شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 25 - مئي - 2019ع

زينب ڀيو ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي ڦاهي ۽ هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي

تازھ ترين

رضيه هجي ها ته ڇا ڪري ها؟


صبح 11 لڳي 20 منٽ -اڱارو 24 جولاءِ 2018  188 
image-1

 

گذريل هفتي ڪراچي ۾ هڪ ننڍي تقريب هئي. آءِ بي اي جي جرنلزم اسڪول ۾ هڪ ڪلاس روم کان ٻاهر رضيه ڀٽي جي نالي جي هڪ تختي لڳائي صحافت لاءِ سندس خدمتن کي ڀيٽا پيش پئي ڪئي وئي.

رضيه ڀٽي کي دنيا مان موڪلائي تقريبن 22 سال ٿي چڪا آهن، سندس وفات وقت جيڪي ٻار هئا، اهي هاڻ وڏا ٿي پاڻ آڙيڪاپ صحافي ٿي ويا آهن پر هڪ زمانو اڃا به مڃي ٿو ته هيرالڊ ۽ نيوز لائين جي ايڊيٽر طور جهڙي ريت صحافت هن ڪئي، اهو پاڪستاني صحافت جو گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ۾ انگريزي صحافت جو سونهري دور هو.

جڏهن آئون ڪا اهڙي ڳالهه ڪريان ٿو ته آئون زور زور سان ڪنڌ لوڏيان ٿو ۽ ڇاتي تي هٿ رکي شاهدي ڏيان ٿو ته آئون ڪجهه سالن لاءِ هن جو لاڏلو هوندو هئس ۽ هن جي وڃڻ جي 22 سالن کان پوءِ به اها خوشفهمي آهي ته جيتوڻيڪ رضيه جي دل وڏي هئي ۽ هوءَ پيار ونڊڻ ۾ ڪنجوس نه هئي پر مون تي سندس خاص نظرِ ڪرم هئي.

تقريب جي شروع ۾ سندس زندگي تي ٻڌل هڪ مختصر فلم ڏيکاري وئي. منهنجي اکين آڏو اها ئي رضيه ڀٽي هئي، جيڪا منهوڙي مان لانچ ۾ ويهي اسڪول پڙهڻ ايندي هئي. اها ئي رضيه ڀٽي، جيڪا ڪراچي يونيورسٽي مان ڊبل ايم اي ڊبل گولڊ مڊلسٽ هئي. تڏهن هوءَ رضيه بوندري هئي. پوءِ هوءَ لاهور مان آيل ڪرڪيٽر جي جوان گل حميد سان شادي ڪري رضيه ڀٽي ٿي وئي.

هيرالڊ جي ايڊيٽر رضيه ڀٽي جنهن ايم آر ڊي دوران سنڌ ۾ ٿيندڙ قتل عام جي ڪهاڻي پهريون ڀيرو ڇاپي هئي، ان رضيه کي جڏهن جنرل ضياءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ رسالي جو ڪور بدلائڻ جو چيو ويو ته هن استعيفيٰ ڏني ۽ سندس ساٿين به استعيفيٰ ڏني ۽ دوستن سان چندو ڪري پنهنجو رسالو نيوز لائين شروع ڪيو ۽ ان جذبي سان ڪڍيو ته جهرڪ کي باز سان ويڙهايو ڇڏيو.

مون پنهنجي گنهگار اکين سان ڏٺو ته ان دور جا وڏا وڏا ميڊيا سيٺ چيڪ بوڪ کڻي رضيه جي آفيس ۾ ويٺا هوندا هئا ته پنهنجو رسالو اسان کي وڪڻي ڏي ۽ هوءَ سڀن کي چانهه پياري موٽائي ڇڏيندي هئي. ڦڏا ڪندڙ رضيه، اسٽائيلش رضيه، پنهنجي ڳاڙهي قلم جي برڪت سان اسان جهڙن ڪئين اڌ پڙهيل رپورٽرن کي ليکڪ ٺاهيندڙ رضيه.

هوءَ ڪڏهن آفيس جي اسٽور روم ۾ گهڙي نماز پڙهي وٺندي هئي، جيتوڻيڪ لبرلزم جي گرو سمجهي ويندي هئي پر هن جي گهر ۾ وڏي کان وڏي کي به پيئڻ جي موڪل نه هئي. هڪ ڀيري رسالي ڪور تي جهازي سائز ۾ لفظ سيڪس ڇپجي ويو ۽ پوءِ چيائين ته هاڻ سڄو هفتو ڀائرن کان منهن لڪائي پئي هلنديس.

رضيه جي زندگي هڪ مسلسل جنگ هئي ۽ ان ۾ هن جو وڻندڙ هٿيار هڪ قئنچي، هڪ ٽيپ ۽ هڪ ڳاڙهو قلم هو. هوءَ 18 صفحن جي اسٽوري جو پرنٽ آئوٽ ڪڍندي هئي ۽ رپورٽر کي ساڻ ويهاري ائين ايڊيٽ ڪندي هئي جو قئنچي سان هڪ پيرا صفحي نمبر 15 مان ڪٽي ۽ انهي صفحي کي نمبر ٽي تي چهٽائي ڇڏيو ۽ وري لکڻ واري کان پڇندي هئي هاڻ ڪيئن پيو لڳي.

ڪڏهن هڪ جملي کي انڊر لائين ڪري رپورٽر کان پڇندي هئي جملو ته سٺو لکيو آهي، هاڻ اهو به ٻڌائي ڇڏ ته ان جو مطلب ڇا آهي؟

آئون نئون نئون هن وٽ آيس ته صحافت تي هڪ ڀيرو ٻيهر برو وقت اچي ويو. (صحافت تي سٺو وقت ڪڏهن هو، اها اڄ تائين خبر ڪونهي) ڪراچي تي الطاف جو راڄ هو. ڊان اخبار جون ڪاپيو ساڙيون پئي ويون. ميڊيا سيٺن جا وفد نائن زيرو تي حاضري ڏيندا هئا. ان وقت بي بي سي ۽ هيرالڊ جي رپورٽر ظفر عباس جي گهر ۾ گهڙي کيس مار ڪٽ ڪئي وئي هئي. ظفر کي ڏٺم ته مون کي پنجابي وارو اصطلاح ”کني کولنا“ سمجهه ۾ آيو.

رضيه جو حڪم هو ته صحافت تي وڌندڙ حملي تي ڪهاڻي ڪئي وڃي ۽ ظفر عباس جو انٽرويو به ڪيو وڃي. هيرالڊ اسان جي مقابلي ۾ هو ۽ اسان جي ذهن ۾ ڳوٺاڻي قسم جي دوستي ۽ دشمني جو سلسلو موجود هو. پر رضيه جي دوستي ۽ دشمني جو معيار فقط صحافت ئي هو. ظفر عباس جي مٿي تي ٻڌل پٽي باوجود هن بهتر انداز سان انٽرويو جي سوالن جا جواب ڏنا.

ڪنهن ذڪر ڪيو ته ڪراچي جي صحافت جو اصل مجاهد ته مولانا صلاح الدين آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڌمڪيون ته ان کي ملندو هيون، جيڪو ڪجهه عرصي کان پوءِ پنهنجي صحافت جي ڪري مارجي ويو. هاڻ رضيه کي مولانا صلاح الدين جي رسالي تڪبير ۽ سندس صحافت سان سخت اختلاف هئا پر هن چيو ته مولانا جو انٽرويو ضروري آهي.

مون ذڪر ڪيو ته ڪجهه اخبارون اهڙيون به آهن، جن کي ڪو خطرو ناهي، ان جو سبب ڇا آهي. سبب چٽو هو. هڪ ڏينهن جنگ اخبار ۾ الطاف جون 18 تصويرون ڇپيون. رضيه چيو ته هي پاسو به اجاگر ٿيڻ گهرجي ته مير خليل الرحمان جو به انٽرويو ٿيو. يار ماڻهو اهو ئي چوندا رهيا ته يار هي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن کي هٿي پيا ڏيو.

هاڻ عمر گذري وئي. جڏهن رضيه پنهنجو ئي مچايل ميلو اڌ ۾ ڇڏي دنيا مان هلي وئي. هاڻي به ڪڏهن ذهن ۾ ڪا صحافتي ڳجهارٽ اچي ٿي ته سوچيان ٿو ته جيڪڏهن رضيه هجي ها ته ڇا ڪري ها؟

هڪ اهڙي ماحول ۾ جتي صحافي مورچن تي ويهي ڏينهن رات ڌڪا هڻن ٿا ته هوءَ پڪ سان چوي ها ته مورچي کان ٻاهر نڪرو، سڀن سان ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته ڪهاڻي ڪهڙي تي ٺهي. باقي آئون پنهنجي قئنچي، ٽيپ ۽ ڳاڙهي قلم سان ڏسي وٺنديس.

( بي بي سي جي ٿورن سان)

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment