شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

املي ڊڪنسن  - 1830ع کان 1886ع تائين


صبح 08 لڳي 55 منٽ -خميس 26 جولاءِ 2018  240 
image-1

 

جديد امريڪي شاعريءَ جي وڏائي ۽ ناماچاري جن تخليقڪارن جي دم سان قائم ۽ دائم آهي، انهن ۾ اِملي ڊڪنسن به شامل آهي. سندس شاعري  اڪيلائيءَ جي وشال احساس جي گوناگونيت، گهرائي ۽ سچائيءَ جو معصوم اظهار آهي. پنهنجيءَ هيئت ۾ هن جا نظم، گهڻي ڀاڱي، ننڍڙا ۽ من ڀاوڪ آهن، جيڪي سڌيءَ ريت ڌيان ڇڪائين ٿا ۽ من ۾ لهي وڃن ٿا. هوءَ حقيقي نموني ”اسٽوري ٽيلر“ هئي، سندس نظم ڪهاڻين وانگي لڳن ٿا. هوءَ دل جي دنيا جي روح جياريندڙ راوي لڳي ٿي. حساسيت، ميٺاڄ ۽ نماڻائپ سندس تخليق جي مالا جا نمايان رتن آهن. هن ههڙيون ڳالهيون ڪيون: ” جي ڪنهن دل ٽٽڻ کان بچائي ٿي سگهان ته سمجهنديس ته آئون وئرٿ نٿي جيئان.“

اڻويهين صديءَ جي هن شاعره، پنهنجين رومانوي، نسواني، داخلي ۽ نفسياتي احساسن سان امريڪي شاعريءَ کي مالامال ڪيو. هوءَ هڪ سادي گهريلو ڇوڪري هئي، جيئن عام سنڌي عورتون ٿينديون آهن. گهرن ۾ ئي واڙجي پنهنجي پوري ڄمار گذاريندي ڇڏينديون آهن. پر هن گهريلو ڇوڪريءَ داخليت جي اظهار جا غيرمعمولي پيرايا جوڙيا ۽ زمانن کي متاثر ڪيو:

”منهنجي ڪا شخصيت ناهي، تون ڪير آهين“

ڇا تنهنجي به ڪا شخصيت ناهي؟

ته پوءِ ڀانءِ ته پاڻ جوڙي آهيون

پر اها ڳالهه ڪنهن کي به نه ٻڌاءِ

”هو“ اسان کي وطن ــــــ تَڙ جي سزا ڏيندا ـــــــ تون ڄاڻين ٿو.“

هن 10هين ڊسمبر تي ايمهرسٽ، ميسيچوسٽس ۾ ايڊورڊ ڊڪنسن جي گهر جنم ورتو. سندس پيءُ پنهنجي دور جو قومي سياستدان هو ۽ وڏيءَ حد تائين هڪ سوشل ماڻهو هو. سندس ڀاءُ آسٽن به اٽارنيءَ جهڙي عهدي تي هو. سندس گهر جو ماحول دوستاڻو ۽ دانشوراڻو هو. سياست ۽ ادب تي ڳالهه ٻولهه روزاني مامرن ۾ شامل هئي. سندس ڀاءُ آسٽن ۽ ڀيڻ ليوينيا پڻ پڙهيا ڳڙهيا هئا، جن سان سندس خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي. سندس ڀاءُ شاديءَ کان پوءِ اباڻي گهر جي ڀرواري گهر ۾ پنهنجيءَ گهرواريءَ سوسن سان گڏ رهندو هو. ايئن سڀ گهر ڀاتي گڏ زندگي گذاري رهيا هئا. اِملي ڊڪنسن نه رڳو بهترين تعليم پرائي، پر هڪ ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي پڻ هئي. سندس باٽني يعني نباتات جي علم ۾ بنهه گهڻي دلچسپي هئي. دلچسپ ڳالهه هيءَ به آهي هوءَ توڻي سندس ڀيڻ ليوينا سڄيءَ ڄمار اڻ پرڻيل ئي رهيون. اِمليءَ جي رومانوي نظمن کي نظر ۾ رکندي، ساڻس رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن سان سندس محبت جا امڪان ڄاڻايا ويا آهن، پر ان ڏس ۾ ڪابه چٽي ثابتي موجود ناهي.

ٻاهرينءَ دنيا مان هوءَ جن ماڻهن سان ملندي رهي، انهن ۾ ٿامس وينٽ ورٿ هِگنسن (Higginson)  به هڪ هو. هو ئي اهڙو ماڻهو هو جنهن اِملي ڊڪنسن جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس ڀيڻ ليوينا ڊڪنسن سان گڏ سندس نظمن جا پهريان ٻه مجموعا سهيڙيا ۽ ڇپايا هئا. هگنسن، 1870ع ۾ هن محبوب ڇوڪريءَ سان پنهنجيءَ پهرينءَ ملاقات جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي: ”ٿوريءَ دير سان، مون هال ۾ بنهه هلڪڙن پيرن جو آواز ٻڌو، جيئن ڪو ننڍو ٻالڪ پير کڻندو آهي. هال ۾ گهڙڻ کان پوءِ هوءَ مون ڏانهن آئي. سندس هٿن ۾ ٻه ڪنول جا گل هئا، جيڪي هن ڪنهن ٻار وانگي ئي منهنجن هٿن ۾ ڏنا ۽ هلڪو ساهه کڻندي چيو: اهو ئي منهنجو تعارف آهي. هن ٻارن وانگي ئي وڌيڪ چيو: جيڪڏهن هيسيل لڳان ته مون کي معاف ڪجو، انڪري جو آئون اوپرن ماڻهن سان ڪڏهن به ناهيان ملندي ۽ مون کي اها به گهڻي خبر نه پوندي آهي ته ڇا ڳالهائي رهي آهيان. پر جڏهن هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ماٺ نه ڪيائين، ڳالهائيندي رهي. آئون کيس خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيس. ايئن پئي لڳو ته هوءَ پنهنجي اطمينان لاءِ ڳالهائي رهي هئي ۽ ان تي سندس ڌيان نه هو ته سندس ڳالهائڻ جو ٻڌندڙ تي ڪهڙو اثر ٿيندو. اِها هڪ ڪلاڪ جي ملاقات هئي. هوءَ جيڪي ڪجهه چئي رهي هئي، اُهو پرولين ۾ پرويل هو، جنهن کي سلڻ ڏکيو لڳي رهيو هو.“

تنهن کانسواءِ 1872ع ۽ 1873ع ڌاري هوءَ ميسوچوسٽس جي سپريم ڪورٽ جي جج اوٽس فلپس سان ملي هئي ۽ ساڻس لکپڙهه ڪندي رهي هئي. ڪن تبصري نگارن جو خيال آهي ته اوٽس فلپس سان سندس محبت هئي. ان ۾ گهرائي تڏهن آئي، جڏهن فلپس جي 1877ع ۾ زال گذاري ويئي. پر ان جي به ڪا ثابتي ناهي. مسئلو اهو آهي ته املي ڊڪنسن جڏهن سخت بيمار ٿي پئي هئي ته پنهنجيءَ ڀيڻ ليوينيا کي هدايت ڪئي هئائين ته هوءَ سندس سڀ خط ساڙي ڇڏي ۽ هن ايئن ئي ڪيو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس الڳ الڳ ماڻهن سان لاڳاپن جي نوعيت جي باري ۾ ڪا گهڻي خبر نه پئي آهي ته سندس ڪو ”بواءِ فرينڊ“ به هو. اهو مامرو به گهڻو ڳجهو آهي، جيئن سندس زندگيءَ جا ٻيا انيڪ پاسا اڻچٽا آهن.

هوءَ پنهنجي دور کان متاثر نه هئي، پر هوءَ نويڪلائيءَ جي چونڊ ڪندڙ پنهنجيءَ دل کان متاثر هئي ۽ هن دل جي چوڻ تي ئي لکڻ شروع ڪيو. هوءَ پنهنجي دور جي علمي ادبي سرگرمين کان پري هئي. ادب سان لاڳاپو رکندڙن سان به سندس واسطو نالي ماتر هو. پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ سندس ڪي ٻه چار شيون ئي ڇپيون هيون، پر هوءَ پنهنجن نظمن سان گهڻي سچي هئي. هن پاڻ اظهارڻ لاءِ پئي لکيو، پاڻ ڇپائڻ لاءِ نه. وڏيءَ ڳالهه هيءَ به چئبي ته هوءَ ورهين تائين ايئن اڪيلي لکندي ڪڏهن ٿڪي نه هئي. شاعري سٺي ساهيڙي هئي، جنهن منجهان هوءَ ڪَڪ نه ٿيندي هئي. گهڻي ڀاڱي شاعرن جي اِها خواهش هوندي آهي ته سندن ڪمُ لوڪ جي ليکي ۾ اچي، پر املي ڊڪنسن ۾ اهڙي خواهش ڪڏهن به نه پيدا ٿي. هن جيڪي ڪجهه لکيو پئي، ان سان کيس محبت هئي. هوءَ پنهنجيءَ شاعريءَ کي سوڌي سنواري نوٽبڪن ۾ رکندي ويندي هئي. اُهي ئي نوٽبڪ سندس لاڏاڻي کان پوءِ جڏهن ڇپيا ته امريڪي توڻي دنيا جي انيڪ ملڪن ۾ سندس نالي جي گونج ٿي ۽ هوءَ شهرت جي بنهه وڏين اوچاين تي وڃي رسي. پنهنجن نظمن کي ٺيڪ حالت ۾ رکڻ ۽ انهن تي نظرثانيءَ جو ڪمُ، هن 1858ع کان شروع ڪيو ۽ ڄمار جي پڇاڙيءَ تائين هوءَ اهڙو سڦل ڪم ڪندي رهي. سندس زندگيءَ ۾ هن جا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي نظم پڌرا ٿيا. سندس ڪي نظم ”اسپرنگ فيلڊ رپبليڪن“ ۾ ڇپيا، جيڪو سندس ڪٽنب جو هڪ دوست سيموئل بولز سنڀاليندو هو. تنهن کان سواءِ هوءَ پنهنجا نظم لکي، پنهنجن دوستن کي به خطن وسيلي موڪليندي هئي، جيڪي سندس شاعريءَ کي گهڻو ساراهيندا هئا. زندگيءَ ۾ اهڙا گهٽ ئي موقعا هئا، جڏهن هوءَ گهر کان نڪتي هجي. جڏهن ته ساڻس گهر اچي ملڻ وارن جو انگ به هڪ هٿ جي آڱرين جيترو به نه هو، پر انهن مان ڪنهن به اهو نٿي ڄاتو ته هن ماٺيڻي، نفيس ۽ پنهنجيءَ ڌن ۾ رهندڙ ڇوڪريءَ جي من ڇا آهي! هوءَ ماٺ ميٺ ۾ احساسن کي نظمن ۾ روپ سروپ ڏيئي رهي هئي. هوءَ پنهنجي اڪيلي ڪمري ۾ ويهي پاڻ کي محفوظ سمجهندي هئي. پنهنجي روح سان ڳالهائيندي هئي. سندس تنهائيءَ سان احساسن جو الهامُ ريڌل هو. نقاد هربرٽ ليبووِز (Leibowitz) هڪ ڀيري چيو: ”ڪنهن به امريڪي مرد توڻي عورت پنهنجي روح سان ايئن نه ڳالهايو، جيئن املي ڊڪنسن ڳالهايو. پنهنجي روح کي ٻُڌندي، هن اسان کي اسان جي باري ۾ ئي ڪجهه سيکاريو.“

هڪ گهر اندر ئي هن انيڪ الميا به ڀوڳيا. هن پنهنجن پيارن کي اکين اڳيان سدائينءَ لاءِ ويندي ڏٺو، هوءَ جُهرندي، جهڄندي ۽ اگهي ٿيندي رهي. هوءَ اڃا تيرهن ورهين جي هئي ته سندس سئوٽ ۽ بنهه گهري ويجهي سهيلي سوفيا هالينڊ گذاري ويئي. انهيءَ لاڏاڻي کيس جهوري وڌو. ان جهوريءَ مان هوءَ ورهين تائين نڪري نه سگهي هئي. 1850ع ۾ سندس ڪاليج جو اڳوڻو پرنسيپال ليونارڊ همفري اوچتو گذاري ويو. ان جي باري ۾ هن پنهنجي هڪ پراڻي دوست ايبياهه رُوٽ کي لکيو: ”لڙڪ وهندا رهن ٿا ۽ آئون انهن کي نٿي اگهان. جيڪڏهن ڪوشش ڪريان تڏهن به اُگهي نه سگهنديس، ڇاڪاڻ ته اُهي وڇڙي ويل همفريءَ کي منهنجي پاران خراج تحسين آهن.“ ٿورن ئي ورهين کان پوءِ سندس ماءُ سخت بيمار ٿي پئي ۽ وڇاڻي ڀيڙي ٿي. هوءَ پنهنجيءَ ماءُ جي سار سنڀال لهڻ لڳي، اُها ماءُ جنهن سان کيس اٿاهه محبت هئي. سندس بيماريءَ جي ڪري هوءَ کانئس پري نه ٿيندي هئي. سندس ماءُ 1882ع ۾ گذاري ويئي. پر هُن کان اڳ سندس پيءُ ايڊورڊ 1874ع ۾ گذاري ويو. جنهن جي ڪفن دفن جا انتظام هيٺ ٿيندا رهيا ۽ هوءَ مٿي ڪمري ۾ اڪيلي روئندي رهي. ستت ئي سندس پسند جو ڀائٽيو گلبرٽ گذاري ويو. اهڙيءَ طرح، گهر اندر ئي هوءَ وڏن المين مان گذري. تنهن کان سواءِ هوءَ ڪٽنب جو سڀ کان پهريون ٻار هئي. گهر ۽ گرهستيءَ جون سڀ ذميواريون هن جي حوالي هيون. هوءَ ماءُ پيءُ جو خيال رکندي هئي، پنهنجي ڀاءُ کي به وقت ڏيندي رهي ــــــ 1856ع تائين، ان سال هن شادي ڪئي. هوءَ گهر جو سمورو ڪم ڪار اُڪلائيندي آئي هئي، ليکو چوکو رکندي هئي، باغيچي جي سار سنڀار لهندي هئي ۽ پنهنجيءَ اڪيلائيءَ ۽ شاعريءَ لاءِ به وقت بچائيندي هئي. ڏسڻ ۾ هوءَ چئن ڀتين جي حد ۾ هئي، پر خيال ۾ هوءَ پاڻ کي فطرت جي بيباڪ پياڪ تصور ڪندي هئي. کيس هوا مان پيئڻ ايندو هو ۽ ماڪ جي متواري هئي. اڀ کيس ڪنهن سراءِ وانگي لڳندو هو، جنهن ۾ ويهي پي ۽ جِي سگهجي ٿو:

”اُجري اُجري جام ڊگهي مان

مڌ چَکيان ٿي اهڙو جيڪو،

ڪڏهن چِڪايو ناهه ويو

اهڙو مڌ ته فرينڪفرٽ جون بيريون ناهن ڏينديون

آنءُ هوا مان پيئان ٿي ۽

ماڪ جي آهيان متواري

وگهريل نيرو

اڀُ مسافرخانو آهي

تنهن مان نڪري

اُونهاري جي اڻکٽ ڏينهَنِ ۾ جهومان ٿي

جڏهين (مئخاني جي)

فوڪس گلوِ جي ڦولن واري درَ منجهان

مک جئن ڀُون ڀُون ڪندڙ ـــــ ڌُت

وڏا مُجيري تڙيا وڃن

جڏهين پوپٽ

پنهنجا سنهڙا جام ڇڏين

تڏهين آئون اڃا به پيئنديس

جيسيتائين

ڇهن پرن سان حسين فرشتا

لهرائن برفاني ٽوپيون

۽ ساڌو ڊوڙي

ڳڙکين وٽ اچن

ڏسن ته ننڍڙي هيءَ پياڪ

سج جي سامهون آهه سلامي.“

 1867ع کان وٺي هُن اوڙي پاڙي سان به ملڻ ڇڏي ڏنو. گهر ۾ اڃا به محدود ٿي ويئي. جڏهن ڪو ماڻهو در تي ايندو هو ته هوءَ گهر اندران ان سان ڳالهائيندي هئي. جڏهن ڪو ملڻ لاءِ چوندو هو ته هوءَ وڏيءَ سان نماڻائپ سان معذرت گهرندي هئي. اهي ورهيه هئا، جڏهن هن اڇا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا، جيڪي هوءَ پاڻ سبندي هئي. هن جوانيءَ ۾ رڳو هڪ تصوير ڪڍائي. (2000ع ۾ هڪ اسڪالر فلپ ايف گُرا هڪ تصوير خريد ڪئي، جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته اُها املي ڊڪنسن جي آهي.)

سندس اڪيلائيءَ جا ساٿي هئا ته اُهي سندس ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون هئا. هوءَ هنن سان ڳالهيون ڪري پاڻ وندرائيندي هئي. جيتوڻيڪ، اڪيلائي کيس راس به آئي، هن بنهه گهڻا نظم لکيا جن جو ڳاڻيٽو 1775 آهي، تن ۾ ههڙا نظم شامل آهن:

”اميد اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي پَــــــــرَ آهن

جيڪي هوءَ روح مٿان پکيڙي ٿي

۽ لفظن کان سواءِ گيت ڳائي ٿي

ڪڏهن به ماٺ نٿي ڪري ــــــــ ڪڏهن به نه.“

هوءَ 1886ع ۾ گڙدن جي بيماريءَ وگهي گذاري ويئي. سندس مرڻ جو ادبي منظرنامي تي ڪو چرچو نه ٿيو. انهيءَ وڏي حادثي تي ادبي دنيا ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي. حقيقت ۾ هوءَ مرڻ کان پوءِ جيئري ٿي. لاڏاڻي کان پوءِ، سندس شاعريءَ جا نوٽبُڪ پڌرا ٿيا ۽ ڇپايا ويا. هن جيڪي مختلف دوستن کي خط لکيا، تن مان اِها ڄاڻ پئي ته هوءَ شاعريءَ جي سٺي پڙهندڙ به هئي. کيس رابرٽ، الزبٿ بريٽ برائونگ ۽ جان ڪيٽس جي شاعري وڻندي هئي. پنهنجي سهيوڳي شاعر والٽ وٽمئن کي هن پڙهيو هو. مرڻ کان پوءِ هوءَ پاڻ به والٽ وٽمئن جي پايي جي شاعره قرار ڏني ويئي.

اِمليءَ جا نظم ٽيڪنڪ ۾ سادا ۽ سرل آهن. اُهي گهڻي ڀاڱي ضمير متڪلم ۾ لکيل آهن، يعني هن ”آئون“ يا ”مون“ ڪري ڳالهايو ۽ ٻيو ڪردار آهي: ”تون“، جنهن سان هوءَ ڳالهائي ٿي. اهڙيءَ ريت سندس نظم گهڻي ڀاڱي ڳالهه ٻولهه واري انداز ۾ لکيل آهن. تنهن کان سواءِ، سندس نظمن جي ٻي خصوصيت اها آهي ته اهي مختصر آهن، جن ۾ جذبي ۽ احساس کي ڪمال ڪاريگريءَ سان سموهيو ويو آهي. هوءَ پنهنجن نظمن کي ڪوبه عنوان نه ڏيندي هئي. سترنهن سئو پنجهتر نظمن مان رڳو 10 نظم اهڙا آهن، جن کي هن عنوان ڏنا ويا. باقي نظم پنهنجي پهرين سٽ وسيلي سڃاپجن ٿا.

سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو هن جي لاڏاڻي جي چئن ورهين پڄاڻا 1890ع ۾ ڇپيو ۽ سندس شاعريءَ جو ڪليات 1955ع ۾ ڇپيو. اِملي ڊڪنسن جيڪي شاعريءَ جا نوٽبُڪ ڇڏيا هئا، انهن ۾ موجود شاعريءَ ۾ ڪي مسئلا هئا. مثال طور هوءَ فل اسٽاپ ۽ ڪاما بدران ڊيش يعني خال ڏيئي ڇڏيندي هئي. پنڪچوئيشن جي اهڙي مامري کي سندس ايڊيٽرن حل ڪيو ۽ نظمن جي حتمي شڪل جوڙي. تنهن کان سواءِ سندس ڪن نظمن جا هڪ کان وڌيڪ نقل موجود هئا، انهن کي ڪاپين تي موجود تاريخن يا موجود ڪيل ترميمن وسيلي حل ڪيو ويو. انهن کان سواءِ، سندس خطن ۽ ياگيرين جا مجموعا پڻ ڇپايا ويا آهن.

ايئن دنيا کان پرڀري رهندڙ هن شاعره پنهنجن نظمن ۾ اسان کي ٻڌايو ته هن پنهنجيءَ اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي لاءِ هڪ الڳ سماج جوڙي ورتو هو، جنهن ۾ هوءَ گهڻي خوش ۽ مطمئن هئي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment