Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

ڇا صحافت پڙهندڙ شاگردن کي خبر آهي؟


2018-11-28 08:14:22  41 
User Image

شبير نظاماڻي

image-1

 

پاڪستان ۾ صحافت جي شعبي کي ڪيريئر ڪري کڻڻ جو ارادو رکندڙ شاگردن کي اهو ضرور ڏسڻ گهرجي ته هتي ان شعبي جو مستقبل ڇا آهي؟ پاڪستان جي هر جنرل سرڪاري ۽ غير سرڪاري يونيورسٽي ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۽ صحافت جا شعبا ڪم ڪري رهيا آهن، اتي هزارين شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پر ڇا انهن کي سندن استاد پاڪستان ۾ صحافت جي شعبي ۾ آيل تازي بحران بابت ڪجهه ٻڌائي رهيا آهن؟ يا اهي مڪمل اونداهه ۾ آهن ۽ انهن کي موجوده معروضي حالتن جي ڪا ڄاڻ ناهي؟ منهنجو اندازو اهو آهي ته شاگردن کي انڌيري ۾ رکيو ويو آهي ۽ اهي اهو نٿا ڄاڻن ته ڪجهه عرصي کان هتي صحافت تي ڪارو دور آيل آهي.

 اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا اڳتي وڌڻ بدران لاٿ ۾ آهي ۽ اها پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهي آهي. منهنجو اندازو آهي ته ڪجهه مهينن ۾ هزارين نه، تڏهن به سوين ورڪنگ جرنلسٽس بيروزگار ٿي چڪا آهن ۽ جيڪي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن مٿان غير يقيني جي تلوار لڙڪيل آهي. هر اداري ۾ ڪم ڪندڙ صحافي پريشان آهن، اهي ذهني پيڙاءُمان گذري رهيا آهن، جو انهن کي ڪابه خبر ناهي ته اهي اڄ آفيس وڃي رهيا آهن ته اتي انهن کي قبول ڪيو ويندو يا وري انهن کي بيدخلي جو زباني نوٽيس ملندو.

هي پاڪستان ۾ صحافين لاءِ ماتم جو دور آهي. اهي انتهائي گهڻي تڪليف ۾ آهن. انهن جي ڳالهه ڪنهن به ايوان تي ٻڌي نه پئي وڃي. انهن جي بيدخلين ۽ جبري بيروزگاري جو ڪوبه ادارو نوٽيس وٺڻ لاءِ به تيار ناهي.

 صحافين جو ڪجهه عرصو اڳ مطالبو اهو هو ته انهن کي ويج بورڊ ايوارڊ ڏنو وڃي. اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ اڃا تائين پينڊنگ ۾ پيل آهي ۽ ان تي فيصلو نٿو اچي. پر هاڻي ان تي ڪير به ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، جو حالتون تبديل ٿي ويون آهن ۽ صحافي ملازمت مان نيڪالي جي خوف ۾ ورتل آهي. سوين هزارين صحافتي ملازم گهر ڀيڙا ٿي چڪا آهن. انهن وٽ متبادل روزگار اختيار ڪرڻ جا وسيلا ناهن. انهن کي صحافت کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم به نٿو اچي. پر حالتن صحافت جي شعبي کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. اهو شعبو وڌيڪ ملازمتون ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. ممڪن آهي ته اڃا وڌيڪ بيدخليون ٿين.

هي بحران ويجهڙائي ۾ ختم ٿيڻ جا مون کي ڪي به امڪان نظر نٿا اچن. ان ڪري نوجوان سوچي سمجهي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪن. منهنجي تجويز اها آهي ته اهي في الحال يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ماس ڪميونيڪيشن ۽ جرنلزم جي شعبي جي چونڊ نه ڪن، ڇو ته ان جي ڪابه گارنٽي ناهي ته انهن کي هن شعبي ۾ نوڪري ملي سگهي. باقي جيڪڏهن اهي نوڪري کي سامهون نٿا رکن ۽ صرف جرنلزم جو علم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ته اها انهن جي مرضي آهي. پر جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته پاڪستان ۾ صحافت جي شعبي ۾ ملازمت جا موقعا هيڪاندا آهن، ته اها انهن جي بي خبري آهي، يا وري انهن کي ڪنهن غلط ڄاڻ ڏني آهي.

پاڪستاني ميڊيا ۾ هي سڄو بحران عمران سرڪار جي قيام کان پوءِ شروع ٿيو آهي. ان جو هڪڙو سبب اهو آهي جو حڪومت اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي وڌيڪ بزنس ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ان جا سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، ان تي هر ڪنهن جي پنهنجي راءِ ٿي سگهي ٿي. منهنجو خيال آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ان نتيجي تي پهتي آهي ته آزاد ۽ معاشي طور تي پاڻڀري ميڊيا انهن جي مفادن سان ٽڪرا ۾ آهي، جو آزاد ميڊيا سوال اٿاريندي آهي ۽ هاڻي هتي جي اسٽيبلشمينٽ ان هنڌ تي پهچي چڪي آهي جو اها ڪي به اڻوڻندڙ سوال وڌيڪ برداشت نٿي ڪري سگهي.

ميڊيا ڪمزور هوندي، پنهنجن پيرن تي بيٺل نه هوندي، اها معاشي طور تي سگهاري نه هوندي، ته اها سوال نه اٿاريندي، اها چپ رهندي ۽ اها ماڻهن کي سندن حقن بابت باخبر نه ڪري سگهندي. ان مفاهمت جو اجورو ميڊيا کي سندس جياپي جي صورت ۾ ملندو، نه ته ان جو جياپو خطري هيٺ رهندو.

ڳالهه رڳو سرڪاري بزنس جي ناهي، پر ڏٺو اهو ويو آهي ته ڪجهه عرصي کان ميڊيا کي پرائيويٽ بزنس به گهٽ ملي رهيو آهي. ان پويان به ڪا نه ڪا اسٽوري ضرور هوندي. اهو سوال پاڻ کان پاڻ ئي ڪريو، توهان اکي ان جو جواب پاڻ ئي ملي ويندو. ساڳئي وقت اهو پڻ ٿيو آهي ته پرنٽ ميڊيا کي جيڪو اخباري ڪاغذ ملي ٿو، سو ڪجهه عرصي ۾ تمام گهڻو مهانگو ٿي ويو آهي. ان سان گڏ پرنٽنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻئي مٽيريل جا اگهه پڻ چوٽ چڙهي ويا آهن. ان ڪري اخبارن جي سرڪيوليشن متاثر ٿي رهي آهي ۽ ميڊيا هائوسز پنهنجا پنا ۽ هفتيوار، ماهوار ميگزين بند ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

هي تمام وڏو بحران آهي. ان ڪري جيڪي نوجوان ميڊيا جي شعبي ۾ دلچسپي وٺن ٿا، سي ان بحران کان باخبر هئڻ گهرجن. ان ڪري ئي انهن کي ماس ڪميونيڪيشن ۽ جرنلزم جي شعبي کي اختيار ڪرڻ کان اڳ پاڻ کان اهو سوال ضرور ڪرڻ گهرجي ته ڇا اهي پنهنجي پاڻ سان خطرناڪ راند ته نه کيڏي رهيا آهن. آئون سمجهان ٿو ته اهي بيروزگارن جي فوج ۾ شامل ٿيڻ بدران انهن شعبن جي چونڊ ڪن، جن جي مارڪيٽ ۾ طلب آهي.

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment