Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

شھلا رضا جا پنج بيان جن کي پڙھي پي ٽي آءِ وارن کي باھ لڳي وئي


2018-11-26 16:04:37  53 
User Image

پيچرو ٽيم

image-1

پي پي پي جي اڳواڻ ۽ عورتن جي ڀلائي واري صوبائي وزير پي پي پي جي ڪجھ اھڙن اڳواڻن مان ھڪ آھي جن جي بيانن کي وڏي اھميت ڏني ويندي آھي، ھوءَ 2008ع ۾ سنڌ اسمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر پڻ رھي. ھتي شھلا رضا جا پنج اھڙا بيان ڏئي رھيا آھيون جن کي پڙھي پي ٽي آءِ وارن کي باھ لڳي وئي آھي. ياد رھي ھي بيان شھلا رضا جي ذاتي ٽوئٽر تان کنيا ويا آھن:

1_ سو ڏينھن ثابت ڪيو آھي تھ ميھون ۽ پراڻيون گاڏيون وڪرو ڪرڻ سان ملڪي معشيت مضبوط ٿيندي آھي، ھيلي ڪاپٽر ۾ 45 رپيا في ڪلو ميٽر تي سفر ڪري سگھجي ٿو، ڀيڻ کي اين آر او ڏيڻ حلال آھي، يو ٽرن وٺڻ عظمت جي نشاني آھي، ڊالر مھانگو ٿيڻ ترقي جي علامت آھي، گيس ۽ بجلي مھانگي ٿيڻ سان غريب تي ڪو فرق نٿو پئي، پينڻ کي پڪيج سڏبو آھي... 

2_ جڏھن وزير اعظم ھائوس ۾ ڪير رھي نٿو، ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي، ھاڻي اتي ميھون بھ نھ آھن پي ايم (سليڪٽ) شام جو بني گالا ھليا ويندا آھن ۽ صبح جو 55 رپيا في ڪلو ميٽر واري ھيلي ڪاپٽر تي آفيس ايندا آھن، تھ پوءِ وزير اعظم ھائوس جي بجلي جو بل ٽھ لک وڌيڪ ڪيئن اچي ويو، ڪٿي بجلي پاليل جن تھ استعمال نٿا ڪن..؟

فائيل فوٽو

3_ جڏھن عمران خان حلف کنيو تھ پيٽرول 90 رپيا في بيرل جي ويجھو ھو ۽ ھاڻي اھو گھٽ ۾ گھٽ 48.5 تي اچي ويو آھي، سعودي کان ملندڙ رعايت ان کانسواءِ آھي، مھنگائي کي پاڙان ختم ڪندڙ حڪومت بجلي جي قيمت ۾ 47 پيسن في يونٽ وڌڻ جو اعلان ڪيو آھي، ڇا ھي آءِ ايم ايف جي شرطن کي مڃڻ لاءِ پھرين وک آھي..؟

4_ خبر آئي آھي تھ ھن مھيني جي آخر تائين مختصر ڪابينھ ۾ ٽن نئون وزيرن جو اظافو ٿيندو، مليشيا وڃڻ کان اڳ ترين جي ڀيڻ ۽ الاھي جي پٽ جا نالا فائنل ڪيا ويا، ٽيون نالو سنڌ مان آھي پر اڃا فائنل نھ ٿيو آھي. ھڪ صاحب جي اسلامي تاريخ ۽ شريعت ڏئي عمران جي بيانن جي تشريح ھاڻي اوھان پاڻ ئي سمجھو... لگي رھو مُنا بھائي.....

5_ وزير اعظم سليڪٽ چيو آھي ڪنھن بھ اين آر او نھ ڏيندس سواءِ پنھنجي ڀيڻ جي، سپريم ڪورٽ جي ھر فيصلي کي قبوليندس سواءِ ان جي جيڪو ترين جي خلاف ايندو، عدالت جڏھن گھرائيندي حاضر ٿيندس سواءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي جي....

شھلا رضا جي ھنن ٽوئٽن سوشل ميڊيا تي باھ ٻاري ڏني آھي ۽ ان جو ردعمل ڏيکاريندي پي ٽي آءِ وارا بھ ميدان تي لھي پيا آھن.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment