شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

قديم ۽ جديد زرعي اوزار


صبح 03 لڳي 42 منٽ -اربع 18 جولاءِ 2018  310 
image-1

 

 

قديم تي جديد کي فوقيت حاصل آهي، پر ٿورو ماضيءَ ڏانهن وري هلبو، ته ياد ايندو، شادي مرادي يا ڪنهن به خوشيءَ جي موقعي تي سازيندڙ ۽ ڳائيندڙ گهرائبا هئا، هڪ هڪ روپئي وارا ڏهه نوٽ گهوري، غريب غربو به خوشيءَ ۾ خوشيءَ سان شريڪ ٿيندو هو. هاڻي هڪ ته غربت وڌي وئي آهي ۽ ٻيو ته نوٽ به وڏا ٿي پيا آهن، ان ڪري جيڪو اڳ ۾ ڏهه روپيا گهوري، ڏهه دفعا پاڻ ڳڻائيندو هو، ان وٽ هاڻي ننڍي ۾ ننڍا به ڏهين ۽ ويهين وارا نوٽ هجڻ ڪري، هڪ سئو گهورڻ سان به پنج يا ڏهه دفعا حاضري ڀرائڻ جو موقعو ته ماڻي سگهي ٿو، پر گهر جي سيڌي مان هڪ سئو روپيا گهڻا بچائي سگهندڙ آهن، اهو هڪ سوال آهي.

قديم تي جديد کي فوقيت ڀلي حاصل هجي، هاڻ ٺڪر جا ٿانءُ ٺاهڻ وارا، پيٽ قوت لاءِ پريشان آهن! زرعي اوزار ٺاهيندڙ، انهن جي مرمت ڪندڙ، انهن کي تيز ۽ تکو ڪندڙ پڻ حيران پريشان آهن!

قديم تي جديد کي فوقيت حاصل آهي، پر اڳي جڏهن جوڙي سان هارپو مشروط هو ۽ مختلف ضروري زرعي ڪمن ڪارن لاءِ کيت مزدور جو هجڻ ضروري هو، تڏهن ججهن ماڻهن کي روزگار جو ذريعو مُيسر هو. هاڻي زراعت ۾ نت نيون مشينون استعمال ڪرڻ واري عمل کي مڪمل طور تي رد ته نه ٿو ڪري سگهجي، ڇو ته انهن مشينن وسيلي، ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪم، پائدار طريقي سان، هڪ ساريڪو ڪري سگهجي ٿو. خاص طور تي زرعي زهر استعمال ڪرڻ واريون مشينون ته صحت تي هاڃيڪار اثرن کان بچاءُ جو بهترين ذريعو پڻ آهن، پر...

زراعت ۾ نت نيون مشينون استعمال ڪرڻ جي حمايت انهن ملڪن لاءِ ڪري سگهجي ٿي، جن ملڪن ۾ تعليم سستي، بلڪ مفت ۽ عام آهي، جن ملڪن ۾ روزگار جا وسيلا ججها آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي روزگار نه آهي، ته ان کي بي روزگاري الائونس ڏنو وڃي ٿو. پاڻ وٽ به جيڪڏهن ماڻهن کي روزگار، تعليم، صحت ۽ رهائش جو مسئلو نه آهي، ته جديد مشينون ڀلي استعمال ڪرڻ گهرجن، اسان کي ڪو اعتراض نه آهي...

ترقي يافته ملڪن ۾ ڀلي ته هر ڪم روبوٽ کان ورتو وڃي، ڀلي ته خودڪار مشينون استعمال ڪيون وڃن، زرعي ڊرون متعارف ٿين، پر پاڻ وٽ، جيڪڏهن صرف مينهن ۽ ڍڳين جي ڏُهائيءَ ڪرڻ واريون مشينون به آيون، ته صرف ڪراچيءَ ۾ هزارين ڏُهائي ڪندڙ ڏوڌا (ڏُهائي ڪرڻ وارا) بي روزگار ٿي ويندا! ايترا ئي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ موجود واڙن ۾ ڪم ڪندڙ بي روزگار ٿيندا. ان هڪ حوالي سان به هزارين گهرن جي چُلهه اُجهامي، وسامي ويندي! ٿورو تصور ڪريو، غور ڪريو...

اهڙيءَ ريت، جڏهن کان لابارو ڪرڻ واريون مشينون پاڻ وٽ استعمال ٿيڻ لڳيون آهن، تڏهن کان ڳوٺن ۾ رهندڙ اهي کيت پورهيت، جن کي سال ۾ تمام ٿورو ڪم، يعني لابارو ڪرڻ، گُڏ يا دڙ ڪرڻ، ٻيجارو وهر ڪرڻ جي مزدوري ملندي هئي، انهن کي هاڻي اڪثر هنڌن تي لابارو ڪرڻ واري مزدوري نه ملندي آهي! هاڻ فصل ۾ گُڏ يا دڙ ڪرڻ واريون مشينون، سارين جو رونبو ڪرڻ واري مشين ۽ مختلف قسم جون ڪيتريون ئي مشينون، ان حد تائين به ته فصلن ۾ ڦوهارو ڪرڻ واريون مشينون پڻ تيار ٿي ويون آهن. اهي سستيون به آهن، ڪيترا ئي زميندار اهي خريد به ڪري سگهن ٿا، پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته پاڻ وٽ اهي مشينون استعمال ڪرڻ جي صلاح به ڏجي يا نه ڏجي؟! اڳ ۾ ڪيتري بي روزگاري آهي، اڳ ۾ پيٽ قوت لاءِ ڪٿي ڪٿي، ڪير ڪير ڇا ڪري ٿو ۽ ڇا ڪرڻ تي مجبور آهي؟ ان تي ڪو سوچي، ويچاري، غور ڪري، پوءِ نت نيون زرعي مشينون متعارف ٿيڻ جي حڪمت عملي جوڙي.

سائنس کان انڪار ناهي، جديد سائنسي اوزارن کان انڪار نه آهي، پر پاڻ وٽ ۽ ترقي يافته ملڪن ۾، سرشتي جو وڏو فرق آهي.

پاڻ وٽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حمايت ڪندڙ گهڻا آهن يا مخالفت ڪندڙ گهڻا آهن؟ پاڻ وٽ جاگيرداريت جون ڳالهيون ته ٿين ٿيون، پر جاگيرون آهن گهڻيون؟

اهڙيءَ ريت، وقت جي تقاضا پٽاندر، جيڪا به ڳالهه ڪجي، اها سوچي سمجهي، توري تڪي ڪرڻ گهرجي. پاڻ وٽ ته حالت نه، حالتون آهن! تعليم جو سرشتو تباهه آهي! صحت جون سهوليتون ٿوريون ۽ اڻ پوريون اڳي ئي هيون، هاڻ ”شراڪتي“ سرشتو شروع ٿي چڪو آهي. ميرٽ جيڪا آهي، سا به پاڻ کي ساري پئي آهي! اعلى تعليمي ڊگري ۽ صلاحيت بحث ڪرڻ جهڙا معاملا آهن، يا خبر نه آهي ته درگذر ڪجن!!!.

سچ ته سوچڻ سان بدن مان سيءَ جي سٽ اڀري ٿي، وار ڪانڊارجن ٿا، ڏيل ڏڪي ٿو... قديم تي جديد کي فوقيت حاصل آهي، پر آئون زراعت ۾ نت نيون مشينون استعمال ڪرڻ جي حمايت به نه ٿو ڪري سگهان ۽ مخالفت به درست نه ٿو سمجهان. درست ڇا آهي؟ ڇو آهي؟ ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment