شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 19 - جون - 2019ع

سقراط هڪ ئي هو


شام 03 لڳي 11 منٽ -سومر 25 مارچ 2019  254 

حفيظ ڪنڀر

image-1

 

 


 شيخ اياز لکيو هو ته "لطيف لطيف آهي، اياز اياز آهي." سندس ان مختصر جملي ۾ کڻي ڪير شيخ اياز جو گهمنڊ غرور آرٽسٽڪ انا ڳولي پر ان جملي ۾ ٻن شاعرن جي الڳ سڃاڻپ ۽ حيثيت جي خبر پوي ٿي. اها الڳ دور جي به ڳالهھ آھي ته شاعري جهڙي شعبي ۾ جدا تجربن جي به ڳالهھ آھي.

گليلو چيو هو ته شين جي تڪ تور ڪريو، جيڪي شيون تري نٿيون سگهن تن کي تور لائق بڻايو. پر اسان جهڙي سماج ۾ اهو ممڪن به آهي يا نه ته ڪنهن شيءِ، ڪنهن ماڻهو، ڪنهن ماڻهو جو جيترو ۽ جيڪو ڪم هجي، ان جي ايتري تڪ تور ڪري سگهجي؟ يا جنهن جو جيترو پورهيو هجي، ان کي نه وڌائي پيش ڪجي نه گهٽائي پيش ڪجي جيڪا ڪوالٽي هجي اها پيش ڪجي؟ رڳو "محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگھائيو" واري محبت کان به ٻاهر به حقيقتون جاچجن. دنيا ۾ علمي صراف هجن يا سريلنڪا جا سونارا هجن، اهي بنا تور جي نه سون وٺندا نه بنا تجزياتي ذهن جي ڪو پنو پڙهندا يا ڳالهھ ٻڌندا.

سائين جاويد ڀٽي صاحب جي المناڪ موت تي آئون سوڳوار آهيان. جيڪڏهن يونيورسٽي دور ۾، فلاسافي مائنر جي سبجيڪٽ جي شاگرد طور سائين جاويد صاحب سان ڪجهه ڪچهريون نه به هجن ها ته به آئون ان ئي ڏک جي ڪيفيت ۾ هجان ها. هو هڪ ٽيچر هو ۽ اهڙي منفرد سبجيڪٽ جو ٽيچر هو جنهن سبجيڪٽ طرف صدين کان انسان جي روش ئي عجيب رهي آهي. آئون ان سوڳوار ماحول ۾ ڪي ڳالهيون ٻڌي رهيو آهيان ۽ سوشل ميڊيا تي پڙهي رهيو آهيان. انهن تي غور ڪري سوچيان ٿو ته اهي ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي دعويٰ خود جاويد ڀٽي صاحب ڪڏهن زندگي ۾ به نه ڪئي. اسان جو پنهنجو اعتماد ڪيڏانهن وڃائجي ويو آهي، اسان جي فرد جو اعتماد ڪڏهن بحال ٿيندو جو ڪنهن کي "سنڌ جي ارون ڌتي راءِ" جي لقب خطاب سان ڪا انسيت نه رهندي. هو پاڻ هڪ الڳ وجود ۽ حيثيت رکندي. سڌ ڪرڻ، رشڪ ڪرڻ انساني فطرت آهي. ڪنهن کان متاثر هجڻ الڳ آهي پر اها به حقيقت آهي ته جيئن سنڌ جو لطيف هڪڙو ئي آهي تيئن هندستان جي ارون ڌتي راءِ به هڪڙي ئي آهي. ڀلا هندستان ۾ ڪنهن پاڻ کي ارون ڌتي راءِ جي متبادل طور پيش ڪيو آهي ڇا؟ جواب نه ۾ ملندو. فرض ڪريو جيڪڏهن سروپان نالي سان سنڌ جي ڪا عورت سنڌ جي ارون ڌتي راءِ آهي ته هندستان جي ارون ڌتي راءِ سنڌ واري سروپان هوندي.

منهنجي خيال ۾ انهن ادي بدي جي خطابن سان نه علمي ادبي قد ڪاٺ وڌي ٿو نه ئي اسان ڪنهن جي ڪنٽريبيوشن جي صحيح ڪٿ ڪري سگهون ٿا. بلڪه ان جي ابتڙ اسان رڳو خطابن جي ادلي بدلي ۾ ڦاسي وقتي لذت اطمينان حاصل ڪري حقيقت کان پري به ٿي سگهون ٿا.

منهنجي هن ڳالھه کي ذاتيات جي دائري کان ٻاهر رکي جانچڻ گهرجي.آئون اڄڪلھه فلاسافر جي جي تعريف ڳولي ڳولي پڇي پڇي ٿڪي پيو آهيان.

اسان سنڌي ماڻهو جيڪي فلسفي جي عرق ريزي به شاعريءَ جي ڪتابن مان ڪرڻ وارا آهيون. ان ڪري اسان شاعرن ۽ فلسفين جي فرق کي سمجهڻ کان عاري آهيون. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن فلسفو شاعري مان ئي ڳولي ڪڍڻو آهي ته پوءِ لطيف جي شاعري مان ئي فلسفو ڇو ڪڍجي. سانوڻ فقير توڙي شيخ اياز کان وٺي شاعرن جي وڏي قطار پئي آهي. انهن سڀني جي شاعري مان فلسفو ڪڍي کين فلاسافر ڇو نه قرار ڏجي؟

اوهان کي هتي ٻڌائيندو هلان ته فلسفي جا ڪيترا ئي شاگرد افلاطون جهڙي فلسفي کي به شڪ جي نگاهه سان ان ڪري ڏسندا آهن جو افلاطون به هڪ "ٻي دنيا" جون ڳالهيون ڪري ذري گهٽ الهيات يا Theology جون سرحدون ٿو وڃي ڇهي. جڏهن ته فلسفي ۾ مادو بنيادي شيءِ آهي. ان ڪري فلسفو جتي "بنيادي عقيدن" تي تنقيد ڪري ٿو، اتي فلسفي جو ڪم اهو به آهي ته "مادي کي اڳيان رکي هن ڪائنات جي تشريح ڪري." مٿين مختصر ڳالهين کانپوءِ اسان اندازو ڪري سگهون ٿا ته هڪ فلسفي ڪير آهي؟ يا ٿورو هيٺ لهي سمجهي سگهون ٿا ته دانشور ڪير ٿو ٿي سگهي؟ سڄي دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دانشور هوندا آهن پر هر لکندڙ کي دانشور سمجهڻ جهڙي حرڪت ڪندي لفظ دانشور جو حشر لفظ "ڪامريڊ" جهڙو ڪري رکيو آهي. عقل کي استعمال ڪندي تجزياتي تنقيدي سوچ کانسواءِ ڪو ماڻهو دانشور ٿي ئي نٿو سگهي ۽ دانشور لاءِ لازمي به ناهي ته هو پبلڪ يا سرڪار جي پاپولر راءِ سان متفق هجي. ان ڪري اوهان ڏسندا ته سارتر کان وٺي برٽرينڊ رسل اڪيلي سر احتجاجي بينر کڻي بيٺل نظر ايندا.

انهن ماڻهن منجهان ڪنهن ماڻهو پاڻ کي سقراط قرار نه ڏنو هو نه ئي انهن جي پويان ايندڙن اهڙو خطاب کين ڏنو هو، ڇو ته سارتر جو الڳ مقام آهي ته رسل جي الڳ حيثيت آهي. جيئن سارتر هڪ ئي پيدا ٿيو، وجودي فلسفو بيان ڪري هليو ويو، تيئن صديون اڳ سقراط به هڪ پيدا ٿيو. زماني جي ابتڙ پنهنجا خيال پيش ڪيائين، ماڻهن کي سوچڻ سيکاريائين، ديوتائن جو انڪار ڪري، جاهلن جي اڪثريت هٿان ان ڏوهه ۾ زهر جو پيالو پي هليو ويو. ان کان پوءِ جرمن مان فلسفين جي  قطارن ۾ ڪوبه "جرمني جو سقراط" پيدا نه ٿيو نه ڪنهن جرمن ڪنهن هڪ جرمن فلاسفر کي "جرمني جو سقراط" قرار ڏنو.

شايد اسان پنهنجي ڏک جي گهڙي ۾ جذباتيت سبب ائين ٿا ڪري ويهون جو فلاسافي شعبي جي هڪ سٺي ٽيچر کي سقراط جو ھم پلي قرار ڏئي ٿا ويهون. جڏهن ڪجهه عرصي کان پوءِ ڏک جي لڪ ۽ لوساٽ جھڪي ٿي ٿئي. ماڻهو سقراط بابت سوال پڇن ٿا ته اسان وٽ جواب نٿو هجي.

مون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جاويد ڀٽي صاحب جو تصوف بابت ويهن منٽن جو يوٽيوب تي رکيل ليڪچر ٻڌو، ان ليڪچر ۾ مون کي ڪا خاص ڳالھه نه ملي سواءِ ان جي جو شريڪ ماڻهن جا حيران ڪندڙ ڪمينٽس ۽ سوال به هئا ۽ انهن جا جواب بي ربط هئا. هڪ پروفيسر ته باطني علم حاصل ڪرڻ لاءِ جڳھه جي تلاش جو پڇي رهي هئي. هاڻ فرض ڪريو ان ئي پروگرام ۾ جيڪڏهن انائونسر  جاويد صاحب کي "سنڌ جو سقراط" ڪري اسٽيج تي گهرائي ها ته پڪ سان سائين جاويد ان خطاب کي اهو چئي رد ڪري ها ته سقراط ھڪ ئي هو جيڪو يونان جو هو. ان ليڪچر ۾ علامه آءِ آءِ قاضي کي جاويد صاحب الائي ڪيئن وڏو فلسفي ڪري نه فقط پيش ڪيو آهي پر علامہ آءِ آءِ قاضي طرفان مسلم فلاسافي جا ٻه واليوم ترتيب ڏيڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اهي ڪتاب ڪنهن کي سجهن ته مون کي ٻڌايا وڃن. جڏهن ته مون مسلم فلاسافي تي علامه صاحب جا اهي ٻه ڪتاب ناهن ٻڌا.

جيستائين سائنس موت تي غالب پئجي تيستائين موت برحق آهي، موت معمو آهي، موت الميو آهي ۽ جيڪڏهن موت المناڪ هوندو آهي ته ماحول کي گهڻو سوڳوار ڪري ڇڏي ٿو عزيزن، رشتيدارن، چاهيندڙن، دوستن احبابن کي ڊپريشن ۾ وجهي ٿو، اسان جهڙي سماج ۾ جتي علمي قحط به هجي ته اتي ڪنهن پڙهي لکي يا ٿوري به روشن خيال انسان جو وڇوڙو وڏو نقصان هوندو آهي. پر ان نقصان سان گڏ اهو نقصان به ٿئي ٿو جو اسان پاڻ کي پرسو ڏيڻ لاءِ جتي ٻيا جتن ڪريون ٿا، اتي انهي ماحول ۾ پنهنجي وجود جي مڃتا لاءِ به جتن ڪريون ٿا. ڪنهن جو ڪو علمي تخليقي تحقيقي ڪم ڀلي نه هجي پر اهڙن موقعن تي المناڪ موت جي ڪري سوڳوار ماحول مان موڪلائي ويندڙ روح  جا ڪي پراڻا دوست به نڪري ايندا آهن ته ڪي حادثاتي موت جي پسمنظر ۾ نوان چهرا به سامهون اچي ان گهڙي ۽ ماحول جو فائدو وٺي "انٽيليڪچوئل"، دانشور، مقرر، مداح ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڳوٺائين جو حق الڳ ۽ اول ٿي ويندو آهي.

ٿي سگهي ٿو ڪنهن موڪلائي ويل روح سان ڪچهري به نه ڪئي هجي، ان جي ڪم کي پڙهيو به نه هجي، هن کي اها به خبر نه هجي ته ڪنهن ڪجهھ لکيو ئي نه هجي. ايستائين جو ان جو نالو به نه ٻڌو هجي پر ان شخصيت جي ري انٽروڊڪشن يا هڪ حد تائين فرسٽ انٽروڊڪشن جي سوڳوار سرگرمين کان ضرور متاثر ٿيندا. ان ماحول ۾ ڪنهن جي ادبي تحقيقي، تخليقي وٿ متعلق سوال پڇڻ ته تمام ڏکيو هوندو آهي پر ڏک ۽ جذبات جي ماحول ۾ جيڪو ڪجهه به ٻڌجي سو ڪنن جي اکين تي رکڻ آسان به هوندو آهي ته سڪون ڀريو به. پوءِ چاهي ڪنهن کي سنڌ جي ارون ڌتي راءِ چئجي يا سنڌ جو سقراط چئجي.

 


(سنڌ ايڪسپريس جي ٿورن سان)

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment