شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 25 - مئي - 2019ع

زينب ڀيو ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي ڦاهي ۽ هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي

تازھ ترين

محترم عبدالواحد آريسر جو، سنڌ جي تاريخ سان ڪيل ويساهه گهاتي بابت ڪالم نويس انعام شيخ ڏانهن لکيل تاريخي کليل خط


شام 03 لڳي 46 منٽ -خميس 14 مارچ 2019  245 

image-1

مُحترم انعام شيخ،

سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ

حق موجود! اميد ته خُوش هوندؤ!

ڪافي ڏينهن کان پوءِ 22 مئي 2004ع تي شام جو ساڍي چئين وڳي، پريس ڪلب حيدرآباد ۾ پنهنجي ملاقات ٿي هئي، ۽ ڏاڍي سٺي ڪچهري ڪئيسون. اُنهيءَ ڪچهريءَ کي في الحال پاسيرو رکندي، آءٌ صرف نياز همايونيءَ جي ترجمي ڪيل ڪتاب ”تاريخ تازه نوائي معارک“ جي اشاعت جي باري ۾ پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو هتي حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو، جنهن ۾ اوهان چيو هو ته ”ڪتابُ، ڪمپوزنگ لاءِ ڏئي ڇڏيو اٿم، پر اُن مان ڪافي مواد حذف ڪرڻو پوندو، ڇو ته اهڙي مواد جي موجودگيءَ ۾ خاص ڪري پير صاحب پاڳارو ۽ سنڌ جا ڪجهه مير صاحبان ناراض ٿي پوندا.“

مون اُن وقت ئي توهان جي راءِ سان اختلاف ڪيو هو ته ”تاريخ جيئن لکي وئي آهي، تيئن ڇپجڻ گهرجي، اُن ۾ ڀلي ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو چهرو ڪيئن ۽ ڪهڙو به نظر اچي. اُن جو ڏوهه تاريخ جي آئيني کي نه ٿو ڏئي. سگهجي، ڇو ته اهو داغدار ٿي نه ٿو سگهي.‘ انهيءَ سلسلي ۾ مون توهان کي نثار هَڪڙي جو مثال ڏنو هو ته ”Freedom at mid night“ جو نثار هڪڙي طرفان سنڌي ترجمو ڪتابي صورت ۾ ڇپيل، جڏهن نثار هڪڙي جي پُٽ آفتاب شعبان ميراڻيءَ کي تحفي طور ڏنو، ته آفتاب شعبان ميراڻيءَ نثار هڪڙي جي پُٽ کي چيو ته ’مون هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڙهيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته جناح سوئر کائيندو هو. ڇا نثار صاحب اهو به ترجمو ڪيو آهي؟‘ ڇوڪري کيس جواب ڏنو ته ”ها، سائين! پر حيرت انگيز اها ڳالهه آهي ته بابا 19 گريڊ جو آفيسر هو، ۽ ڪتاب سندس نوڪريءَ دوران ڇپيو هو، پوءِ به کيس اُن تي ڪو به خوف نه هو-‘ جڏهن ته توهان سنڌي ادبي بورڊ جا سيڪريٽري آهيو ۽ ڪتاب مان ڪجهه حصا پنهنجي نوڪري هلي وڃڻ جي خوف کان حذف ڪرڻ چاهيو ٿا؟ ڇا توهان اُهي ئي انعام شيخ آهيو، جيڪي رهبر سائين جي.ايم. سيد کان وٺي محترم محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين بزرگن تي تنقيد ڪندا رهيا آهيو ته هنن ڪجهه به نه ڪيو آهي. هنن ڪجهه ڪيو آهي يا نه ڪيو آهي، پر مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هن (م.ا. جويي) ڪڏهن به رزق ڦرجڻ جي خوف کان تاريخ جي ڇپائيءَ ۾ خيانت نه ڪئي آهي ۽ توهان آهيو جيڪي معمولي آ سائشن جي مهاڄار ۾ ڦاسي، سنڌ جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺا آهيو. هتي مون کي عبدالحميد ’عدم‘ جو شعر ٿو ياد اچي، جنهن جو مفهوم هن ريت آهي ته: ”عدم! توکي انسانيت جي شرف جو قسم، ڪنهن حقير خواهش کي خُدا نه بنائجانءِ!“

- ۽ توهان جهڙو روشن خيال سڏائيندُڙ ۽ ”سوچ جو سفر“ جهڙو ڪتاب ترجمو ڪندڙ شخص، ايڏي مصلحت جو شڪار؟ جملي معترضه طور آءٌ اهو چوڻ چاهيان ٿو ته توهان پاڻ اڄ ڏينهن تائين سواءِ ڪالمن لکڻ ۽ ترجمن ڪرڻ جي ڪوبه تخليقي ڪتاب لکي نه سگهيا آهيو. بهرحال، منهنجو ان ڳالهه سان ڪو واسطو نه آهي ته ڪير ترجما ٿوڪري ۽ ڪير تخليق، پر مون کي رڳو افسوس اِهو آهي ته پاڻ کي نوجوان سڏائيندڙ، ايڏي بزدليءَ ۽ مصلحت پسنديءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا، جيڏا توهان ٿيا آهيو!

توهان جي ان مصلحت پسنديءَ جو ثبوت ته ’ٽماهي مهراڻ‘ جي تازي پرچي مان ئي ملي ويو آهي، جنهن ۾ ’مهراڻ‘ رسالي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، پير صاحب پاڳاري جو تازي عيد تي ڪيل خطاب، وڏي اهتمام سان شايع ڪيو ويو آهي. ائين اڳي ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته ڪنهن مذهبي پيشوا جو روحاني خطاب، ’مهراڻ‘ رسالي جي پهرين صفحن جي زينت بڻيو هجي؛ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ سياسي اثر رسوخ جي ڪري تمام وڏا باڪمال اديب ۽ دانشور اقتداري ايوانن ۾ رهيا آهن، پر انهن کي ’مهراڻ‘ جي صفحن ۾ اهڙي اهميت نه ڏني وئي آهي.

ٻي ڳالهه ته پير صاحب جي باري ۾ جيڪو مواد توهان ’تاريخ تازه نوائي معارک‘ مان جيڪو مواد ڪڍڻ چاهيو ٿا، اهو ڪيترا ڀيرا سنڌي رسالن ۾ ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ خاص ڪري ماهوار ’پيغام‘ ۽ ماهوار ’تحريڪ‘ اچي وڃن ٿا. انهن ۾ پير صاحبن طرفان ميرن سان ڪيل قرآن تي لکيل واعدا ۽ معاهدا پڻ ڇپجي چڪا آهن، جنهن تي موجوده پير صاحب پاڳاري ڪڏهن ڪو به اعتراض نه ڪيو آهي. سياسي اختلافن جي باوجود موجوده پير صاحب پاڳارو سنڌ ۾ هن وقت وڌ کان وڌ پڙهيل ۽ روادار سياستدان آهي، ان جو ثبوت اهو آهي ته جڏهن ڊاڪٽر سکرالدين، سورهيه بادشاهه تي لکيل پنهنجا مضمون پير صاحب کي ڏيکاريا ته پير صاحب خُوش ٿيڻ بدران ڊاڪٽر کي چيو ته ’جيڪڏهن تاريخ ائين لکندؤ، ته پوءِ ڪير پڙهندو؟ اهي ته قصيدار آهن‘.

باقي جيتريقدر ميرن جو تعلق آهي ته اُنهن جي باري ۾ مواد حذف ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، ڇو ته سندن باري ۾ منشي عطا محمد شڪارپوريءَ کان وڌيڪ مواد ٻين ڪتابن ۾ اچي ۽ ڇپجي چڪو آهي، ۽ خود مُنهنجي ڪتاب ”ڇا ته شخص هو“ ۾ اهڙو مواد، پروفيسر ڇٻلاڻيءَ جي حوالي سان اچڻ وارو آهي. اهو سڀ ڪجهه آءٌ ان لاءِ لکي رهيو آهيان، جو توهان جو واسطو جيئن ته عرفان الله مروت سان آهي، انڪري کيس راضي ڪرڻ لاءِ توهان احمد شاهه ابداليءَ (دُرانيءَ) ۽ مدد خان پٺاڻ بابت مواد پڻ تاريخن مان خارج ڪري سگهو ٿا. توهان جو اهو رويو، توهان جي انهن سمورين لکڻين/ ڪالمن جي نفي ڪري ٿو، جن ۾ اوهان سنڌي اديبن کي سونهري خراب ڏيکاريا هئا. جنهن وزير صاحب جي ماتحت رهي، توهان کيس بوٽ کڻي پارائڻ لاءِ تيار آهيو، اُن جي لاءِ پاڪستان جو هڪ اڳوڻو بيورو ڪريٽ ۽ نامور صحافي الطاف گوهر، پنهنجي ڪتاب ”لکهتي رهي حکايت جُنون ۾ لکي ٿو ته ”جيڪڏهن عرفان الله مروت ڪنهن جو کيسو ڪٽيندي پڪڙجي پوي ته ماڻهن کي اُن تي حيرت نه ٿيندي، پر جيڪڏهن اهو ئي ڪم مولانا ستار نيازي ڪري ته ماڻهن کي ڏندين آڱريون ضرور اينديون.“

هي سڀ ڪجهه مون ان ڪري لکيو آهي ته مون کي اسان جي جهوني نسل سان پيار وڌندو ٿو وڃي ۽ اوهين جيڪي اڇن قلمن هوندي به پاڻ کي نوجوان ٿا سمجهو، تن تان اعتبار کڄندو وڃي ٿو. اسان جتي حقيقي طرح سنڌ کي بچائڻ جو ابر پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي، اُتي توهان جهڙن نام نهاد نوجوانن کان پنهنجن ادارن کي بچائڻ جو پڻ حوصلو اٿئون.

معاف ڪجو. خط ڊگهو ٿي ويو آهي، پر هي دل جو ڳالهيون هيون، ۽ جڏهن دل پنهنجو درد بيان ڪرڻ شروع ڪندي آهي. ته اُها گهڙيءَ جو گهاءُ صدين تائين پکيڙي ڇڏيندي آهي. اُن سان گڏ آءٌ توهان کان اها اجازت به وٺان ٿو ته آءٌ هي خط پريس کي به جاري ڪري رهيو آهيان، ته جيئن تاريخ جي رڪارڊ تي رهي ۽ اوهان کي اها به خبر پوي ته اوهان آريسر کي سڃاتو ئي ناهي، جيتوڻيڪ توهان ننڍيءَ عمر کان وٺي منهنجي سرڪل ۾ رهيا آهيو.

جيڪڏهن توهان ”تاريخ تازه نوائي معارک“ جيئن جو تئين نٿا ڇپائي سگهو. ته پوءِ اُن جو ڇپائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. سنڌ ۾ ڪافي اهڙا نجي ادارا موجود آهن، جن جي ذريعي اسان اها تاريخ ڇپائي سگهون ٿا- ۽ مون کي خبر ناهي ته نياز همايونيءَ کي سنڌي ادبي بورڊ انهيءَ ترجمي جي ادائگي به ڪئي آهي يا نه؟ جيڪڏهن ڪئي وئي آهي ته اُن جو حساب ڪتاب ڏياري موڪليو، ڇپائي ڪندڙ نجي ادارو اوهان کي اها رقم ادا ڪري ڇڏيندو. بهرحال، اسين نٿا چاهيون ته توهان مسخ ٿيل تاريخ ڇپايو. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته اسان سخت احتجاج ڪنداسون.

توهان جو خير انديش

عبدالواحد آريسر

25-05-04

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment