شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 15 - ڊسمبر - 2019ع

فليش فڪشن


صبح 06 لڳي 32 منٽ -اربع 11 جولاءِ 2018  295 
image-1

غيرت:

”تون سمجهي نٿو، اوهان جي اکين تي پٽي چڙهي چڪي آهي،“ تازو تبليغ تان موٽي آيل اسد جنهنجي منهن تي ڏاڙهي هر ڏينهن سان وڌندي ٿي وئي پنهنجي جگري يار جاني جنهن اڌ ڪلاڪ اڳ شوءَ ڪئي هئي کي ڳاڙها دوڏا ڏيکاريندي چيو.

”ڏس يار تنهنجي سمجهائڻ ۾ ته ڪٿي غلطي نه آهي،“ جاني نرم لهجي ۾ مرڪندي چيس، ان تي اسد ويتر باهه ٿي ويو ۽ چيائنس: 

”اسان مسلمان غلط ٿي ئي نٿا سگهون، اوهان بيوقوف آهيو اوهان کي ايتري ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.“

”پر پوءِ به...“ جاني حيرت مان کيس ڏسندي چيو.

”آمريڪا اسان مسلمانن جي غيرت کي مارڻ چاهي ٿو،“ اسد پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو. ان تي جاني سنجيدگي سان چيس:

”ادا تو ته منهنجون اکيون کولي ڇڏيون جئين منهنجي پنجن ڇهن سالن جي ڌيءَ يا ڀيڻ گهران پير ڪڍي ته کيس ڪهاڙين جي وارن سان ڪارو ڪري ماريان ٿو.“

فائيل فوٽو

آمريڪي سازش:

هڪ ڏهه يا يارهن سالن جو سهڻو سيبتو ننگر گهڙين جي سهاري بازار مان ويندي ڏٺم، سندس پاسي کان اچي پڇيومانس:
”ڇا توکي خبر آهي ته جيڪڏهن توکي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ها ته توکي هي بيماري نه لڳي ها.“
ننگر مونکي موتمار نظرن سان ڏٺو، مون حيرت مان هن کي ڏسندي سوال ڪيو:
”ڇا اوهان ڏي پوليو جا ڦڙا پيارڻ وارا نه آيا هئا؟“
ننگر وري نفرت مان مونکي ڏسي چيو:
”آيا هئا، پر بابا هنن کي آمريڪي سازش چئي ڀڄائي ڇڏيو، مونکي ته تون به آمريڪي سازش جو حصو پيو لڳئين،“ اهو چئي هو گهوڙين جي سهاري اڳيان وڃڻ لڳو.

 

فائيل فوٽو

ليکڪ:

پڇيائين: پئيندو آھين؟

چيم: نه

پڇيائين: ھڻندو آھين؟

چيم: نه

چيائين: پڪ پوء چوري ڪري لکندو آھين..

سنڌ شاعر سپورٽ پروگرام:

پنہنجا قومي سڃاڻپ ڪارڊ کڻي اچو، شعر ٻڌايو ۽ 2000 وٺو...

وڃ ہيڏي وڏي قطار....!! سنڌ ۾ ايڏا شاعر آہن ڇا....!!

سڀني کي ہزار ہزار ڏٸي خوش ڪريو.....

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment