شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

سھنجو سمجهه نـه سٽ کي نور نچوئي لک


شام 06 لڳي 00 منٽ -آچر 19 مئي 2019  186 

صنم جاگيراڻي

image-1


لکڻ ڪيترو ڏکيو ڪم آهي، ان جو اندازو هڪ سٺي تخليقڪار کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي هوندو. جيئن هيمنگوي چوندو هو ته جڏهن هو لکندو آهي ته سندس آڱريون رت ڳاڙين ٿيون. پر لکڻ لاءِ ته اکيون به رت ڳاڙينديون آهن، ڇو ته جڏهن ڪو ليکڪ پنهنجي چوڌاري جيڪي لقاءُ ڏسي ٿو، ان کي قلمبند ڪندو آهي ته هو بظاهر ته ڪوري ڪاغذ تي سٽون پيو لکندو آهي، پر ان جي دل تان ڇا گذرندو آهي. اها کيس ئي خبر هوندي آهي.

اسان وٽ گهڻو ڪري اهي ماڻهو به ليکڪ آهن، جن جو ادب سان پري پري تائين واسطو نه هوندو آهي، پر جيئن ته انهن کي پنهنجو تعارف هڪ ليکڪ طور ڪرائڻو هوندو آهي، تنهنڪري اهي ادب ۾ ڪاهي پوندا آهن. جيئن ناول لکڻ هڪ بنهه ڏکيو ڪم آهي پر اسان وٽ ان کي ايترو ته سولو سمجهيو ويو آهي جو ناول نگاري اڪ جي ماکي ٿي پئي آهي. پر هر سٺي لکڻي پاڻ ئي بيان ڪندي آهي ته اها ڪيتري وزندار آهي ۽ ان کي جنهن تخليق ڪيو آهي، ان جي پنهنجي ذهني سطح ڪيتري اعليٰ آهي.

شيخ اياز جو شعر آهي تـه

سھنجو سمجهه نـه سٽ کي نور نچوئي لک،

سٽ ھڏي جي مک ريلا تنهنجي رت جا

جيڪو به وڏو شاعر ھوندو آهي، ان جي شاعري جي اھا خوبي ھوندي آهي تـه ان جي شاعري گهڻ رخي ھوندي آهي، ان مان توهان ڪيتريون معنائون ڪڍي سگهو ٿا. شاعر ڀلي ڪنهن ٻي معنيٰ ۾ اھو شعر چيو ھجي پر ڪن جاين تـي اهو شعر توهان جي دل جي ترجماني ڪري ويندو آهي.

 جڏهن بـه مان ڪا ناقص ادبي لکڻي پڙھندي آهيان ته مون کي ھڪدم شعر جي پھرين سٽ ياد ايندي آهي تـه ”سھنجو سمجهه نـه سٽ کي“ جيڪو سٽ جو قدر ۽ اھميت نـه ڄاڻيندو اھو سٽ کي سھنجو سمجهي لکندو ۽ پڙھندو, مون کي اھو لکندي اھو ڪابـه ھٻڪ محسوس نـه ٿي ٿئي تـه ھن ويجھي دؤر ۾ جلدي مشھور ٿيڻ جي شوق ۾ گهڻي قدر نون لکندڙن سنڌي ادب جي ٻيڙي ٻوڙي آهي. لکڻ کان اڳ اھو ضروري آهي تـه توهان گهڻي کان گهڻو مطالعو ڪجي، تنهن کانپوءِ ان مطالعي جي معيار کي بھتر کان بھتر ڪري دنيا جي ادب جا شاھڪار پڙھون، جنهن صنف ۾ توهان جي دلچسپي ھجي، ان صنف جون مشھور لکڻيون پڙھو.

 ڪجهه سنڌي ناول پڙھي ائين لڳندو آهي تـه ليکڪ رڳو ”رھجي ويل منظر“ ناول پڙھيو آهي ۽ ٺوڪي پنهنجو ناول لکي ڇپرايو اٿائين يا ڪو شاعري جو ڪتاب پڙھي ائين لڳندو آهي تـه ان شاعر رڳو حليم باغي جي شاعري پڙھي آهي ۽ ان کان پوءِ ساڳيو فڪر ساڳيون تشبيھون، ساڳيا استعارا استعمال ڪري ساڳي انداز جي شاعري تخليق ڪري ڪتاب لکي تخليقڪار ٿيو آهي.

ان حساب سان جيڪڏهن حسن درس جي شاعري کي ڏسجي ته حسن درس جي شاعري نھايت خوبصورت ۽ منفرد آهي،  ان ڪري ئي هن پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ جوڙي هئي. ان جو سبب اھو تـه حسن درس شاعري جي راهه تي پنهنجي ھڪ الڳ واٽ ورتي، ان ڪنهن جو ڪتاب پڙھي وري ساڳي شاعري لکڻ جي خواهش نـه ڪئي، هو ڪنهن کان متاثر ٿي شاعر نه بڻيو هو. انڪري حسن بنا ڪتاب آڻڻ جي پنهنجي دؤر جو ۽ پنهنجي ھمعصرن مان سڀني کان مقبول شاعر ھيو. الائي ڇو نوجوان لکندڙن کي اھو وھم ھوندو آهي تـه اھي ڪو غير معياري ڪتاب لکي مھان ٿي ويندا (سندن نظر ۾ پنهنجي لکڻي اعليٰ کان اعليٰ ھوندي آهي) معذرت سان اھڙي قسم جا ناقص ڪتاب لکي ماڻهو خوار ٿي سگهي ٿو پر مھان نـه. خواري مان منهنجو مطلب اهو آهي ته اھو ڪتاب پنهنجي خرچ تي ڇپائي پوءِ وري ڀاڙا ڪرايا ڪري ماڻهن کي سندن گهر ۾ وڃي اھو ڏئي ايندا آهن. ادبي پروگرامن ۾ اھڙا ليکڪ پنهنجو ڪتاب ڪڇ ۾ کڻي ايندڙ ويندڙ جو دڳ جھلي پنهنجي ڪتاب بابت بريفگ ڏيندا آهن. مھورتون ڪرائيندا، فيس بوڪ تي اخبارن ۾ دوستن کان تعريفي ليک لکرائيندا پر ڪتاب ۾ حال نـه ھوندو تـه مفت ۾ بـه ڪو ماڻهو نه پڙھندو.

 ڪتاب لکڻ سٺي ڳالهه آهي ۽ پنهنجي پيسن سان ڪتاب وٺي پڙهڻ بـه ھڪ سٺي روايت آهي پر اھڙو ڪتاب ھرگز نـه لکجي جيڪو ڪنهن ڪم جو نـه ھجي ۽ جنهن ۾ ساڳيو پراڻو ورجاءُ ھجي. شاعري ۽ ناول ۾ رڳو ڄامشورو، يونيورسٽي ۽ ڇوڪريءَ جو پٽڪو ماتم نـه ھجي جي آهي تـه بـه ان کي اعليٰ ۽ معياري ڪري ۽ پنهنجي منفرد انداز سان لکجي. ڪا نواڻ ھجي، ڪا تازگي ھجي. باقي پاروٿن موضوعن تي لکڻ ۽ جو ساڳيو انداز ڪنهن کي وڻندو؟ ڪنهن بـه لکندڙ لاءِ ضروري آهي ته ان وٽ تنقيدي شعور ھجي ۽ ھڪ وسيع دل ھجي تـه جيئن پنهنجي لکڻي تـي پاڻ تنقيدي نگاهه وجھي پوءِ اھي خاميون ڪڍي جنهن کانپوءِ ان کي ڇپائي جي قابل سمجهي ٿو تـه ڇپائي. سنڌي ادب ۾ جڏهن سٺي ڪھاڻي، شاعري ۽ ناول موجود آهن تـه ھاڻي ان کان بـه بھتر لکجي نڪي معيار گھٽائجي ۽ مقدار وڌائجي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment