شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

منٽو سان زيادتي


صبح 10 لڳي 29 منٽ -آچر 30 ڊسمبر 2018  230 

عظيم رونجهو

image-1

 

فلمي دنيا ۾ سڀ کان وڏي مارڪيٽ رکندڙ هاليوڊ ۾ هر سال ڪيتريون ئي فلمون ريليز ٿين ٿيون، جن ۾ هر قسم جي ڪهاڻين کي فلمائڻ جي پوري آزادي آهي. انهن سڀني فلمن جي سموري دنيا جي اسڪرينس تائين رسائي جي ڪري انهن جو بزنس به تمام گهڻو هوندو آهي. ان جي باوجود اتي هڪ اخلاقيات آهي ته جنهن به ڪهاڻي کي فلمايو ٿا، ان جي موضوع موجب ان سان انصاف ڪيو وڃي ٿو.

ڪتابن، ڪهاڻين، ناولن، شاعرن ۽ اديبن جي زندگين تي فلمون ٺاهڻ جي شروعات پڻ هاليوڊ کان ٿي، دنيا جي ڪيترن ئي شاهڪارن ناولن ۽ ڪهاڻين تي فلمون ٺاهيون ويون آهن. پر انهن کي فلمائڻ کان اڳ انهن جي مالڪن کان قانوني اجازت ورتي وڃي ٿي، انهن کي باقاعده معاوضو به ڏنو وڃي ٿو ۽ فلم ۾ ڪوبه اهڙو منظر شامل ناهي ڪيو ويندو جنهن تي ان ڪهاڻي جي اصل ليکڪ کي اعتراض هجي. اهڙن ليکڪن کي ڪروڙين روپيا معاوضو پڻ ادا ڪيو ويندو آهي. ان جي باوجود جادوئي حقيقت نگار طور سڃاڻپ رکندڙ  ناول نگار گبرئيل گارشيا مارڪيز سان جڏهن فلمسازن سندس ناولن تي فلمون ٺاهڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ته هن اهو چوندي صاف انڪار ڪيو ته ”آئون نه ٿو سمجهان ته ڪو هدايتڪار منهنجي ڪردارن يا ڪهاڻين سان انصاف ڪري سگهندو. آئون نه ٿو چاهيان ته منهنجون ڪهاڻيون بگڙي وڃن.“

تازو باليوڊ جي هڪ فلم ڏسي مون کي گارشيا مارڪيز جي اها ڳالهه ذهن ۾ اچي وئي ته هن ائين ڇو چيو هوندو. اها فلم آهي ” اچاريا فڪ اٽ“ (فلم جي پوسٽر تي ٽائيٽل  Ascharya F#*k It نالي جو مطلب مون کي سمجهه نه آيو) ان هدايتڪار جي دعوى آهي ته هن اها فلم نامور ليکڪ سعادت منٽو جي ڪهاڻين ۽ ان جي ڪجهه ڪردارن کان متاثر ٿي ٺاهي آهي ۽ ان جي اهڙن ڪردارن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي فلمي دنيا سان واسطو رکندڙ هئا.

سعادت حسن منٽو پاڻ فلمي دنيا جي تمام گهڻو ويجهو رهيو، فلمن ۾ اداڪاري ڪرڻ کان ويندي فلمي ڪهاڻيون لکڻ توڙي فلمي اداڪارائن سان سندس قربت رهي آهي. هن وقت خاص طور باليوڊ ۾ سعادت حسن منٽو جي ڪم کي اسڪرين تي پيش ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ واڌارو آيو آهي. انهن ۾ ڪجهه ڪم ڪافي سٺو به آهي جيئن تازوئي آيل فلم ” ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ کي تمام سٺي انداز ۾ ٺاهيو ويو آهي. خود منٽو جي زندگيءَ تي ننديتا داس جي ٺهيل فلم ”منٽو“ ڪجهه خامين جي باوجود سٺي فلم چئي سگهجي ٿي. منٽو جي چئن ڪهاڻين ”کول دو“، ”ٺنڊا گوشت“ ،” اسائنميٽ“ ”آخري سليوٽ“ کي ملائي هڪ فلم ”منٽوستان“ به هن سال (2018) ۾ ريليز ٿي. اها فلم ايتري سٺي ناهي ٺاهي وئي ۽ موضوع کي ضايع ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ جيو فلمز پاران سرمد کوسٽ جي ٺاهيل فلم”منٽو“ انهن سڀني کان بهتر درجي جي فلم آهي.

پر هينئر تازو آيل فلم ”اچاريه فڪ اٽ“ ان حوالي سان سڀ کان بدترين ڪوشش آهي، جنهن کي آئون منٽو جي ڪم، ان جي شخصيت توڙي ڪهاڻين سان وڏي زيادتي سمجهان ٿو.

منٽو جي ڪهاڻين ۾ ان هميشه ڪردارن جي اندروني احساسن ۽ پيڙائڻ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوءِ چاهي اهو ڪردار ڪنهن رنڊي جو هجي، مذهبي هجي يا سياسي هجي. منٽو پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪردارن توڙي سماج جي انهن شين کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عام طرح سان جن جو ڪو ٻيو رخ هوندو آهي.

منٽو تي جن ڪردارن جي حوالي سان ”فحش ليکڪ“ هجڻ جو الزام لڳايو ويو، انهن جي اندر ۾ لهي ڏسجي ته ڪٿي به ڪا فحش نگاري نظر نه ٿي اچي. پر تازو ريليز ڪيل هي فلم آئون سمجهان ٿو ته ان نظريي کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش آهي، جنهن ذريعي منٽو کي اگهاڙو ليکڪ ثابت ڪري سگهجي. اگهاڙن منظرن، ڊائيلاگن توڙي بيهوده اداڪاري واري هن فلم کي مين اسٽريم جي فلم بدران ”پورن مووي“ جي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو.

اها فلم ڏسندي مون کي مشهور روسي ليکڪ ”هيمنگوي“ جي صحافتي دور واري رنگين زندگي تي سندس محبوبه ”گلهورين“ سان عشق واري ڪهاڻي تي ٺهيل فلم ”هيمنگوي اينڊ گلهورين“ ياد اچي وئي. هي فلم 2012ع ۾ ريليز ٿي، جنهن جو هدايتڪار فلپ ڪومين آهي. مرڪزي ڪردار ڪلائيو اوون ۽ نڪول ڪڊمين ادا ڪيا آهن. عالمي سطح تي هي فلم ڪيترن ئي ايوارڊن لاءِ نامزد ٿي. ان فلم ۾ به اگهاڙا منظر آهن، پر انهن کي ايتري خوبصورتي سان فلمايو ويو آهي ۽ ڪهاڻي جي حقيقت نگاري کي برقرار رکيو ويو آهي، جو ڪٿي به ان ۾ فحش هجڻ جو احساس نه ٿو ٿئي.

”اچاريه فڪ اٽ“ جو هدايتڪار سمت ڪاڪڙ آهي، جنهن جي هي پهرئين هندي فلم آهي. (هن کان اڳ هن ڪجهه مراٺي فلمون ٺاهيون آهن.) هن فلم جي ٺاهڻ جي حوالي سان سندس چوڻ آهي ته ” مون چاهيو پئي ته منٽو جي ڪهاڻين جا جيڪي ڪامپليڪس ڪردار آهن، انهن کي سئنيما جي پردي تي پيش ڪيان. ان سان گڏو گڏ موجوده دور جي عام ماڻهو کي به فلم ڏسڻ لاءِ آماده ڪري سگهان.! (هندستان ٽائيمس اپريل 2018)

هي فلم هڪ اهڙي طوائف جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي هڪ مشهور اداڪار پاڻ وٽ هڪ رات لاءِ گهرائيندو آهي. جڏهن اها اتي پهچندي آهي، ته هن کي خبر پوندي آهي ته اهو مشهور اداڪار جنهن جي هو پاڻ پرستار هوندي آهي، اهو جنسي طور ڪجهه ڪرڻ جي قابل ناهي هوندو. طوائف ۽ پنهنجي گرل فرينڊ کي گڏ جنسي حرڪتون ڪري تسڪين ماڻيندو آهي. ان اداڪار جي ڊرائيور (جيڪو ان طوائف کي اتي کڻي ايندو آهي) کي طوائف سان پيار ٿي ويندو آهي. (بقول هدايتڪار هن Unconventional Love ڏيکارڻ چاهيو آهي.  

فلم جي مرڪزي ڪردار ۾ مراٺي اداڪاره پريانڪه بوس طوائف ڪانتا جو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جي اداڪاري ٻين اداڪارن کان بهتر آهي. ان جي دلال (جيڪو ان سان پيار به ڪري ٿو!) جو ڪردار مراٺي اداڪار سنتوش جاويڪر ادا ڪيو آهي، جنهن اوور ايڪٽنگ جي حد ڪري ڇڏي آهي. غير ضروري جنسي منظرن، هارر حد تائين مار ڪٽ، گارين جي ڀرمار واري هن فلم سان منٽو جو نالو ڳنڍڻ نه گهرجي ها. منٽو زنده هجي يا ان جي ادبي ڪم جو ڪو وارث هجي ها ته ضرور اهڙي سستي شهرت حاصل ڪرڻ واري ڪم جي مخالفت ڪري ها. منٽو جي نالي کي اهوئي ان انداز سان محسوس ڪري ٿو سگهي ٿو، جنهن منٽوئيت کي سمجهيو هجي. فلم جي شروع ۾ منٽو جون مشهور سٽون ڏنل آهن. ”جيڪڏهن توهان کي منهنجي ڪهاڻين ۾ اگهاڙپ نظر اچي ٿي ته توهان جنهن سماج ۾ رهو ٿا، اها ان جي اگهاڙپ آهي. مون پنهنجي ڪهاڻين ذريعي صرف سچ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“

آئون سمجهان ٿو هي فلم منٽو جي چاهيندڙن جي دل آزاري ڪرڻ آهي. شايد اهي ماڻهو جيڪي منٽو جي خلاف هميشه هڪ منفي پروپيگنڊا ڪندا رهيا آهن، انهن جي موقف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هي فلم ٺاهي وئي آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment