شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

انساني چمڙا


صبح 11 لڳي 29 منٽ -جمعو 03 آگسٽ 2018  241 
image-1

 

هنن ديامير ۾ اسڪولن کي ساڙيو آهي. اهي سمجهن ٿا تہ اسڪولن کي ساڙي اهي تعليم کي ساڙي ڇڏيندا. هنن جي اکين تي پٽيون چڙهيل آهن. اهي صدين کان اهي پٽيون چاڙهي پيا هلن. اهي نٿا ڏسي سگهن، اهي انڌا آهن. هنن جو ديد ختم ٿي ويو آهي. اهي چمڙن کان بہ بدتر آهن. چمڙا تہ فطري طور ڏينهن جو ڏسي نٿا سگهن ۽ اهي سڄو ڏينهن وڻن ۾ اونڌا لٽڪي پنهنجون اکيون بند ڪري گذاري ڇڏيندا آهن ۽ وري رات جو انتظار ڪندا آهن تہ جيئن جيت جڻيا جهٽي پنهنجو پيٽ ڀري سگهن. پر هي غير فطري چمڙا آهن. هي سج جي روشني کان نہ، ماڻهن کان ۽ خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين کان ڊڄن ٿا. ان ڪري اهي ڏينهن جو غائب هوندا آهن ۽ راتين جو بہ ٻٽ ٻڌي ٻاهر نڪرندا آهن.

اهو بزدل ڊڄڻو ٽولو آهي. ان ٽولي وٽ همت ناهي. اهو ٽولو سمجهي ٿو تہ اسڪول ساڙي هو شعور جي لاٽ اجهائي ڇڏيندو. اها ان ٽولي جي ڀل آهي. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي تہ اونداهي جو ڪوبہ لشڪر ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب نہ ويو آهي. ناڪامي هنن جو مقدر آهي. هتي بہ هي ناڪام ويندا ۽ پنهنجا ڦٽ چٽيندا رهجي ويندا.

ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو آهي تہ شدت پسندن گلگت بلتستان جي ضلعي ديامير ۾ خميس واري رات 12 سرڪاري اسڪولن کي نشانو بڻايو آهي، جن ۾ ڇوڪرين جا اسڪول پڻ شامل آهن. گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان ڄاڻايو آهي تہ جن اسڪولن کي نشانو بڻايو ويو آهي انهن ۾ چار اسڪول ڇوڪرين جا هئا، ستن اسڪولن ۾ ٻار پڙهڻ ويندا هئا، باقي ٻين اسڪولن جي اڏاوت جو ڪم جاري هو ۽ اهي مڪمل ٿيڻ وارا هئا. ترجمان جو چوڻ آهي تہ اقوام متحده تازو پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو تہ گلگت بلتستان ۾ تعليم جي شرح ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي ۽ والدين طرفان ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جو رجحان وڌيڪ هجڻ سبب نون اسڪولن جي اڏاوت شروع ڪئي وئي هئي. چلاس جي پوليس آفيسر هڪ نشرياتي اداري کي ٻڌايو آهي تہ حملو ڪندڙ بظاهر مقامي لڳن ٿا، ڇو تہ علائقي جي ڪجهہ حصن ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي تعليم ۽ خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم خلاف آهن. هن اهو پڻ ٻڌايو تہ 2004ع ڌاري پڻ اسڪولن تي حملن جا ڪجهہ واقعا پيش آيا هئا، پر اهو سلسلو رڪجي ويو هو، جيڪو هاڻي ٻيهر شروع ٿيو آهي. هن سلسلي ۾ جيڪي وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون آهن، تن ۾ ڏسي سگهجي ٿو تہ اسڪولن جي عمارتن کي گهڻو نقصان رسيو آهي ۽ ڪجهہ عمارتن کي ساڙيو پڻ ويو آهي.

مون کي هي واقعو تاريخ ۾ پوئتي ڇڪي ويو ۽ مون ڏٺو تہ اليگزينڊريا جي لائبريري سڙي رهي آهي. مون ڏٺو تہ اسڪول ويندڙ ٻارڙين تي حملا ٿي رهيا آهن. مون ڏٺو تہ بوڪو حرام وارا نياڻيون اغوا ڪري رهيا آهن. مون ڏٺو تہ داعش وارا عورتن ۽ خاص ڪري يزيدي عورتن ۽ ڇوڪرين کي اغوا ڪري انهن کي پنهنجي جنسي هوس جو نشانو بڻائي رهيا آهن. مون ڏٺو تہ جنگ جي آخر ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي چونڊيو پيو وڃي. مون انهن جون رڙيون ٻڌيون، ڪوڪون ٻڌيون، هو ٻاڪاري رهيون آهن، سڏڪا ڀري رهيون آهن. هنن مان ڪيئي خودڪشيون ڪري رهيون آهن، پاڻ کي اونداهن کوهن ۾ اڇلي رهيون آهن ۽ پنهنجون رڳون ڪٽي رهيون آهن ۽ مون اهو بہ ڏٺو تہ اهو سڀ ڪجهہ ٿيڻ باوجود هنن جي همت ۽ حوصلي کي مات نہ ملي. هو وڙهيون ۽ هنن پنهنجا حق حاصل ڪيا. سڄو يورپ ان جي شاهدي ڏيئي رهيو آهي تہ پنهنجو حق گهرڻ جي ڏوهہ ۾ هنن کي ڏائڻيون قرار ڏيئي باهہ ۾ ساڙيو ويو، هنن کي تعليمي ادارن کان پري رکيو ويو، پر هنن مات نہ مڃي ۽ اڄ اهي اتي برابري واري زندگي تہ نہ، پر تڏهن بہ جيئڻ جهڙي زندگي گذاري رهيون آهن.

۽ هتي هي انساني چمڙا اهو سمجهن ٿا تہ اسان هنن جا اسڪول ساڙي ڇڏينداسين تہ هي خواب ڏسڻ ڇڏي ڏينديون. پر اهو ممڪن ناهي. انهن سعودي عرب ۾ گاڏيون هلائڻ وارو حق حاصل ڪري ورتو آهي. هتي هن ملڪ ۾ انهن ڪڏهن بينظير جو، ڪڏهن عاصمہ جهانگير جو، ڪڏهن ملالا جو، ڪڏهن اختر بلوچ جو، تہ ڪڏهن ممتاز نظاماڻي جو روپ اختيار ڪري اونداهين جي پوڄارين سان ويڙهہ ڪئي آهي ۽ انهن کي شڪست ڏني آهي. مون کي نظر اچي رهيو آهي، اهو روشن صبح، جنهن ۾ اهي چمڙا وري ڪڏهن ظاهر نہ ٿيندا. وقت لڳندو، پر اهي شڪست کائيندا، ڇو تہ اهي وقت کي پوئتي موڙڻ چاهين ٿا، جيڪو ممڪن ناهي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment