شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

فلم جي تعريف نه ڪرڻ تي ڪنگنا بالي ووڊ اسٽارز تي چڙي پئي


شام 02 لڳي 38 منٽ -اربع 06 فيبروري 2019  139 

پيچرو ٽيم

image-1

بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت پنهنجي نئين فلم جي تعريف نه ڪرڻ تي بالي ووڊ اسٽار عامر خان ۽ عاليا ڀٽ جي ڇنڊ پٽي. تفصيل موجب بالي ووڊ اسٽار ڪنگنا رناوت پنهنجي نئين فلم جهانسي ڪي راني مانيڪرنيڪا جي تعريف نه ڪرڻ تي بالي ووڊ اداڪار عامر خان ۽ عاليا ڀٽ تي ڇوهه ڇنڊي. 

اداڪارا جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي فلم بابت عاليا ڀٽ کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڳالهيايو پر هن ڪوبه ردعمل نه ڏنو. اهڙي طرح جيڪڏهن عامر خان جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان جي فلم دنگل جي رليز وقت مان پاڻ سندس درخواست تي فلم جو ٽريلر ڏسڻ ويس ۽ پنهنجي راءِ ڏني ۽ اڄ منهنجي فلم جي رليز جي موقعي تي عامر خان طرفان به ڪو ردعمل نه اچڻ ڏکوئيندڙ عمل آهي.

ڪنگنا رناوت پنهنجي فلم مني ڪارنيڪا ڪوئين آف جهانسي تي اعتراض اٿاريندڙن ۽ کيس هراسان ڪندڙن کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن کيس هراسان ڪيو ويو ته هوءَ سڀني کي تباهه ڪري ڇڏيندي. ڀارت ۾ راجپوتن جي تنظيم شري ڪرني سينا اداڪارا ڪنگنا رناوت جي فلم مني ڪارنيڪا ڪوئين آف جهانسي تي اعتراض اٿاريندي فلم جي هدايتڪار، پروديوسر ۽ ليکڪ کي هڪ خط موڪليو آهي جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن فلم ۾ راڻي لڪشمي ٻائي جي شخصيت کي بگاڙي پيش ڪيو ويو يا ان کي بدنام ڪيو ويو ته انهن کي اسان جي طرفان احتجاجي مظاهري کي منهن ڏيڻو پوندو. 

ميڊيا رپورٽن موجب فلم ۾ راڻي لڪشمي ٻائي کي هڪ انگريز سان رومينس ڪندي ڏيکاريو ويو آهي ان کان علاوه فلم ۾ راڻي لڪشمي جي هڪ ڊانس به شامل آهي اهو ئي سبب آهي جو ڪرني سينا فلم تي اعتراض اٿاريو آهي ۽ رليز کان اڳ پاڻ فلم ڏسڻ جو مطالبو ڪيو آهي. 

اداڪارا ڪنگنا رناوت ڪرني سينا جي ڌمڪي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هوءَ ان کي فلم جي حوالي سان هراسان ڪندڙ سمورن ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيندي. ڪنگنا وڌيڪ چيو ته چئن تاريخدانن اسان جي فلم کي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو آهي ان کان علاوه اسان کي سينسر بورڊ مان به ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ مليو آهي ۽ ڪرني سينا ان ڳالهه کان آگاهه آهي ته ان جي باوجود اهي ماڻهو لڳاتار مون کي فلم جي حوالي سان هراسان ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن انهن مون کي هراسان ڪرڻ بند نه ڪيو ته کيس چڱي طرح اها ڳالهه خبر هجڻ گهرجي ته مان به راجپوت آهيان ۽ مون کي هراسان ڪندڙ سمورن ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏينديس.

ڪنگنا رناوت جو چوڻ آهي ته لڪشمي ٻائي جي ڪردار کان تمام گهڻو متاثر آهيان ۽ ان وانگر پنهنجي زندگي ۾ ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب اداڪاره ڪنگنا رناوت جي فلم ”مانيڪرنيڪا جانسي ڪي راني“ ۾ لڪشمي ٻائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان ڪردار پنهنجي حقيقي زندگي ۾ ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment