شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

ايون فيلڊ ريفرنس فيصلو ۽ نواز شريف جي واپسي جو اعلان


صبح 11 لڳي 14 منٽ -جمعو 06 جولاءِ 2018  220 
image-1

 

پاڪستان جي اردو ميڊيا جا ڪهڙا گڻ ڳائجن، پر جڏهن ڪو عدالتي فيصلو اچڻو هوندو آهي ته اردو ميڊيا جي نيوز روم ۾ ويٺل نيوز ڪاسٽر کان وٺي اينڪر پرسن تائين ڄڻ ته رڙين جو مقابلو هوندو آهي. جيڪڏهن انهن جو وس پڄي ته جج جي ڪرسي تي ويهي جج کان اڳ ئي فيصلو ٻڌائي ڇڏين پر اهو سندس اختيار ۾ ناهي. جولاءِ جو مهينو نواز شريف لاءِ گذريل سال به ڳرو ثابت ٿيو ۽ هن سال به ڳرو ثابت ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته کيس ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت پاران 10 سال سزا ۽ 8 ملين پائونڊ جو ڏنڊ هنيو ويو آهي. جڏهن ته سندس ڌيءُ مريم نواز کي 7 سال قيد ۽ 2 ملين پائونڊ ڏنڊ هنيو ويو آهي ۽ ڪئپٽن (ر)صفدر کي هڪ سال جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

فيصلو اًچڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ جي صدر ميان شهباز شريف چيو ته هي فيصلو تازيخ ۾ ڪارن اکرن سان لکيو ويندو، سموري ڪيس ۾ ڪي به ٺوس ثبوت پيش نه ڪيا ويا آهن. جنهن ملڪ جي سموري تاريخ ئي ڪاري هجي، ان ۾ جيڪڏهن هڪٻئي ڪاري ڏينهن جي واڌ ٿي وئي ته ان تي حيرت نه ڪرڻ گهرجي.

گذريل ڪجهه وقت کان اسين اهو ئي ڏسي رهيا آهيون ته نواز ليگ خلاف ڪهڙي ريت لاڳيتا فيصلا اچي رهيا آهن. ان کان اڳ نا اهلي وارو فيصلو ۽ هاڻ ايون فيلڊ ريفرنس ۽ ان کان پوءِ به ڪي ڪيس آهن، جن تي فيصلا اچڻا آهن. کڻي جو اهو فيصلو نواز شريف جي سموري سياسي ڪيريئر کي ختم ڪرڻ لاءِ آهي ۽ سزا ڪاٽڻ کان پوءِ هن وٽ ايترو وقت ئي نه بچندو جو هو پنهنجو سياسي عمل وري شروع ڪري سگهي. (جيڪڏهن ڪو اين آر او نٿو ٿئي) ماضي جي تجربي کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته نواز شريف جيل جو بنهه ڀاڙيو رهيو آهي. جڏهن 1999ع ۾ پرويز مشرف اقتدار تي راتاهو هنيو هو ته نواز شريف سال اندر ئي جيل مان نڪري ٻاهر هليو ويو هو.

جهڙي ريت نواز شريف خلاف تڪڙا تڪڙا فيصلا عدالتي ڪمرن مان آيا آهن، ڪاش ڪنهن آمر لاءِ به ايترا تڪڙا فيصلا اچي سگهن ها. پر جيئن ته آمر سدائين عدالتن کان به ڏاڍا رهيا آهن تنهنڪري انهن لاءِ ڪابه عدالت فيصلو نه ڪندي آهي بلڪه اهي سدائين ججن لاءِ فيصلا ڪندا رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسين سدائين جيلن ۾ سويلين حڪمرانن کي ويندي ڏسندا آهيون. ان حساب سان اسان جا سويلين حڪمران وڌيڪ بهادر آهن ڇاڪاڻ ته اهي جيلن ۽ عدالتي سزائن کان به نه ڊڄندا آهن. هاڻوڪي صورتحال جيڪا چونڊن کان ٿورو ئي اڳ ۾ پيدا ٿي آهي، ان ۾ پنجاب ڪهڙي ريت ردعمل ڏيکاري ٿو ۽ ڪهڙي ريت پنجاب جو ماڻهو هاڻ 25 جولاءِ تي پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪندو اها ان ڏينهن ئي خبر پوندي.

پر اڄوڪي فيصلي کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته سگهاريون ڌريون ڪنهن به ريت هن ملڪ ۾ سويلين حڪمرانن کي مضبوط ٿيندي نٿيون ڏسڻ چاهين. نواز شريف تي ڪرپشن جا الزام مڙهي ان کي سزائون ڏنيون ويون آهن پر ملڪ جو ڪهڙو اهڙو حڪمران يا آمر رهيو آهي جيڪو ڪرپشن جي گٽر ۾ ٻڏل ناهي رهيو. ڇا هن ملڪ جي آئين کي لتاڙي چونڊيل حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ کان وڏي ڪا ڪرپشن ٿي سگهي ٿي پر اهڙي قسم جي عمل کي اسين ڪنهن به ريت ڪرپشن نٿا سمجهون.

هاڻوڪي صورتحال ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز وطن ورڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي مقابلو ڪري سمورين تڪليفن کي برداشت ڪرڻ جي به ڳالهه ڪن ٿا ته اهو سندن سياسي زندگي کي اڃا به بهتر ڪري ڇڏيندو ۽ خلائي مخلوق لاءِ به اها هڪ شڪست هوندي ته نواز شريف ۽ سندس پارٽي کي ايترو سوڙهو ڪرڻ کان پوءِ به هو جهڪڻ لاءِ تيار ناهي. هاڻوڪيون چونڊون ڏينهن ويجها ايندي به غيريقيني لڳي رهيون آهن، انهن جو مقرر تاريخ تي ٿيڻ به سياسي پارٽين جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. ڇاڪاڻ ته چونڊن واري عملي وسيلي ئي اسين ماڻهن کي چونڊي ايوانن ۾ موڪلي سگهندا آهيون، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن کي اقتدار ته ملي ويندو آهي پر اختيار وري به سگهارين ڌرين وٽ هوندو آهي.

نواز شريف پنهنجي پريس ڪانفرنس انهن سمورين ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي گذريل 70 سالن کان هن ملڪ ۾ ٿينديون رهيون آهن. هن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهو به چيو ته ڪجهه جج ۽ جرنيل ئي هن ملڪ جي قسمت جو فيصلو ڪري رهيا آهن. سندس پريس ڪانفرنس جي لهجي مان اهو به محسوس ٿي رهيو هو ته هو هاڻ اهو فيصلو ڪري چڪو آهي ته کيس ڪجهه به ٿئي هاڻ هو انهن ڪردارن کي ضرور وائکو ڪندو رهندو، جيڪي گذريل ستر سالن کان هن ملڪ کي يرغمال ڪريو ويٺا آهن. نواز شريف کي اهڙي اعلان کان پوءِ پنجاب ۾ سندس ووٽرن کي ضرور آٿت ملي هوندي ۽ انهن کي اهو به احساس ضرور ٿيو هوندو ته هو پرويز مشرف وانگر ڪو ڊڄڻو ماڻهو ناهي. هن ڀيري هو عوام کي ئي چئي رهيو آهي ته پنهنجي ووٽ وسيلي ئي انهن قوتن کي شڪست ڏيو جيڪي هن ملڪ جي چونڊيل نمائندن کي ڦاهيون ۽ سزائون ڏينديون رهيون آهن.

 اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن هاڻوڪي فيصلي کان پوءِ به پنجاب نواز شريف سان گڏ بيهي ٿو ۽ ان جي پارٽي کي 25 جولاءِ تي ووٽ ڪري ٿو ته پوءِ اها شڪست نه فقط عمران خان بلڪه هن ملڪ جي اسٽيلشمينٽ جي به هوندي. ڇاڪاڻ ته نواز شريف ان جنگ کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کي جوٽڻ کان پوءِ هن اهو تاثر ڏنو هو ته هو هاڻ ڪڏهن به نه جهڪندو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment