شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 22 - نومبر - 2019ع

فلاسافر البير ڪامئو ۽ سندس ناول ’دي پليگ‘


صبح 07 لڳي 02 منٽ -آچر 08 جولاءِ 2018  402 
image-1

 

جڳ مشهور ليکڪ ۽ وجودي فلاسافر البير ڪامئو سال 1913ع ۾ الجيريا جي شهر بونووي ۾ جنم ورتوـ تنهن وقت الجيريا فرانس جي قبضي هيٺ هو، انهي لاءِ ڪامئو فرانسيسي ٻولي ۾ ئي ادب تخليق ڪيو. سندس مشهور ڪتابن ۾ The Plague ”وبا“،  The Stranger ”ڌاريو“، The First Man ”پهريون ماڻهو“، The Myth of Sisyphus ”سسيفس جي ڏندڪٿا“، The Rebel ”باغي“ ۽Fall   The”زوال“ شامل آهن، جن سڄي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي.

1957ع ۾ 43 سالن جي ڄمار ۾ البير ڪامئو کي ادب جي نوبل انعام سان نوازيو ويو ۽ ان وقت ادب ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ ٻيو نمبر نوجوان اديب هو. سڀ کان ننڍو اديب رڊيارڊ ڪپلنگ هو، جنهن کي فقط 41 ورهين جي ڄمار ۾ نوبل انعام جو حقدار قرار ڏنو ويو.

البير ڪامئو جو موت 04 جنوري 1960ع ۾ هڪ ڪار حادثي سبب ٿيو. سندس ٻه ڪتاب The Rebel  ۽ The First Man سندس موت کانپوءِ ڇپرايا ويا.

”دي پليگ“ ناول بابت آگاهي

البير ڪامئو 1941ع ۾ هن ناول لاءِ مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن هو ٽي بي جي مرض سبب ڊاڪٽرن جي هدايتن تي اوران شهر ۾ ترسيل هو. ڪامئو کي اهو شهر بلڪل پسند نه هو پر کيس سندس بيماري اتي رهڻ تي مجبور ڪيو. ڪامئو جي ٻين ڪتابن وانگر هي ناول به سندس سستي سبب دير سان لکجي پورو ٿيو ۽ نيٺ 1947ع ۾ هي ناول ڇپجي پڌرو ٿيو. انهي ناول جو انگريزي ۾ ترجمو رابن بوس ڪيو آهي، جنهن اڳ ۾ به فرانسيسي ٻولي مان انگريزي ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجما ڪيا آهن.

ناول جي ڪهاڻي هڪڙي گدلي ۽ اڻوڻندڙ الجيريئن شهر اوران (Oran) بابت آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ليکڪ ڪهاڻي جو سال نه ڄاڻايو آهي. ناول پنجن  ڀاڱن تي ٻڌل آهي ۽ هر ڀاڱو ڪهاڻي جي مختلف پهلو کي نروار ڪري ٿو ۽ پڙهندڙ انهي جي گهرائي ۾ ايترو ته ٻڏي وڃي ٿو جو هو پاڻ کي انهي ناول جو حصو سمجهڻ لڳي ٿو.

فائيل فوٽو

پهرين حصي ۾ ڪهاڻي جو مک ڪردار ڊاڪٽر ريوز پنهنجي فليٽ جي ڏاڪڻ لهڻ وقت هڪ مئل ڪوئو ڏسي ٿو. ڪجهه ڏينهن ۾ ڪوئن جي وڌندڙ انگ سبب مقامي انتظاميه مئل ڪوئن کي ساڙڻ جو انتظام ڪري ٿي. شهرين کي ڳڻتي ٿيڻ لڳي ٿي. ٿوري ئي وقت کانپوءِ ڪوئن جي مرڻ جو تعداد گھٽجڻ لڳي ٿو ۽ تنهن کانپوءِ ان وبا سبب انسان مرڻ لڳن ٿا. اهڙي صورتِحال شهرين ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪري ڇڏي ٿي. آهستي آهستي انساني موتن جو تعداد به وڌڻ لڳي ٿو. ناول جي هيرو ڊاڪٽر ريوز جي زور ڀرڻ تي مقامي انتظاميه ورتل اپاء تيز ڪري ڇڏي ٿي. تنهن باوجود به ڪو خاطر خواه نتيجو نٿو نڪري. ڪجهه وقت کانپوءِ نيٺ مقامي انتظاميه شهر ۾ پليگ سبب هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏي ٿي.

اهڙي حالت ۾ هر ماڻهو وبا جي خاتمي يا انهي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي راءِ پيش ڪري ٿو. پر ناول جو هيرو ڊاڪٽر ريوز هڪ ڊاڪٽر هئڻ جي ناتي پنهنجو ڪم برقرار رکڻ ۽ وبا سان وڙهڻ جو طئي ڪري ٿو. ٻاهرين شهر مان آيل هڪ صحافي رامبرٽ شروعاتي ڏينهن ۾ بيزاري جو شڪار ٿي شهر ڇڏڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪري ٿو. مسلسل ناڪاميءَ کانپوءِ نيٺ رامبرٽ پنهنجي ذاتي جذبن تي ڪنٽرول ڪري شهر ڇڏڻ جون ڪوششون ختم ڪري هڪ وبا ڀوڳيندڙ اجتماعي ڪميونٽي جو ڀاتي بڻجي وڃي ٿوـ ”تارو“ نالي اخلاقيات ۾ ڪامل يقين رکندڙ هڪ نوجوان شهري گڏيل ڪميونٽي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿوـ ”ڪوتارد“ نالي هڪ ڏوهاري ماڻهو پهرين پليگ کي تسليم ڪري گوڏا کوڙي ٿو پر پوء ڊوڪٽر ريوز جي هيلٿ ٽيم ۾ شامل ٿي اجتماعي ڪميونٽي لاء گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ راضپو ڏيکاري ٿو.

ناول جي ٻي ڀاڱي ۾ليکڪ شهر ۾ رهندڙ مختلف عنصرن جو ردِعمل ڏيکاري ٿو. وبا ڦهلجڻ سبب مقامي انتظاميه شهر جا مک دروازا بند ڪري شهر ۾ اچ وڃ تي پابندي هڻي ڇڏي ٿي. پابندي سبب شهري جلاوطني ۽ جدائي جو شڪار ٿين ٿا. ان ڏس ۾ مک دروازن تي پهرو ڏيندڙ چوڪيدارن ۽ شهرين وچ ۾ ڪجهه چڪريون به ٿين ٿيون. پادري وبا کان ڇوٽڪاري لاء اجتماعي دعا گهرڻ خاطر سمورن شهرين کي چرچ ۾ گڏجاڻي جي دعوت ڏي ٿو. وبا ڦهلجڻ سبب عام ماڻهو هڪٻئي کان ڊڄڻ لڳن ٿاـ ايتري قدر جو اجتماعي بدران فردي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿين ٿا ۽ هڪٻئي سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان به پاسو ڪرڻ لڳن ٿا. وبا ڪن ماڻهن لاءِ ذميواري ۽ احساس جو مسئلو آهي ته ساڳي ئي وقت تي ڪيترائي ٻيا ماڻهو بيماري اڳيان گوڏا کوڙڻ جو سوچين ٿا. اهڙي صورتِ حال ۾ ڊاڪٽر ريوز ۽ سندس ٽيم وبا جي خاتمي لاءِ پنهنجي وس آهر هر ڪوشش ۾ رڌل رهي ٿي.

ڪهاڻي جي ٽين ڀاڱي ۾ ٻڌايل آهي ته ڇهن مهينن اندر وبا هر شيءِ تي حاوي ٿي وڃي ٿي. موتن جو تعداد وڌڻ سبب شهر ۾ تابوت گھٽجڻ لڳن ٿا ۽ مقامي انتظاميه مُردن کي اجتماعي طور دفنائڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي. جيئرن جو ڌيان موت بدران ٻين مسئلن ڏانهن ٿئي ٿو جهڙوڪر کاڌي پيتي جو راشن وغيره. موتن جي وڌندڙ تعداد سبب قبرستان ۾ جڳهه جي گھٽتائي ٿئي ٿي. شهر جو ماحول ۽ شهرين جي زندگين سان لاڳاپيل هر شيءِ وبا جي حوالي سان تشريح ڪئي وڃي ٿي.

چوٿين ڀاڱي ۾ ڪم جي گھڻائي سبب ڊاڪٽر ريوز ۽ سندس هيلٿ ٽيم ٿڪجي پئي ٿي. موتن جو تعداد هڪ مخصوص نمبر تائين پهچي بيهجي وڃي ٿو جنهن کي ڊاڪٽر سندس عروج چون ٿاـ هينئر ڇاتي جي انفيڪشن سبب ماڻهو تڪڙو مرن ٿاـ

پنجين ڀاڱي ۾ لڳ ڀڳ هڪ سال کان پوء وبا جو زور ٽٽي ٿوـ تنهن باوجود وبا شهرين جي دماغ تي نفسياتي طور ايتري قدر حاوي ٿي وئي آهي جو ماڻهو وبا کان نجات اچڻ تي اعتبار ڪرڻ کان قاصر آهن. ڪهاڻي جي آخر ۾ ”تارو“ به پليگ سبب زندگي وڃائي ويهي ٿو.

هي ناول ٻي مهاڀاري جنگ کان ٿورو ئي بعد لکيو ويو هو. ڪهاڻي ۾ فرانس تي نازي جرمنيءَ جي قبضي جي ڏيکاري ملي ٿي. هي هڪ بظاهر ضابطي هيٺ نه ايندڙ ۽ سڄي سماج کي وڪوڙي ويندڙ  برائي جي ڪهاڻي آهي. اهڙي حالت ۾ هر ماڻهو پنهنجي وس آهر ۽ پنهنجي سمجهه موجب هن برائي کي سمجهي ۽ ري ايڪٽ ڪري ٿو. ڪجهه الزام تراشي ۽ انتقام جا ڪارڻ ڳولهين ٿا ته ڪجھ پنهنجو پاڻ کي قسمت آڌار ڇڏي ڏين ٿا ته ساڳي ئي وقت ڪجھ ماڻهو هن برائي خلاف مزاحمت ڪرڻ جي ارادي تي مضبوطي سان قائم رهن ٿاـ

جيئن ته ناول جو موضوع نج سياسي آهي پر غيرسياسي انداز ۾ لکڻ سبب ليکڪ تي پهرين ڇاپي ڇپجڻ کانپو۽ تنقيد به ٿي هئي. ڪجھ وقت کانپوءِ ادبي حلقن ۾ ڪامئو جي هن اڻ سياسي طريقي سان سياسي مسئلي کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش کي ڀرپور ساراهيو ويو هوـ تت موجب هي ناول ذميواري، انصاف، جلاوطني، جدائي، ڪاوڙ، انتقام ۽ آفت وقت پر عزم ۽ مثبت رهڻ بابت آهي.

برائي ۽ آفت سان ويڙهه ڪرڻ ۽ آخري دم تائين مزاحمت ڪرڻ ئي هن ڪهاڻي جو مک نقطو آهي. ناول جو هيرو ڊاڪٽر ريوز هڪ جاءِ تي چوي ٿو ”ڪو چريو، انڌو يا بزدل ئي پنهنجو پاڻ کي وبا حوالي ڪري سگھي ٿو“. ٻي جاءِ تي ناول جو ڪردار ”تارو“ چوي ٿو ته ”سماجي وبا سان هميشه ڌيان سان پيش اچڻ گهرجي. ماڻهن کي وبا کان بچائڻ علاج کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. علاج وڌيڪ ٿڪائيندڙ هوندو آهي. ماڻهو کي سدائين مظلوم جي پاسي رهڻ گهرجي“ـ

هي ڪتاب 2013ع ۾ انگلينڊ جي اداري پينگوئن پنهنجي سيريز ماڊرن ڪلاسڪس ۾ ڇپرايو آهي ۽ ڪتاب 249 صفحن تي ٻڌل آهي.

هي ڪتاب هر سياسي، ادبي ۽ سماجي شعور رکندڙ ماڻهو کي ضرور پڙهڻ گهرجي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment