شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - مارچ - 2019ع

آصف زرداري ۽ بلاول نيب آڏو پيش، پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون، ڪيترائي گرفتار

تازھ ترين

عورتون پاڻ کي خوبصورت ڇو نه ٿيون رکي سگهن


شام 04 لڳي 50 منٽ -اربع 04 جولاءِ 2018  68 
image-1

جيتوڻيڪ پاڻکي خوبصورت بنائڻ ۽ دلڪش نظر اچڻ لاءِ عورتون دنيا جهان جا جتن ڪن ٿيون ۽ ان لاءِ ڪيترا ٽوٽڪا به استعمال ڪن ٿيون پر تنهن هوندي به کين اهائي شڪايت رهي ٿي ته انهن مان کين ڪو خاص فائدو نٿو ٿئي. جيڪڏهن توهانکي به اهائي شڪايت آهي ته پنهنجو جائزو وٺي ڏسو ته ان سلسلي ۾ توهان ڪهڙيون غلطيون ڪري پنهنجيءَ صحت ۽ خوبصورتيءَ کي داءَ تي لڳائي رهيا آهيو. ڇا ايئن ته ناهي ته توهان تندرست رهڻ ۽ دلڪش نظر اچڻ لاءِ هيٺين بنيادي ڳالهين ڏانهن ڌيان ئي نٿا ڏيو:

 

گهٽ پاڻي پيئڻ: گهربل يا مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ اسان سڀني لاءِ ضروري ۽ فائديمند ٿئي ٿو. جنهن لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته روزانو گھٽ ۾ گھٽ ۾ پاڻيءَ جا 8 گلاس (2 لٽر) پيئڻ گهرجن ته جيئن جسم پاڻيءَ جي گهربل مقدار سان تر رهي سگهي. جڏهن ته ڪيتريون عوتون ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي ناهن ڏينديون ۽ تيسيتائين پاڻي ناهن پيئنديون جيسيتائين تارون يا نڙي سڪي نٿي وڃي.

 

گهٽ پاڻي پيئڻ سبب نه رڳو جسم سوڪهڙي يا پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار ٿئي ٿو، جلد ٿڪ محسوس ڪجي ٿو، چيڙاڪ ٿي پئجي ٿو ته قبضيءَ جهڙي مسئلي سان به منهن ڏيڻو پوي ٿو.

کاڌو نه کائڻ: ڪيتريون عورتون پاڻکي سمارٽ بڻائڻ ۽ ڊائيٽنگ جي چڪر ۾ هڪ وقت جو کاڌو کائڻ ڇڏي ڏين ٿيون جنهن جو کين فائدو ٿيڻ بجاءِ رهندو نقصان ٿئي ٿو. ايئن هڪ ويلو ٽارڻ سان توهانکي بک به تيز لڳي ٿي جنهنڪري عام رواجي ويلي جي مقدار کان وڌيڪ کائي وڃو ٿا جيڪو اڳتي هلي وزن وڌڻ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري بهتر ٿئي ٿو ته نه رڳو وقت سر ماني کائجي ته اها به مناسب مقدار ۾ جنهن سان نه رڳو توهان پنهنجيءَ بک تي ضابطو رکي سگهندا ته صحت به سٺي رهندي ۽ عام رواجي ڪم ڪار سولائي ۽ چستيءَ سان ڪري سگهندا.

متوازن کاڌو نه کائڻ: ڪيتريون اهڙيون به عورتون ٿين ٿيون جيڪي جيتوڻيڪ وقت تي ۽ صحيح مقدار ۾ کائڻ کانپوءِ به پنهنجيءَ صحت جي ڪيترن مسئلن جي شڪايت ڪن ٿيون. جڏهن ته اهڙين عورتن سان مسئلو کاڌي جي متوازن هجڻ جو ٿئي ٿو يعني هڪ اهڙو کاڌو جنهن ۾ داليون، سبزيون، تازو ميوو، سڪل ميوو ۽ تاندوري سان ڀريون اناج (سادو يا اهڙو اٽو جيڪو ڇاڻ سان ڀريل هجي) هجڻ گهرجي. متوازن کاڌي کائڻ سان جسم ۾ گهڻي چرٻي گڏ ٿي نٿي سگهي ته هاضمو به درست رهي ٿو جنهن سبب توهان سڄو ڏينهن پاڻکي چست محسوس ڪريو ٿا.

پروٽين: ڪنهن متوازن کاڌي جو هڪ اهم حصو ان جي پروٽين ٿئي ٿي جيڪا هر فرد لاءِ استعمال ڪرڻ ضروري ٿئي ٿي. جڏهن ته ڪيتريون عورتون پروٽين ڏانهن ڌيان ناهن ڏينديون ۽ گھٽ مقدار  ۾ استعمال ڪن ٿيون. پروٽين سان ڀريل کاڌن ۾ آنا، مڇي، مرغي، ڏهي ۽ کير جو خاص ذڪر ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن روزانو ممڪن ٿي نه سگهي ته هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا اهڙا کاڌا ضرور کائجن جن سان پروٽين جي کوٽ پوري ٿي سگهي. اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته، پروٽين جي استعمال سان نه رڳو جسم چست رهي ٿو ته ان سان رت ۾ شگر يا کنڊ جو مقدار به ضابطي ۾ رهي ٿو.

ڪاربوهئڊريٽس: پروٽين جيان ڪاربوهئڊريٽ يا نشاستو به اسانجي روزاني زندگيءَ ۾ استعمال ڪرڻ ضروري ٿئي ٿو جن ڏانهن ڪيتريون عورتون ڌيان ئي ناهن ڏينديون اهو ڪيلي، پٽاٽي، بيٽ، نارنگيءَ، گريپفروٽ، صوف ، رهان، ڪيترين سبزين ۽ اناج ۾ جهجهي مقدار ۾ موجود ٿئي ٿو جنکي اسان پنهنجي روزاني کاڌي جو هڪ حصو بڻائي سگهون ٿا. اهي معتدل مقدار ۾ کائڻ گهرجن. پر جيڪڏهن گهٽ مقدار ۾ کائبا ته چڙ، ٿڪ، اوڪارا، قبضي، مٿي جو سور ۽ گھڻي کائڻ جهڙا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

سڻڀ جو استعمال: ايئن برابر آهي ته ڪيترن کاڌن ۾ گهڻو سڻڀ ٿئي ٿو جنهن سبب جسم ۾ ڪولسٽرال جو مقدار وڌي سگهي ٿو جڏهن ته ساڳي وقت اها ڳالهه به وسارڻ نه گهرجي ته سڻڀ جو هجڻ به جسم لاءِ ضروري ٿئي ٿو تنهنڪري کاڌي ۾ سڻڀ جو گھٽ مقدار به هجڻ گهرجي پر اهو بلڪل ختم نه ڪرڻ گهرجي.

فائيل فوٽو

ڪمهلو يا بي وقتائتو کائڻ: ڀلي ته کاڌو متوازن ۽ غذائي جزن سان ڀرپور ڇو نه هجي پر جيڪڏهن بي وقتائتو کائبو ته فائدي بجاءِ نقصان ڏيندو. اسانوٽ عام طور تي اهوئي ٿيندو آهي ته عورتون اڳ ۾ گهر جي سڀني ڀاتين کي کاڌو کارائينديون آهن ۽ پوءِ گهر جو ڪم ڪار لاهي آخر ۾ جيڪي ڪجهه بچندو آهي اهو پاڻ کائينديون آهي، جيڪا ڳالهه سندن صحت لاءِ سٺي نٿي ٿئي. جڏهن ته بهتر نه رڳو سڀني گهر ڀاتين سان گڏجي کائڻ ٿئي ٿو ته نيرن کان رات جي ماني، وقت تي کائڻ گهرجي. اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته نيرن ڪرڻ جو صحيح وقت علي الصبح يعني سج اڀرڻ کان ترت پوءِ، ٻنپهرن جو کاڌو ڏينهن جو 12 وڳي کان 2 وڳي جي وچ ۾ ته رات جي ماني کائڻ جو موزون وقت سج لهڻ کان اڳ ۾ هجڻ گهرجي. بي وقتائتي کائڻ سان بدهاضمون، وزن وڌڻ ۽ صحت جي ٻين ڪيترن مسئلن جي صورت ۾ ظاهرٿي سگهي ٿو.

ڪسرت: جيتوڻيڪ گهر جو پاڻ ڪم ڪندڙ عورتون روزانو ايترو ته ڪم ڪن ٿيون جو ان سان سندن ڪيتري جسماني ڪسرت ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته ڪنهن آرامدهه ۽ سڪون سان زندگي گذاريندڙ عورت پاڻکي ‘چست’ ۽ ‘فٽ’ رکڻ لاءِ مختلف قسمن جي ڪسرت ڪندي رهي ٿي. جڏهن ته سڀني عورتن کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جسم جي برداشت جي به هڪ حد ٿئي ٿي ان سبب پاڻکي سمارٽ رکندڙن عورتن کي سڄي ڏينهن دوران وڌ ۾ وڌ 60 منٽن تائين ورزش ڪرڻ گهرجي. ان جو ٻيو رخ انهن عورتن جي صورت ۾ آهي جيڪي گهڻيون آرام پسند هجڻ سبب نه ته گهر جو ڪم ۽ نه ئي ڪسرت ڪن ٿيون. اهڙين عورتن کي ياد رکڻ گهرجي ته کين نه ته صحت بخش کاڌو ۽ نه ئي متوازن غذا تندرست رکي سگهي ٿي. ڪسرت يا جسماني ڪم نه ڪرڻ سان اهي اعصابي دٻاءَ، هاءِ بلڊپريشر، بدهاضمي، ٿلهائپ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن قسمن جي سنگين مسئلن کي دعوت ڏئي سگهن ٿيون.

فائيل فوٽو

ننڊ جي کوٽ: سٺيءَ صحت لاءِ روزانو ڇهه ست ڪلاڪ سمهڻ ضروري ٿئي ٿو. جڏهن ته ڪيتريون عورتون ان کان به گهٽ ننڊ ڪن ٿيون جنهن جو عام سبب گهر جو گهڻو ڪم هجي ٿو. جڏهن مڪمل ننڊ ڪري نه سگهجي تڏهن ڪيترين قسمن جون تڪليفون پيدا ٿي سگهن ٿيون. تنهنڪري عورتن کي روزانو پنهنجي ننڊ پوري ڪرڻ گهرجي پر جيڪڏهن ڪنهن به سبب رات جو پوري ننڊ ڪري نٿيون سگهن ته ڏينهن جو جڏهن به موقعو ملين ڪجهه ڪلاڪن لاءِ سمهي اهڙي کوٽ پوري ڪري سگهن ٿيون جنهن لاءِ ساڻن گهر وارن جو سهڪار ڪرڻ ضروري ٿئي ٿو.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment