شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

پريولج موشن: واٽ نان سينس


صبح 08 لڳي 28 منٽ -خميس 24 جنوري 2019  162 

شبير نظاماڻي

image-1

 

اڄ ڪي ٽي اين تي سنڌ اسيمبلي جي سڌي ريت ڪارروائي پئي ڏٺم. جنهن مهل مون ٽي وي آن ڪئي، ان مهل تحريڪ انصاف جو حليم عادل ”پريولج موشن“ تي اٿي بيٺو. هن لکت ۾ آندل پنو پڙهڻ شروع ڪيو، جيڪو ايڊز جي ڊائريڪٽر جي باري ۾ هو. حليم شيخ ان همراهہ تي الزام هڻي رهيو هو تہ ان جي وڊيو هن وٽ آهي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر هن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي، گاريون ڏئي رهيو آهي، ان سان منهنجي ۽ هن اسيمبلي جي بيعزتي ٿي آهي، استحقاق مجروح ٿيو آهي. هن جو زور ان ڳالهہ تي هو تہ ان همراهہ کي هتي گهرايو، اسيمبلي جي ڪميٽي ٺاهيو، جيڪا هن کان پڇاڻو ڪري تہ هن اسيمبلي جي معزز ميمبر کي گهٽ وڌ ڇو ڳالهايو.

اسپيڪر اهو معاملو ايوان ۾ پيش ڪيو. سرڪاري ڌر ان جي مخالفت ڪئي. ان تي مخالف ڌر وارا ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. اسپيڪر ايوان کان پڇيو تہ حليم عادل شيخ جيڪا استحقاق جي رٿ پيش ڪئي آهي، ان تي اسيمبليءَ ۾ ڳالهايو وڃي يا نہ؟ ان جي اسيمبليءَ ۾ موجود ميمبرن مخالفت ڪئي، جنهن تي اها رٿ رد ٿي وئي. ان تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهہ مختصر ڳالهہ ٻولهہ ڪئي ۽ اهو چيو تہ اسيمبلي ميمبر بہ عام شهري آهي، ان جي ڪنڊڪٽ تي سنڌ جا ماڻهو ڳالهائي سگهن ٿا. هن چيو تہ تحريڪ انصاف وارا تہ چوندا رهندا آهن تہ اهي خاص ماڻهو ناهن، اهي ان ڪلچر خلاف آهن، پر هتي اهي ئي اها ڳالهہ ڪري رهيا آهن، جنهن مان اهو تاثر وڃي ٿو تہ اسيمبليءَ جا ميمبر ٻين ماڻهن کان اهم آهن. هن اهو پڻ چيو تہ منهنجي خلاف الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون پيون ٿينديون آهن، پر مون تہ ڪڏهن بہ پريولج موشن نہ آندو آهي.

مون جڏهن اسيمبليءَ ۾ اهو سڀ ڪجهہ ڏٺو ۽ ٻڌو پئي تڏهن مون سوچيو پئي تہ هي ڪهڙي ماجرا آهي جو سنڌ جو عام ماڻهو اسيمبلي ميمبر جي ڪرت تي ڳالهائي، ان تي تنقيد ڪري، ان خلاف ٻہ اکر ڪڍي، تہ اسيمبلي ميمبر جي بي عزتي ٿيو وڃي. اهي اهڙا خاص آهن جو انهن تي انهن جا ووٽر بہ ڳالهائي نٿا سگهن. هي عجيب ڳالهہ آهي. هي دراصل پاڻ کي عوام منجهان سمجهن ئي نٿا، هي سمجهن ٿا تہ اهي ڪي خاص مخلوق آهن. انهن تي ڪنهن کي بہ ڳالهائڻ جي اجازت ناهي. مون کي ياد آيو تہ هي اهوئي حليم عادل شيخ آهي، جيڪو ملير ۾ ڪنهن واقعي تي سموريون حدون پار ڪري ويو هو ۽ هن ان اسڪول جي پٽيوالي تي لاڪ اپ ۾ تشدد ڪيو، ۽ ان کي بجا ڏنا، جنهن تي ڪنهن سبب جي ڪري ڪوڙو الزام هنيو ويو هو. ان تي تهمت لڳي هئي، ۽ حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ اخلاقي برگيڊ قانون ۽ اخلاقيات جون سموريون حدون اورانگهي وئي هئي.

هي ڪارروائي ڏسي آئون ان نتيجي تي پهتس تہ اسيمبليءَ ۾ ڪيتريون ئي شيون اجايون آهن ۽ اسيمبلي ميمبر اجاين معاملن ۾ اسيمبلي جو وقت وڃائي رهيا آهن. انهن مان پريولج موشن يا استحقاق جي رٿ پڻ شامل آهي. منهنجو خيال آهي تہ اسيمبلي جي قاعدن، قانونن مان اهو نقطو خارج ٿيڻ گهرجي.

لڳ ڀڳ هر ڏينهن ڪو نہ ڪو اسيمبلي ميمبر اٿيو بيهو رهي ۽ اچي پنهنجي پريولج تي ٿو ڳالهائي. اسيمبلي ميمبر کي رعايت ڏيڻ وارو اهو نقطو غلط استغمال ٿي رهيو آهي. هڪڙي ووٽر، هڪڙي ٽيڪس ادا ڪندڙ ۽ هڪڙي عام شهري جي حيثيت ۾ آئون مطالبو ٿو ڪريان تہ سنڌ اسيمبلي جي رولز جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ ان مان پريولج موشن وارو نقطو خارج ڪيو وڃي، ڇو تہ بقول وڏي وزير اسيمبليءَ جا ميمبر پڻ عام شهري آهن. عام شهري جي حيثيت ۾ هن جو ڪوبہ پريولج نٿو ٺهي تہ هو ڪنهن بہ ماڻهو، سرڪاري ملازم کي گهرائي ان تي اسيمبلي ۾ وٺ پڪڙ ڪري.

اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ ميمبرن کان منهنجو سنڌ جي عوام پاران اهو بہ سوال آهي تہ ڇا اسان عوام جو ڪو استحقاق ناهي؟ آئون سمجهان ٿو تہ عوام ئي آهي جنهن توهان کي ووٽ ڏئي اتي ويهاريو آهي، ان ڪري جيڪڏهن ڪو استحقاق ٺهي ٿو، تہ اهو سنڌ جي عوام، سنڌ جي عام ماڻهو، ووٽر جو آهي. ووٽر سان توهان جيڪي واعدا ڪري آيا آهيو، اهي واعدا پاڙيو ۽ انهن جو استحقاق مجروح نہ ڪريو. پريولج موشن کان مٿي چڙهي اچو. توهان جو ڪم عوام جي ڀلائي جي قانونسازي ڪرڻ آهي ۽ اهو ئي ڪم ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment