شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - مارچ - 2019ع

آصف زرداري ۽ بلاول نيب آڏو پيش، پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون، ڪيترائي گرفتار

تازھ ترين

سنڌالاجي پاران 2017ع جي ڪتابن تي ايوارڊن جو اعلان


صبح 09 لڳي 02 منٽ -جمعو 28 ڊسمبر 2018  60 

پيچرو ٽيم

image-1

سنڌ يونيورسٽي جي  انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 2017ع ۾ ڇپيل ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ججن جي ڏنل فيصلي موجب تاريخ جي موضوع تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب “باقياتِ از احوال ڪلهوڙا”، تحقيق جي موضوع تي ڊاڪٽر شازيه سفير جي ڪتاب “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لساني اڀياس”، سوانحي ادب/سفرنامي جي موضوع تي منصور ٿلهي جي ڪتاب “سوکي بندر ۽ سامونڊي سوز”،   ناول تي اڪبر سومري جي ناول “کماچ”،  ٻاراڻي ادب تي ياسر قاضيءَ جي ڪتاب“لولو ڏنم ڪانوَ کي”،  شاعريءَ تي ادل سومري جي ڪتاب “نيروليءَ جو خواب” ۽ ترجمي ۾ جوهر بروهيءَ جي جديد سنڌي شاعريءَ جي بروهي زبان ۾ ڪيل منظوم ترجمي واري ڪتاب “سنڌ رنگ” کي انعامن لاءِ چونڊيو ويو آهي.


جڏهن ته ڪهاڻيءَ جي صنف تي جهان آرا سومرو جي ڪتاب“ماءُ منهنجو جندڙو” ۽ ابراهيم کرل جي ڪتاب “موٽي ايندس مان” هڪ جيتريون مارڪون کنيون، جنهن سبب ايوارڊ جي رقم ٻنهي ليکڪن ۾ برابريءَ جي بنياد تي ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي ليکڪن کي ايوارڊ پڻ ڏنو ويندو.


ياد رهي ته سنڌالاجي هرهڪ ڪتاب تي ٽن ٽن ججن کان لکت ۾ ورتل راءِ جي آڌار تي ڄاڻايل نتيجن جو اعلان ڪيو آهي. سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجي سمورن ايوارڊ ماڻيندڙ ليکڪن کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته سنڌالاجي کي اميد آهي ته هن ايوارڊ ملڻ بعد ڄاڻايل ليکڪ پنهنجي ٻوليءَ جي جهولي وڌيڪ معياري تخليقن ۽ ڪتابن سان ڀريندا ۽ سنڌالاجي سان پنهنجو علمي تعاون جاري رکندا. ڊاڪٽر اسحاق سميجي سمورن اشاعتي ادارن ۽ ليکڪن کي گذارش ڪئي آهي ته اهي 2018ع ۾ ڇپيل پنهنجن ڪتابن جون چار چار ڪاپيون انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي ڏس پتي تي ڏياري موڪلين، ته جيئن انهن کي ايندڙ ايوارڊن واري مرحلي جو حصو بڻائي سگهجي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment