شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

پاڪستان جي زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڪردار


شام 08 لڳي 19 منٽ -اڱارو 16 اپريل 2019  256 

شبانه ميمڻ

image-1


زراعت پاڪستان جي معيشيت جو هڪ اهم جز آهي، جيڪا 18.9 سيڪڙو ٽوٽل جي ڊي پي ۾ حصيدار آهي ۽ 42.3 سيڪڙو فرد قوت جي کپت ڪندڙ آهي.  2018-2017 ع دوران زرعي شعبي ۾ 3.81 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي، مختلف فصلن جي پيداوار پٺين سالن جي ڀيٽ ۾ 3.83 سيڪڙو واڌ نوٽ ڪئي وئي. پالتو جانورن جو زرعي شعبي ۾ 58.92 سيڪڙو حصو آهي ۽ 11.11 سيڪڙو جي ڊي پي ۾ حصيدار آهي، انهي شعبي ۾ 3.76 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي  جڏهن ته پوين سالن ۾ اها واڌ 2.09 سيڪڙو رهي.

فشنگ ۾ پوين سالن جي ڀيٽ ۾ 7.17 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي. اهو مختصر جائزو ٻڌائي ٿو ته پاڪستان ۾ پاڻي ۽ بجلي جي کوٽ جي باوجود زرعي شعبي ۾ واڌ اچي پئي ۽ اهو هڪ سٺو سنوڻ آهي.

بدقسمتي سان پاڪستان هڪ زرعي ملڪ هوندي به هارين ۽ آبادگارن سان ماٽيلي ماءٌ وارو سلوڪ آهي. هاري ۽ آبادگار جيڪو سڄو سال محنت ڪري فصل اپائي ٿو ۽ مالوند ماڻهو جيڪي ڏينهن رات هڪ ڪري پالتو جانورن تي محنت ڪن ٿا، آخر ۾ انهن کي ان جو جائز منافعو به نٿو ملي، جيتوڻيڪ واپاري طبقو جيڪو هارين، آبادگارن ۽ مالوند ماڻهن کان فصل، جانور وغيره خريد ڪن ٿا، اهي ٻيڻي اگھه تي ناڻو ڪمائين ٿا.

جيڪڏهن اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪن جهڙوڪ انڊيا ۽ بنگلاديش تي نظر ڦيراينداسين ته اهي ملڪ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي ذريعي پنهنجي زرعي مصنوعات جي سٺي ريت مارڪيٽنگ ڪن پيا ۽ اتان جو آبادگار به آهستي آهستي خوشحال ٿئي پيو.

جتي انٽرنيٽ دنيا جي هر شعبي ۾ جدت سان گڏ تيزي سان ترقي آندي آهي، اتي انٽرنيٽ، مارڪيٽنگ ۾ نوان لاڙا به متعارف ڪرايا آهن. پراڻن مارڪيٽنگ جي  طور طريقن کي ختم ڪري ڊجيٽل مارڪيٽنگ متعارف ڪرائي آهي، جتي وڪڻندڙ ۽ خريدار انٽرنيٽ ذريعي ڳنڍجي ويا آهن ۽ روايتي واپاري جي جاءِ ختم ٿي وئي آهي. ان جدت جو وڏي ۾ وڏو فائدو اهو ٿيو آهي ته آبادگار کي پنهنجن شين جو جائز اگهھ ۽ خريدار ڳولي لهڻ آسان ٿي ويو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ خريدار کي به هڪ کان وڌيڪ وڪرو ڪندڙ هڪ ڪلڪ جي مفاصلي تي ملي وڃي ٿو.

جيڪڏهن اسان ڊجيٽل مارڪيٽنگ جو مثال وٺون ته ان ۾ ڪافي نالي واريون ڪمپنيون پنهنجن ايپس ذريعي مختلف شعبن ۾ وڪڻندڙ ۽ خريدار کي ڳنڍي ڇڏيو آهي. ان ۾ سرفهرست cream ايپ آهي، جيڪا هڪ ٽيڪسي سروس آهي. ٻيو مثال  OLX جو آهي، جتي وڪڻندڙ ۽ خريدار مختلف شيون خريد ۽ فروخت ڪري سگھن ٿا. جيڪڏهن ان قسم جو ڪاروبار انٽرنيٽ ذريعي ٿي سگھي ٿو ته زرعي شعبي ۾ ڇو نٿو ٿي سگھي.

مٿئين تجزيي جي نتيجي ۾ اسان اهو اخذ ڪري سگھون ٿا ته هڪ جديد ايپ ٺاهجي جنهن ۾ هاري، آبادگار، مالوند ماڻهو ۽ خريدار کي ڳنڍجي. ان سان هاري ۽ آبادگار  پنهنجي فصل،پولٽري، مڇي، مال متاع وغيره جو سڌو واپار ڪري سگھندا.

ان حوالي سان ڪافي پيچيده مسئلا اچي سگھن ٿا، جيڪي آءِ ٽي جي ماهرن جي صلاح مشوري سان حل ڪري سگجهن ٿا. جهڙوڪ وڪڻندڙ ۽ خريدار جي شين ۽ ڏيتي ليتي کي ڪيئن محفوظ بڻائجي. ان ۾ امڪاني طور تي فراڊ ۽ رسڪ کي ڪيئن گھٽ ڪجي. ان لاءِ اسان کي بهتر انداز سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڻ کي جديد ٽيڪنالاجي سان سلهاڙي مارڪيٽ تائين رسائي کي آسان بڻائڻو پوندو.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment