شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

ماحولياتي گدلاڻ ۽ مڪروهه سوچ جو دونهون


صبح 10 لڳي 41 منٽ -آچر 22 جولاءِ 2018  360 
image-1

 

فرض ڪريو جيڪڏهن ميٿين (MChs) گئس جو مقدار اهڙي تيزي سان وڌندو رهيو ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن اهو آڪسيجن گئس کي هن گولي تان غائب ڪرائي ڇڏيندو ۽ اسين (سڀ جاندار( ساهه کڻڻ لاءِ پيا ڦٿڪنداسين. ميٿين جيڪا ڪينسر جي روڳ جو وڏو ڪارڻ آهي، اها ڌرتي جي گولي کي والاري رهي آهي.

هي ڌرتي جو گولو جيڪو هر طرف کان پاڻي جي ججهي مقدار جي ڪري والاريل آهي، هن گولي جو نالو ڌرتي بدران پاڻي هجڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته ان جا ٽي حصا پاڻي آهي.

1.هندي وڏو سمنڊ 2. پئسفڪ وڏو سمنڊ 3. ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ 4. آرڪٽڪ وڏو سمنڊ ۽ 5. انٽارڪٽڪ وڏو سمنڊ، اهي سمنڊ ڌرتي مٿان سڀ کان وڏا پاڻي پيالا آهن. جن ۾ ڪئين لکين قسم جا جيوَ موجود آهن، انهن سمنڊن يا مها ساگرن مان ٻه اهم مها ساگر آرڪٽڪ ۽ ائٽلانٽڪ وڏا سمنڊ هن مهل تائين برف جي تهن ۾ تبديل ٿيل آهن. دنيا جي ستن کنڊن مان انٽارڪٽيڪا واحد کنڊ آهي جتي ڪا به مستقل رهائشي آبادي ڪونهي، مستقل طور ماڻهو اتي رهيل ڪونه آهن، ڪجهه تحقيقاتي مرڪز آهن جتي ماڻهو ڪجهه وقت لاءِ ترسي وري هليا وڃن ٿا، اتي جي مقامي آبادي نه هجڻ جو ڪارڻ اهو آهي جو اهو کنڊ صرف ۽ صرف برف ئي برف آهي يعني شهرن جي ٽڪرن جيڏيون برفاني ڇپون آهن ۽ اهي تهه در تهه هڪ ٻئي کان ٿينديون رهن ٿيون. هن وقت انٽارڪٽيڪا سمنڊ جي برف تيزي سان ڳري رهي آهي، ڪئين ڄاڻون ماڻهو هن ڄميل برف جي سمنڊ جي رجڻ کي سٺو سنئوڻ ڪونه ٿا سمجهن، جو انهي سان دنيا جي سمنڊن ۾ چاڙهه اچي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها سامونڊي چاڙهه دنيا جي سمنڊن ۾ ڇهه کان ٻارنهن فوٽن جي واڌاري جو سبب بڻجي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته دنيا جي نقشي تان ڪئين شهر بلڪه ملڪ غائب ٿي ويندا ۽ ايندڙ نسل کي اوهان انهن شهرن جي خوبصورتين بابت قصا ۽ ڪهاڻيون پيا ٻڌائيندا. مثال طور، ايندڙ ٿورن ئي سالن ۾ سمنڊ جي پاڻي جو چاڙهه مالديپ جهڙي سندر ملڪ کي ڳڙڪائي ويندو جنهن جو ڳڙڪائڻ اڻٽر آهي ۽ ان کي هاڻ ڪوبه بچائي نٿو سگهي.

ساڳي ريت آمريڪا جا ڪئين شهر انهي خطري جي پاڇي هيٺ آهن، اسان جي ملڪ ۾ سمنڊ جو چاڙهه تيزي سان جاري آهي، جيڪو ججهي تعداد ۾ سنڌ جي ساحلي پٽي واري شهرن ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي. ان کي بچائڻ لاءِ اسان وٽ هينئر ته وقت آهي وسيلا به آهن پر ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن پورو بدين، ٺٽو ۽ سجاول پاڻي هيٺ اچي ويندا ته اسين ڇا ڪري سگهنداسين؟ ڪجهه به ڪونه ڪري سگهنداسين، ڇاڪاڻ اسان وٽ نااهلي جو راڄ آهي، اسان وٽ جمهوريت جي نالي ۾ بادشاهي نظام هلي رهيا آهن، جن کي اقتدار جي هوس، پئسي ميڙڻ جي حوس انڌو ڪري ڇڏيو آهي. ڊالر گڏ ٿين، ڏيساور جون بئنڪون ڊالرن سان ڀرجن ۽ پنهنجن مٽن مائٽن جي نالي تي ڪوڙا اڪائونٽ ۽ ڪمپنيون کولي اربين کربين روپيا منتقل ڪجن ۽ ائين مزا ماڻجن بعد ۾ آمريڪا يورپ ۾ سياسي پناهه وٺي پنهنجي رشوتي پئسن مان اتي مزا وٺي، عياشيون ڪجن بس اهو ئي عظيم مقصد آهي، منهنجي وطن عزيز جي سياست بازن جن عوام نالي مخلوق کي بک مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهه مان ٽپال ٿيل بيماريون جيڪي ڪڏهن ٻڌيون نه ڏٺيون هيون هاڻ هن قوم جي مسڪين ماڻهن جو مقدر بڻيون آهن، مفادن جا اهڙا ٺڪساٽ ٺهيل آهن جن ۾ عوام کي ڦريندڙ ٽولو هر ڀيري استعمال ڪري اقتدار ماڻي وڃي ٿو ۽ پوءِ غريب، مسڪين ماڻهن جو استحصال شروع ٿئي ٿو.

 ڀلا اوهان ڪڏهن ڪٿي ٻڌو ته ڪا ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري جي ڪفن جي گهر لاءِ ڪنهن بازار مان سرگس ڪندي هجي! قطعي نه، اهو صرف ۽ صرف سنڌ ۾ ممڪن آهي. سنڌ جي ٿوري گهڻي مزاحمتي سگهه به هاڻ دم ٽوڙي چڪي آهي، ڪجهه وڪامجي چڪا آهن، جيڪي ناهن وڪي سگهيا انهن جا ٻيا حل ڪڍيا پيا وڃن. مزاحمت کي ٿيڙڻ (Distract) ڪرڻ ۽ مِس ڪرڻ Diffuse ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا طريقا پيا آزمايا وڃن، ميلا ملاکڙا واهه واهه! ”سنڌ صدين کان عظيم ۽ قديم رهي آهي، امن جو گهوارو پئي رهي آهي وغيره وغيره“ اهو به هڪ سامراجيت جو قسم ٿئي ٿو. اهو وڏو ڪامياب ۽ وڏو فائديمند نسخو آهي جيڪو خاص طور تي سنڌ ۾ وڏو ڪارگر ويو آهي.

ڪير سوچي سگهي ٿو ته اڄ اسان پنهنجي اڀرندڙ نسل کي وڻ صرف ڪتابن ۾ ڏيکاري رهيا آهيون. ڪو وقت هو جو سنڌ جون واهڻ وستيون، شهر سڀ باغ باغيچن نم جي گهاٽي ڇانون ۽ سفيدي جي عنبرين خوشبو سان مهنڪندا هئا. سنڌ ۾ نم، ٽالهي، سرنهن، ڪڪر، ٻير، ڪرڙ، ڪنڊي، ڪونڀٽ، پپر، بڙ ۽ ٻيا انيڪ وڻ گهڻي مقدار ۾ بلڪه عام جام ٿيندا هئا. هاڻ خبر ناهي ته ٻيلو کاتو ڇو رکيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪوبه وڻ ڪوبه ٻيلو آهي ئي ڪونه! اڳي ٻيلا هئا، وڻ هئا، جهنگ هوندا هئا تڏهن ماڻهن جا نالا رکندا، پرهاڻ اهي سڀ ڏند ڪٿائون بڻجي چڪيون آهن. اوهان کي هاڻ سڄي سنڌ جيڪا اڳ ۾ سرسبز ۽ سائي نظر ايندي هئي هاڻ اوهان کي گنجي ٽڪر جيان ڀاسندي، ۽ هتان جو هر واسي سائي ۾ ورتل ملندو، اها مهرباني گٽر گاڏڙ پاڻي جي سبب ٿي آهي ۽ ان جو ڪوبه تدارڪ ڪونه ٿي سگهيو آهي، اسان جي ڪاوڙ وڻ مٿان ڪهاڙو جهلي هل ته ڪپ وڻ! ڪجهه مافيا ڪجهه معاشي بحران سنڌ مان وڻن جي واڍي جو ڪارڻ بڻيا آهن، سرسبز سنڌ ويران ۽ برباد ڏيهه جو ڏيک ڏئي رهي آهي.

ماحولياتي تباهي، ماحولياتي گدلاڻ ۾ ائين ڪونهي جو اسين ان جا ذميوار ڪونه آهيون، اسين سڀ ان جو ڪارڻ آهيون، اسين سڀ ان جا ذميوار آهيون، اسين صبح جو نيرن لاءِ گئس تي نيرن تيار ڪرڻ وقت ڪاربان وڌائڻ جو سبب بڻجون ٿا ۽ اسڪول، دفتر وغيره وڃن لاءِ ڪار جو استعمال ڪريون ٿا ۽ ڪار فيوئل ڪاربان ڇڏڻ جو وڏو ڪارڻ آهي، ڏسو ٿياسين نه حصيدار ماحول جي بگاڙ جا. اسان وٽ ڪيتريون به سرڪاري غير سرڪاري تنظيمون هجن، اهي سڀ ملي ڪري به شاپنگ بيگس پلاسٽڪ جي ٺهيل ٿيلهين کي روڪي ڪين سگهيون آهن. اوهان کي هر هنڌ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ملنديون اندر ٻاهر هيٺ مٿي هر جاءِ تي پلاسٽڪ جي ٿيلهين جا ڍير لڳا پيا آهن، ڀلا گٽڪو ٺهي ٿو، مين پڙي تيار ٿئي ٿي، تڏهن ئي ته عام ماڻهو جي هٿ لڳي ٿي ان ۾ عام واهپيدار جو سٺو سارو قصو ڪونه آهي بلڪه جيڪي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون تيار ڪندڙ ڪارخانا آهن، ڪارخانن جا مالڪ آهن انهن جو لائسنس رد ڇو نٿا ڪيا وڃن، انهن کي جهليو ڇو نٿو وڃي؟

هي ڌرتي جو گولو جيڪو انتهائي خوبصورت وڻن ۽ گلن جو هڪ جهڳٽو هو، اهو ڪن مفاد پرستن جي مڪار ارادن ۽ سرمائيداراڻي ترقي سبب هينئر ٽين جنگ ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي، اسان وٽ ڪڏهن به سرد جنگ Cold War ختم ڪونه ٿي هئي، انهي روپ مٽيا آهن ۽ اها هر ڀيري روپ مٽائي سامهون آئي آهي. هي موتمار هٿيارن جو ڦهلاءُ، هٿرادو جنگيون، مفادن جي نالي تي تهذيبن ۽ سڀ خوشحال ملڪن کي تباهه ڪرڻ سڀ ڪجهه هڪ منصوبا بندي تحت ٿي رهيو آهي. ڪي ماڻهو آهن جن خشڪي جي هن ٽڪري کي سيمينٽ ۽ ۽ بجري جي لوهي پڃري ۾ تبديل ڪري هڪ هٿرادو جيل بڻائي ڇڏيا آهن ۽ ان کي ريئل اسٽيٽ جو نالو ڏنو آهي، اها هڪ اهڙي ڏائڻ آهي جن اسان کان اسان جون زمينون ڦري اسان کي ماچيس جي دٻن جيترن فليٽن ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ مٿان وري چون ٿا ته اها هڪ پر آسائش ۽ عياشي واري زندگي آهي. مينهن جي ڪڻ ڪڻ اڃا پئي ناهي ڏهه ڏهه ڪلاڪ بجلي بند ٿي ناهي، ڳوٺن ۾ بجلي نالي ڪا شيءِ ڪونهي.

جن وٽ پئسو ڏوڪڙ آهي يا ڍور ڍڳو کپائي به سولر پليٽ لڳائي مڙئي وقت کي ڌڪو ڏيئي ٿو پيو. ماڻهو چون ٿا ته موجود وڌندڙ گرمي سولر پليٽن جي ڪري آهي! هاهاها! اسان جي ڀورائي تي ڪو کلي به ڪونه جيڪو سج زمين کان تيرنهن لک دفعا وڏو آهي ڀلا ان کي پليٽ ڇا ڪندي؟ ها البت اسان وڻن جي واڍي ڪري پنهنجي ڦڦڙن کي پاڻ ئي ڦاڙي رهيا آهيون، هي تبديليون تيز ٿي رهيون آهن گرمي پد انتهائي تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ مٿئين گئسن ۽ ڪاربان ۽ مونو ڊاءِ آڪسائيڊ جي اضافي جي ڪري هن ڌرتي جي گولي تي زندگي ڳولهي به ڪونه لڀندي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو جهنگلي جيوت، جيڪا اڻلڀ ٿي رهي، برفاني رڇ، پانڊا، انڌي ملهڻ، نوريئڙو ئي غائب ڪونه ٿي رهيا آهن پر هي پاڻ انسان به آهستي آهستي هن گولي تان غائب ٿي رهيو آهي.

مريخ مٿان ڪالونيون ٺاهيون پيون وڃن، نيون دنيائون پيون تلاش ٿين پر جيڪو ڏاڍو سوگابو اسان وٽ ماني ڳڀي جي طاقت به ڪونهي، سو اسان کي مريخ وارو پلاٽ ڪير وٺي ڏيندو؟ اهو به ڪنهن ٽائڪون جي ملڪيت هوندو جن ڪجهه ماڻهن لاءِ مفت دسترخان لڳرائي انهن جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي رهيو هوندو. ماحول کي بچائڻ لاءِ عالمي سطح تي شجر ڪاري مهمون هلڻ گهرن، اسڪولن، ڪاليجن رستن تي وڻ پوکڻ گهرجن استادن کي شاگردن کي وڻ لڳائڻ تي اسائمينٽون ڏيڻ گهرجن، جاڳرتا مهم هلائڻ گهرجي، پاڻ کي پنهنجي اوڙي پاڙي دوستن يارن کي تيل جي استعمال ۽ فاسٽ فوڊ کان بچائڻ لاءِ مهمون هلائڻ گهرجن، ايندڙ نسل کي ٿڌين مشينن سيڪرين وارين سوفٽ ڊرنڪس کان بچائڻ گهرجي. مڪڊونالڊس مافيا کان جان ڇڏائڻ گهرجي، پيزا، ڪي ايف سي ۽ ريسٽورنٽ مافيائن جي کاڌن جو بائيڪاٽ ڪرڻو پوندو. وڏي جدوجهد ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ بلڊر مافيا جي بلڊوزر جي بليڊ ۾ آيل پوڙهي وڻ ۾ ٺهيل ان منڊي جهرڪي جي آکيري کي ڪير به بچائي ڪونه سگهندو ۽ هي ڌرتي جو گولو ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري  بدلجي هڪ ٽامي ۽ پتل جو ٺهيل جبل بڻجي ويندو ۽ انسان باقي جاندارن سميت ان جي باهه ۾ جلي ڀسم ٿي ويندو.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment