شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 23 - اپريل - 2019ع

سريلنڪا ۾ 7 بم ڌماڪا، 156 ماڻهو مارجي ويا

تازھ ترين

سيوھڻ ويجھو روڊ حادثي ۾ سنڌي ڪھاڻيڪار ايوب عمراڻي سخت زخمي


شام 12 لڳي 58 منٽ -جمعو 25 جنوري 2019  104 

پيچرو ٽيم

image-1

سنڌي ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار پروفيسر ايوب عمراڻي سيوھڻ کان گھر ويندي روڊ حادثي ڪارڻ سخت زخمي ٿي پيو آھي، کيس ٻانھن ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳا آھن ۽ ذريعن مان ڄاڻ حاصل ڪئي آھي تھ ايوب عمراڻي جي نڪ مان رت نھ بيھي رھيو آھي ۽ ٿي سگھي ٿو تھ ھو ڪوما ۾ ھليو وڃي.

جڏھن تھ ايوب عمراڻي جي گھروارن فيصلو ڪيو آھي تھ کيس ترت ئي ڪراچي کڻي ويندا. ھي حادثو اڄ منجھند 2:30 وڳي ٿيو آھي جنھن ڇھ ماڻھو ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن تھ ايوب عمراڻي سميت 15 ڄڻا سخت زخمي آھن.

سن ڀرسان انڊس هاءِ وي روڊ تي آمري پل وٽ آمري ٿاڻي جي حد ۾ سيوهڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ۽ ٽرڪ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڇهه ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

سيوھڻ ويجھو روڊ حادثو

جن ۾ محمد امين سولنگي، اعجاز سولنگي سندس پٽ 7 ورهين جو محمد رحيم سولنگي، 35 ورهين جو محمد پريل لغاري، 35 ورهين جي مسمات بختاور گراماڻي، 10 ورهين جي راشدا گراماڻي فوتن ۾ شامل آهن.

جڏهن ته ظهير حسين سميجو، نادر حسين سميجو، ڪلثوم ابڙو، پروفيسر ايوب عمراڻي، فرزانه ابڙو، حسنه پروين ۽ مومنا سميت 15 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ٻنهي گاڏين ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ وڏو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جو آواز ٻڌي وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن حادثي واري هنڌ پهچي امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ٿي ويا، جڏهن ته ٻئي گاڏيون وچ روڊ تي ڪلٽي ٿيڻ سبب ٽريفڪ پڻ معطل ٿي وئي.

جنهن بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڳوٺاڻن وين مان ٻاهر ڪڍي سيوهڻ ۽ سن اسپتال پهچايو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آمري پوليس ٻنهي گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٽريفڪ بحال ڪرائڻ ۾ مصروف آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment