي.

ڪجھ نادان پڙھندڙن جو خيال آھي تھ فلسفو پڙھڻ شطرنج جي راند جيان اجايو آھي. ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ ڪجھ فلسفين وٽ ڪامن سينس (Common Sense) کانسواءِ ٻي ھر ڏاھپ ھئي. پر فلسفي کي سمجھڻ بنا دنيا جو ڪوبھ علم سمجھ نٿو سگھجي.

فلسفو پنجن اھم نقطن تي بيٺل آھي:

(1) منطق (Logic): منطق سوچ ۽ تحقيق جو بھترين ميلاپ آھي، پنھنجي ڳالھ دليل سان مڃرائڻ ۽ ٻئي جي صحيح دليل کي مڃڻ جو نالو منطق آھي.

(2) جماليات (Aesthetics): سونھن جو سڀ کان مٿاھون درجو ۽ آرٽ (تخليق) جو فلسفو.

(3) اخلاقيات (Ethics): ھي وري ورتاءُ جو مٿاھون نمونو آھي، جيئن سقراط چيو تھ: ”سڀ کان مٿاھين ڄاڻ سٺي ۽ خراب جي وچ فرق ڪرڻ واري ڄاڻ آھي، جيڪا زندگيءَ جي ڏاھپ جي ڄاڻ آھي.“

(4) سياست (Politics): سياست سماجي تنظيمڪاري جو بھترين نمونو آھي، پر سياست کي رڳو پنھنجي حڪومت يا تخت قائم رکڻ يا بچائڻ لاءِ چالن جو طريقو نھ سمجھڻ گھرجي.

(5) مابعدالطبعيات (Meta-Physics): ھي پرائتي حقيقت تائين پھچڻ جو علم آھي، تان جو ان تي گھڻي تنقيد ٿيندي رھندي آھي، ڇو جو بظاھر ان ۾ ٻين علمن جيان پختا دليل نھ ھوندا آھن.

پوڙھي سقراط سندس شاگرد سرٽو کي ھدايت ڪندي چيو ھو تھ:

”جيڪڏھن تون دليلن وارو آھين تھ پوءِ ڪڏھن بھ ان جي پرواھ نھ ڪجان تھ فلسفي جا استاد شخصي طور سٺا آھن يا خراب، پر رڳو فلسفي جي باري ۾ ئي سوچ ويچار ڪندو رھجان، ڪوشش ڪري ان جي صحيح ۽ سچي نموني ڇنڊڇاڻ ڪجان ۽ جيڪڏھن فلسفو خراب نڪري پئي تھ پوري انسانذات کي ان کان ڦيري ڇڏجان. پر جيڪڏھن فلسفو اھو نڪري جيڪو مان ٿو سمجھان تھ پوءِ ان جي پولڳي ڪجان، ان جي خدمت ڪجان ۽ سدائين ان لاءِ خوشيون ملھائيندو رھجان.“

(ھي ٽڪرو ول ڊورانٽ Will Durant جي ڪتاب دي اسٽوري آف فلاسفي The Story of Philosophy جي مھاڳ تان کڻي ترجمو ڪيو ويو آھي).


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment