شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

سيد جلال محمود شاهه ڊيمن جي هر سطح تي مزاحمت جو اعلان ڪري ڇڏيو


شام 12 لڳي 27 منٽ -آچر 16 Sep 2018  108 

پيچرو ٽيم

image-1

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي هر سطح تي مزاحمت ڪبي، ڀاشا ڊيم تي ڪو اعتراض ناهي، تازو ڊيمن بابت ٿيل بيان بازي تي عملي قدم کنيا ويا ته ان جا سخت نتيجا نڪرندا ۽ ان جو نقصان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي ٿيندو.

سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو آهي ته شروعات ڀاشا ڊيم کان ڪئي وئي آهي، ڀاشا ڊيم رن آف رور آهي، هڪڙا ڊيم اهڙا هوندا آهن جيڪي درياهن جي رستن تي هوندا آهن، ان کي بند ڪري پاڻي گڏ ڪري بجلي به پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ پاڻي به بچائبو آهي، ڪالاباغ ڊيم درياهه رستي آهي، ان جا ڪئنال اڳ ئي ٺهيل آهن، جنهن مان واضح آهي ته اسان جو پاڻي چورايو ويندو، ڪالاباغ ڊيم لاءِ سخت مزاحمت ڪئي ويندي، ڀاشا ڊيم تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي، اتان پاڻي چوري ٿيڻ جو ڪو رستو ئي ناهي، اسان ڀاشا ڊيم جي حق ۾ آهيون، سڀني ڊيمن تي اتفاق نه ڪنداسين ۽ ڪالاباغ ڊيم تي مڪمل طور تي نااتفاقي آهي. 

سيد جلال محمود شاهه چيو ته چيو پيو وڃي ته 40 سالن کان ڪو ڊيم ناهي ٺهيو، 40 سال ڪالاباغ ڊيم جو راڳ آلاپيو ويو، ڀاشا ڊيم کي اڳوڻي صدر پرويز مشرف 2006ع ۾ سي سي آءِ ڪائونسل آف ڪامن مان منظور ڪرايو، 12 سالن کان ان جي ٺهڻ ۾ مختلف طريقن سان رستا روڪ ڪئي وئي آهي، پنجاب جو مائينڊ سيٽ آهي ته پاڻي هتي روڪڻو آهي اها ان جي نشاني آهي يا عمران خان جي حڪومت جي خاتمي جو رستو آهي، ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي ڪوشش به ڪئي وئي ته سمورين سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌرين سان گڏجي سخت مزاحمت ڪنداسين، جنهن جو اثر ۽ نقصان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي ٿيندو. 

صحافين جي سوال ته ڇا عمران خان کي ڊيم ٺاهڻ واري پلاننگ تحت اقتدار ڏنو ويو آهي؟ ان تي سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته هر شيءَ ممڪن آهي، پر اسان ڳالهيون سڌيون ڪنداسين ته اسان کي ڇا منظور آهي يا ڇا منظور ناهي.

هن چيو ته سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڪالاباغ ڊيم جي ڪئنالن ۾ ڏنو ويو ته پوءِ سڄي سنڌ ريگستان بڻجي ويندي، اهڙي ڪوشش به ڪئي وئي ته هر سطح تي مزاحمت ڪبي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد جلال محمود شاهه چيو ته اسان غير سنجيده ڪم يا عمل ناهيون ڪندا، جيڪو به قدم کڻنداسين اهو سوچي سمجهي کڻنداسين، امڪاني ڊيمن بابت جلد ڪراچي ۾ اجلاس گهرائي زرعي ۽ پاڻي ماهرن کان بريفنگ وٺنداسين ۽ ان کانپوءِ پنهنجي تحريڪ بابت لائحه عمل جوڙي ان جو اعلان ڪنداسين.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment