شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

باغيانه جدوجهد جي سوچ.....؟


شام 03 لڳي 08 منٽ -آچر 15 جولاءِ 2018  284 
image-1

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ شهبو نه آهي ته بيروزگاريءَ جي ڪک مان باغيانه جدوجهد جي سوچ جنم وٺندي آهي. سنڌ ۾ بيروزگاريءَ جو مسئلو سنگين ٿيندو وڃي. تعليم يافته نوجوان پنهنجي تعليم جون ڊگريون ته حاصل ڪن ٿا، پر سنڌ ۾ کين روزگار مهيا نٿو ٿئي..

اها چٽيءَ حقيقتت آهي ته حڪومتون، ان سلسلي ۾ غير سنڌين کي اهميت ڏينديون رهيون آهن. جيڪي وڏن عهدن تي فائز آهن ۽ سنڌي ماڻهو بيروزگاري جو شڪار آهن. سنڌ جي قديمي رهواسين سان اهڙو سلوڪ ۽ هر دور ۾ کين نظرانداز ڪرڻ هڪ وڏو الميو آهي.70 سالن گذري وڃڻ باوجود قديمي سنڌ جي رهواسين جا مسئلا حل نه ٿيا آهن. کين وڏين نوڪرين کان مرڪز توڙي صوبي ۾ پري رکيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو “ سنڌ جي ماڻهن جي وسيلن ۽ نوڪرين تي مڪمل غير سنڌين جو قبضو آهي.” چوڻي طور هر زبان تي عام آهي.

سنڌي ماڻهو جڏهن اهو ڏسن ٿا ته سندن ڌرتيءَ تي، سندن حقن تي ڌاريان ۽ پناهگير ڌاڙو هڻي، پنهنجي زندگي سٺي نموني بسر پيا ڪن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي زندگي اجيرن آهي ۽ هو مسئلن جي ڄار ۾ ڦاسايا ويا آهن، تڏهن هو اهو چوڻ تي مجبور ٿين ٿا ته “ سنڌ جي وسيلن ۽ پيدائش تي بالادست قوتن جو مڪمل قبضو آهي”

اها ڍڪيل ڇپيل ته ڳالهه رهي نه آهي ته سنڌ جي ڪارخانن، صنعتن، تيل ڪڍندڙ ڪمپنين، اسٽيل مل ۽ ٻين ادارن ۾ ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي ڪري، هتان جي ماڻهن کي بيروزگار بڻايو ويو آهي. ان کان سواءِ پوليس ۽ ٻين کاتن ۾ به ٻين صوبن جي ماڻهن جي ڀرتي نظر اچي ٿي. سنڌي ماڻهن کي ڇيهه ۾ ڇيهه ڪلارڪي ، پٽيوالي يا چوڪيداري به جيڪڏهن ملي آهي ته اها ڏوڪڙن وسيلي. ڇاڪاڻ ته اقتدار ۾ رهندڙ چاليهه سالن کان سياسي پارٽي جو هاڻ ڪلچر اهو بنجي ويو آهي ته “ نوڪريون ميرٽ جي بنياد تي نه پر ڏوڪڙن تي ڏيڻيون آهن” ان بدعت کي هو پنهنجو حق سمجهن ٿا، ۽ کلم کلا ان طريقي ڪار کي جائز سمجهن ٿا ۽ ان جي حق ۾ غير منتقي، عجيب وغريب دليل به ڏين ٿا. اڳوڻي حڪومت ۾ شامل وزير، مشير مليل پاور جي ٻل تي من پسند ماڻهن کي نيون نوڪريون به ڏنيون. ۽ من پسند نوڪري پيشه ماڻهن کي رعايتون ۽ مراعتون ڏئي، ترقيون به ڏنيون.نتيجن هو سندن کاٽائو پٽ به بنيل آهن. افسوس جو ميرٽ جي لتاڙ ۽ کلم کلا ظلم ۽ بربريت برپا هجڻ ڪري انصاف جي نالي جو ڪو به ناڻءُ نشان نٿو ملي!

ملڪ جي بجيٽ جو ستر سيڪڙو کان وڌيڪ سنڌ مان حاصل ڪيو وڃي ٿو. موٽ ۾ ڪيترو حصو ملي ٿو اهو سڀني جي سامهون آهي. سنڌ جي ڪمائي، ٻين صوبن کان ان ڪري به وڌيڪ آهي جو ڪراچي بندر جي رڪارڊ ٽوڙ آمدني، جيڪا مرڪز جي حوالي آهي. ان کان علاوه سنڌ مان تيل، گيس ۽ ڪوئلي جي ذخيرن مان حاصل ٿيندڙ بي انتها ڪمائي پڻ آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ دنيا جي گهڻن ملڪن کان وڌيڪ مالا مال آهي.

تيل سميت ٻين کاتن جي ڪمائي جو وڏو حصو ڌارين جي نظر ٿي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته تيل ۽ گيس ڪمپنين ۾ مزدور کان وٺي ڊرائيور ۽ وڏي آفيسر تائين ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جو رواج آهي. اهڙا کاتا به آهن جن ۾ سنڌي ماڻهن جو نالو نشان به نه آهي. پي آءِ اي، واپڊا ۽ نيوي ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن جي اڪثريت آهي. پر سنڌ حڪومت سان لاڳاپيل کاتن ۾ به ٻين صوبن جي ماڻهن ۽ پناهگيرن جو راڄ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

سنڌ ۾ ڌارين جي انڌا ڌنڌ آبادڪاريءَ هتان جي ماڻهن کي بيروزگار ڪيو آهي. وڌيڪ ڪلور اهو به آهي ته وڏن توڙي ننڊن کاتن تي ٻين صوبن ۽ پناهگيرن جي بالادستي هجڻ ڪري ٻين صوبن جا ماڻهو سنڌ مان ڪوڙا ڊوميسائيل هٿ ڪن ٿا ۽ ان آڌار تي نوڪريون به حاصل ڪندا رهيا آهن. اهڙن ماڻهن جي سپورٽ ڪيترن کاتن جي وڏن عهدن تي ٻين صوبن جي ماڻهن جو فائذ هجڻ آهي جن جي معرفت سنڌ جا ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ۽ شناختي ڪارد ٺهرايا وڃن ٿا ۽ پوءِ سفارش ۽ ڏوڪڙن تي نوڪريون حاصل ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي حقن تي ڌاڙو لڳندو رهيو آهي ۽ سنڌي صوفي منش ماڻهو بيروزگاريءَ جو شڪار ٿيندا رهن ٿا.

سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي، جتي پنجابي جنرلن، ڪرنلن ۽ ميجرن کي زمينون انعام طور عطا ڪيون ويون ۽ غير سنڌين کي پلاٽ الاٽ ڪيا ويا. اهو سڀ ماضيءَ جي حڪومتن جي غلط پاليسين جي ڪري ٿيو. مطلب ته سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن کان هر شيءِ کسي ڌارين جي حوالي ڪئي وئي، اهي ايترا ته زور آهن جو هر حڪومت سندن ساٿ ڌنو آهي. 

جڏهن به سنڌي ماڻهن هر حڪومت کان اهو مطالبو ڪيو ته “سنڌ ۾ ٻاهرين ماڻهن جي آبادڪاري جي آمد کي ڇو نٿو روڪيو وڃي ؟ ۽ انهن کي سنڌ م آباد ڪرڻ لاءِ نوڪريون نه ڏنيون وڃن، تڏهن هر حڪومت ان ڳالهه کي اهو چئي ٽاريو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ۾ سنڌ ۾ صنعتون وڌيڪ آهن. ان ڪري پنجاب ۽ سرحد جا ماڻهو هتي روزي ڪمائڻ اچن ٿا. حالانڪ حڪومت ٻين صوبن ۾ به صنعتون لڳائي، انهن کي پنهنجي، پنهنجي صوبي اندر روزگار فراهم ڪري سگهي ٿي، پر ان ڪم تي ڪنهن به حڪومت يا سياستدان توجهه نه ڏنو. حڪومت ۾ ايندڙ هر سياستدان رڳو پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهيو آهي.

سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن کي ايترو نوازيو ويو جو انهن کي سنڌي هارين جو حق کسي زرخيز زمينون ڏنيون ويون. خصوصن سنڌ جي ضلعن سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ نوابشاهه ۾ هنن پنهنجا ڳوٺ (چڪ) ٺاهي پنجابڪيءَ ۾ ڳوٺن جا نالا رکي ڇڏيا.

سنڌ م تمام گهڻي تيل نڪرڻ کان سواءِ گيس ۽ ڪوئلي جي ذخيرن مان آمدني حاصل ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڀ جا سڀ ٻين صوبن مان ماڻهو گهرائي ڀرتي ڪيا ويا آهن. سنڌين کي مزدوريءَ جو به حق نٿو ملي. ڪمپنين ۾ ڪا به جاءِ خالي ٿئي ٿي ته به ان جاءِ کي پر ڪرڻ لاءِ پنجاب ۽ سرحد مان ماڻهن کي گهرايو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪو سنڌي ماڻهو نوڪري لاءِ ڪوشش ڪري ٿو ته کيس اهو چيو وڃي ٿو ته “ هتي نوڪري خالي ڪانهي”

اسان جي هن پياري پاڪستان ۾ اهڙن سياستدان ۽ تجزيانگارن جي بنهه کوٽ ناهي جن جي سوچ مطابق “سنڌي” ۽ ”بلوچ“ هن ملڪ ۾ برابري جا حقدار ناهن. ۽ هو وقت به وقت پنهنجي ان سوچ جو مظاهرو به ڪندا رهن ٿا ته “سنڌي ۽ بلوچ پورهئي کان لنوائن ٿا، پنجابي محنتي آهن”

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهڙا ڪيترائي تعنا ۽ تنڪا انهن جي زبان جي زينت بڻجندا رهيا آهن. ڪڏهن سنڌين کي “گڏه چاريندڙ” قوم چيو ويو. ۽ هميشه ٽي وي تي اهڙي زهر افشاني ڪندا رهيا آهن. اهڙي هڪ خبر 2.6.2015 جي هڪ اخبار ۾ به خبر آئي جنهن ۾ چيو ويو ته “بلوچ مزدوري ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اهي گوادر ۾ ڪهڙي مزدوري ڪندا. تنهنڪري افغاني پٺاڻ ڀلي گوادر اچن. پنجاب جا ماڻهو پورهئي ۽ محنت ۾ نمبر ون آهن، سنڌ جا ماڻهو به پورهيو نه ڪندا آهن” جيستائين پياري پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن کي هڪ جهڙو انسان سمجهڻ واري سوچ نٿي پيدا ٿئي تيستائين ناانصافي جي چڪي ۾ پسبو رهبو. نه رڳو اهو پر هر حڪومت سنڌين لاءِ مفروضو ٺاهي ڇڏيو آهي ته “ سنڌي ماڻهو گهر کان ٻاهر نٿا نڪرن” اهڙي نا انصافي ۽ اڻ پنهنجائپ جو رواج وڌو ويو آهي. انهن سمورين ڳالهين ، سنڌي ماڻهن ۾ احساس محروميءَ جنم ورتو آهي ۽ نا انصافي جي خاتمي لاءِ باغيانه جدوجهد جو رستو اختيار ڪرڻ جي سوچ اڀري رهي آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment