Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


مخالف ڌر جماعتون حڪومت خلاف متحد، گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق

17 - - جنوري - 2019ع تازه ترين

سانگھڙ ۾ راجن منگريو جي ڪتاب جي رونمائي تقريب


2018-12-22 13:11:50  57 
User Image

پيچرو ٽيم

image-1

سنڌي ادبي سنگت سانگھڙ طرفان ”اھو اجنبي“ جي رونمائيء واري تقريب. تقريب جا مھمان شوڪت حسين شورو، اسحاق سميجو، علي دوست عاجز، منور سراج، بخشل باغي ۽ راجن منڱريو اسٽيج تي، جڏھن تہ ھال م سانگھڙ، نوابشاھ، شاھپور چاڪر، ھنڱورني، جھول جا اديب ء علم دوست شريڪ آھن.

ان موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شورو جو چوڻ ھو تھ راجن جي ھن ڪتاب جي خاص ڳالھ اھا آھي ته انھن ۾ يڪسانيت ڪانھي. انھن ۾ لوڪ ڏاھپ به آھي ته ٻيا موضوع به آھن. راجن جي ڪھاڻين تي پراسراريت حاوي آھي آھي. اھو اجنبي پکي مونکي جادوئي حقيقتنگاري واري لڳي.

ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ جادوئي حقيقتنگاري اسان جي لوڪ ورثي ۽ لوڪ ادب ۾ به موجود آھي. راجن جي ڪھاڻين ۾ مونکي تمام گھڻي پختگي ڏسڻ ۾ آئي آھي، ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ھو ٻوليء تي ٿورو ڌيان ڏئي.

جڏھن تھ شاعر ۽ اديب اسحاق سميجو جو چوڻ ھو تھ راجن اڳي کان گھرو ٿيو آ. ھو نئين دور جي موضوعن سان رشتو جوڙڻ م ڪامياب ٿيو آ. ڪجھ نفسياتي ماهرن کي به ڇھيو آ. 

اھڙي ريت سينئر صحافي اسحاق منگريو چيو تھ راجن نج ٻھراڙيء جو ماڻھو آھي...انڪري سندس ڪھاڻيون به ٻھراڙيءَ جي حسن واريون آھن. سندس ٻولي ۽ ڪردار به نج آھن. 

اھو اجنبي جي مھورت

اديب ۽ ليکڪ الھورايو بھڻ جو چوڻ ھو تھ راجن پنھنجي ھڪ ڪھاڻيءَ۾ شڪارين جي ٻوليءَ کي محفوظ ڪيو آھي.

شاعر ۽ اديب علي دوست عاجز ڳالھائيندي چيو تھ راجن جي ٻوليء ۾ ڪافي جاين تي ڪچايون آھن. ھن جي ڪھاڻين جي موضوعن ۾ ورجاء به آھي. ڪٿي ڪٿي بي ربطگيء جو شڪار به نظر اچن ٿيون. علي بابا چوندو ھو ته ھو ڪھاڻي لکي وري ڦاڙي چار چار ڀيرا لکندو ھو. راجن کي به ايئن ڪرڻ کپي ھا. 

ان موقعي تي ڪھاڻيڪار راجن منگريو خيالن جو اظھار ڪندي چيو تھ مونکي الاء ڇو جن شين ۾ شدت ھوندي آھي اھي اپيل ڪنديون آھن. مونکي ڪھاڻيءَ ڏانھن فلمن جي ڊائلاگن مائل ڪيو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment