شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

اليڪشن ايڪٽ 2017 هڪ تعارف


صبح 06 لڳي 22 منٽ -اڱارو 26 جون 2018  117 
image-1

 

 (حصوٻيون)

نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال:

تڪ جو ڪوبه ووٽر ڪنهن به اميدوار جي نامزدگي تي ڪميشن طرفان جاچ پڙتال لاءِ مقرر ڪيل تاريخن جي اندر اعتراض ڪري سگهي ٿو. نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جي عمل دوران اميدوار، انهن جا اليڪشن ايجنٽ، تجويز ڪندڙ، تائيد ڪندڙ ۽ اعتراض ڪندڙ ووٽر موجود هوندا. ريٽرنگ آفيسر ڪنهن به اداري (بشمول مالياتي ادارا) کي ڪوبه اهڙو دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿو، جيڪو هو ضروري سمجهندو هجي. ريٽرنگ آفيسر کي ڪنهن ووٽ جي داخلا جي صحيح هجڻ يا نه هجڻ جي انڪوائري نه ڪندو. ريٽرنگ آفيسر ڪنهن اعتراض تي پاڻ يا پنهنجي طرفان ڪرايل سراسري انڪوائري جي بنياد تي ڪنهن به اميدوار جا ڪاغذ هيٺين صورت ۾ مطمئن نه هجڻ جي صورت رد ڪري سگهندو.

اميدوار ميمبر چونڊجڻ جي اهل ناهي.

تجويز يا تائيد ڪندڙ ائين ڪرڻ جا اهل ناهن، يا انهن جون صحيحون غلط آهن.

اميدوار گهربل اقرار ناما، اسٽيٽمينٽ وغيره جمع ناهن ڪرايا. يا غلط اندراج ڪيو آهي.

ريٽرنگ آفيسرن جي ڪاغذن جي منظور يا رد ڪرڻ خلاف اپيلن جي ٻڌڻي لاءِ اليڪشن ڪميشن هڪ ٽربيونل مقرر ڪندو، جيڪو هاءِ ڪورٽ جي جج تي مشتمل هوندو. جنهن جي مقرري هاءِ ڪورٽ جي مشوري سان ڪئي ويندي.

ريٽرنگ آفيسر ڪاغذن جي جاچ پڙتال کان پوءِ درست قرار ڏنل اميدوارن جي فهرست تيار ڪندو، ريٽرنگ آفيسر انهن تي نظرثاني ڪري، پنهنجي آفيس جي ٻاهران لڳائيندو.

ڪوبه اميدوار جنهن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي چڪا آهن، واپس وٺڻ جي آخري تاريخ تائين لکت ۾ درخواست ڏئي واپس وٺي سگهي ٿو. چونڊ نشان جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيل اميدوار، ڪنهن پارٽي سان وابستگي جو سرٽيفڪيٽ ڏئي، ان پارٽي جو نشان حاصل ڪري سگهي ٿو. آزاد اميدوارن کي انهن جي پسند جو نشان ڏنو ويندو، جيڪڏهن ٻه اميدوار هڪ نشان جي گهر ڪن ٿا ته ان جو فيصلو سينارٽي جي بنياد تي ڪيو ويندو، ٻنهي اميدوارن مان هڪ نشان ان کي ڏنو ويندو، جيڪو اڳ ۾ پارليامينٽ جو ميمبر رهي چڪو هجي. ٻي صورت ۾ فيصلو قرعه اندازي ذريعي ڪيو ويندو.

پولنگ واري ڏينهن کان گهٽ ۾ گهٽ چار ڏينهن اڳ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڪوبه اميدوار لکت ۾ درخواست ڏئي، اليڪشن کان رٽائر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن پولنگ کان اڳ يا پولنگ جي وقت جي وچ تي ڪو اميدوار فوت ٿي وڃي ته ان تڪ ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائي ويندي. ان لاءِ اڳ حصو وٺندڙ اميدوارن کي ٻيهر ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي، پر ڪو نئون ماڻهو حصو وٺڻ چاهي ته ان لاءِ تاريخون رکيون وينديون.

اليڪشن ۽ پولنگ ايجنٽ:

هر اميدوار کي اهو حق حاصل آهي ته اهو لاڳاپيل تڪ جي ڪنهن ووٽر کي پنهنجو اليڪشن ايجنٽ مقرر ڪري، ان جي تفصيل لکت ۾ ريٽرنگ آفيسر کي ڏيڻي پوندي. ساڳئي طريقي سان هو پولنگ ايجنٽ به مقرر ڪري سگهي ٿو.  پولنگ ايجنٽ جي ڪجهه ذميواريون هي هونديون.

1.پولنگ شروع ٿيڻ کان اڳ جائزو وٺڻ ته بيلٽ باڪس خالي ۽ سيل ٿيل آهي.

2.ووٽ ڏيڻ لاءِ ايندڙ هر ووٽر جو نالو ۽ نمبر ٻڌڻ، شڪي ووٽن کي چيلينج ڪرڻ،

3.پولنگ ختم ٿيڻ تي پرزائيڊنگ آفيسر طرفان ووٽن جي ڳڻپ ۽ پيڪنگ جو جائزو وٺڻ

4.پرزائيڊنگ آفيسر کان ڳڻپ جي نتيجن ۽ بيلٽ پيپر اڪائونٽ جي ڪاپي حاصل ڪرڻ

5.ڪنهن بي قاعدگي جي صورت ۾ ان کي پرزائيڊنگ آفيسر جي ڌيان ۾ آڻڻ

6.پولنگ ايجنٽ کي ووٽنگ جي عمل ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو حق نه هوندو.

چونڊ مهم:

چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي نظر ثاني فهرست جي اشاعت کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 28هين ڏينهن پولنگ ٿيندي آهي. ان دوران اميدوار پنهنجي چونڊ مهم هلائي سگهن ٿا. جيڪا پولنگ شروع ٿيڻ کان 48 ڪلاڪ اڳ ختم ٿيندي آهي، چونڊ مهم دوران ۽ سرڪاري نتيجي جي اعلان جي 24 ڪلاڪن تائين ڪنهن به قسم جي اسلحي جي نمائش جي سختي سان منع آهي.

مانيٽرنگ ٽيمون:

اليڪشن ڪميشن طرفان اميدوارن ۽ سياسي پارٽين جي چونڊ مهم جي نگرانيءَ لاءِ ۽ انهن طرفان قانون، قاعدن ۽ ضابطن جي پابندي جي نگراني ڪرڻ لاءِ مانيٽرنگ ٽيمون مقرر ڪيون وينديون. هر ضلعي ۾ انهن جو مانيٽرنگ آفيسر به مقرر ڪيو ويندو. ان کي اهو اختيار هوندو ته موصو ل ٿين شڪايتن جي سرسري انڪوائري کان پوءِ اها شڪايت درست هئڻ جي صورت ۾ جيڪڏن قانون ۾ ان بابت ڪا واضح سزا ناهي لکيل ته 50 هزار تائين ڏنڊ سگهي ٿو. ٻيو دفعو ڀڃڪڙي جي صورت ۾ معاملو ڪميشن ڏانهن موڪليو ويندو.  نامزد آفيسر جي حڪم سان ڪوبه متاثر ماڻهو ٽن ڏينهن جي اندر ڪميشن وٽ اپيل داخل ڪري سگهندو.

پولنگ اسٽيشن جي نتيجن جا فارم:

پولنگ اسٽيشن تي ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کان فورن پوءِ پرزائيڊنگ آفيسر ڳڻپ جي نتيجن جو فارم (45) ۽ بيلٽ پيپرن جي ڳڻپ جو فارم (46) تيار ڪندو. ڳڻپ جي نتيجن جي فارم 45 تي تڪ جو نالو، نمبر، پولنگ اسٽيشن جو نالو، نمبر ۽ پولنگ اسٽيشن تي داخل مرد ۽ عورت ووٽرن کي ملائي ٽوٽل ووٽ لکيا ويندا. ان سان گڏ اميدوار جو نالو، درست قرار ڏنل ووٽن مان ان جي حاصل ڪيل ووٽن جو تعداد، درست ٽينڊر ووٽ مان انهن جي حاصل ڪيل ووٽن جو تعداد، درست چيلينج ڪيل ووٽن مان ان جي حاصل ڪيل ووٽن جو تعداد،  هر اميدوار جي نالي جي سامهون الڳ الڳ لکيو ويندو.  ان فارم تي پرزائيڊنگ آفيسر، سڀ کان سينيئر اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر، پنهنجو نالو، عهدو، شناختي ڪارڊ نمبر صحيح ۽ آڱوٺي جو نشان لڳائيندو.

پرزائيڊنگ آفيسر، بيلٽ پيپرن جي ڳڻپ واري فارم 46 تي تڪ جو نالو، نمبر، پولنگ اسٽيشن جو نالو، نمبر درج ڪندو. جڏهن ته ان پولنگ اسٽيشن تي موصول ٿيل بيلٽ پيپرن جو ڪل تعداد ۽ سيريل نمبر ۽ بيلٽ پيپرن جي ڪتابن جو ڪل تعداد ۽ سيريل نمبر درج ڪندو. ان کان پوءِ جاري ڪيل بيلٽ پيپرن جو تعداد ۽ سيريل نمبر ۽ جاري نه ڪيل بيلٽ پيپرن جو تعداد ۽ سيريل نمبر به لکندو. انهن ٻنهي فارمن تي پولنگ ايجنٽ، اليڪشن ايجنٽ، اميدوار يا ان جي نمائندي جي صحيح ڪرائي ويندي. انهن جي هڪ هڪ ڪاپي، ٽيمپر ايويڊنگ بيگ ۾ سيل ڪري ريٽرنگ آفيسر کي پهچائي ويندي. جڏهن ته اهڙو  ئي هڪ ٿيلهو ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر کي پڻ موڪليو ويندو. فارم 45 ۽ 46 جي هڪ هڪ ڪاپي اميدوارن پولنگ ايجنٽ، اليڪشن ايجنٽ کي ڏني ويندي ۽ هڪ هڪ نقل پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران لڳائي ويندي.

ريٽرنگ آفيسر پولنگ واري ڏينهن جي رات جو 2 بجي تائين سڀني پولنگ اسٽيشن جي اصل حاصل ٿيل نتيجن جو اعلان ڪندو. ۽ اهو نتيجو فارم 47 تي مرتب ڪندو. ڪنهن صورت ۾  رات جو ٻه بجي تائين نتيجن جو اعلان نه ڪري سگهڻ جو سبب اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ويندو.

چونڊ نتيجن کي گڏ ڪرڻ:

عبوري ۽ غير حتمي واري اعلان کان ترت پوءِ رٽرننگ آفيسر چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن ۽ انهن جي اليڪشن ايجنٽن کي تحريري طور نوٽيس ذريعي نتيجن جي حتمي ڳڻپ جي ڏينهن، هنڌ ۽ جڳهه جي باري ۾ ٻڌائيندو. مقرر ڪيل ڏينهن تي سڀني لاڳاپيل ڌرين جي موجودگيءَ ۾ سڀني پولنگ اسٽيشنن ۽ پوسلٽل بيلٽ پيپر جي نتيجن کي فارم 48 تي لکيو ويندو.

مجموعي نتيجا مرتب ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن ڪنهن اميدوار يا ان جي اليڪشن ايجنٽ جي طرفان ڪنهن هڪ يا وڌيڪ پولنگ اسٽيشن جي ٻيهر ڳڻپ جي تحريري درخواست ملي ۽ ان تڪ ۾ کٽيندڙ  اميدوار جي ڪاميابيءَ جو فرق 5 فيصد يا 10 هزار کان گهٽ هجي، ته ريٽرنگ آفيسر ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي سگهي ٿو.

ريٽرنگ آفيسر ڪميشن جي طرفان مقرر ڪيل تاريخن تائين وصول ٿيندڙ پوسٽل بيلٽ پيپرن جي ڳڻپ ڪندو، مقرر تاريخ کان پوءِ مليل بيلٽ پيپر ڳڻپ ۾ شمار نه ڪيا ويندا.

مجموعي نتيجي کي مرتب ڪرڻ کان پوءِ رٽرننگ آفيسر 24 ڪلاڪن اندر پنهنجي صحيح سان مجموعي نتيجن جي مرتب ڪرڻ جو گوشوارو  فارم 48، پولنگ اسٽيشن کان موصول ٿين نتيجن جو فارم 45 ۽ بيلٽ پيپرن جي ڳڻپ جو فارم 46 ڪميشن کي موڪليندو. جڏهن ته ان جا نقل پاڻ وٽ محفوظ رکندو. ڪميشن انهن دستاويزن کي 14 ڏينهن اندر پنهنجي ويب سائيٽ تي شايع ڪندو.

برابر ووٽ:

ڪنهن تڪ مان مجموعي نتيجا اچڻ بعد جيڪڏهن ٻن اميدوارن جي کنيل ووٽن جو تعداد برابر ٿئي ٿو ته رٽرننگ آفيسر ٻنهي کي ڪامياب قرار ڏيندو ۽ ان کي اڌو اڌ مدت لاءِ اسيمبلي ۾ نمائندگي جو حق ملندو. پهرئين ۽ پوئين مدت جو فيصلو  قرعه اندازي ذريعي ڪيو ويندو. جيڪڏهن ٻن کان وڌيڪ اميدوار برابر ووٽ حاصل ڪن ٿا ته ان تڪ ۾ 60 ڏينهن جي اندر ٻيهر اليڪشن ڪرائي ويندي.

حتمي نتيجن جو اعلان:

ريٽرننگ آفيسر طرفان مجموعي نتيجن جو فارم 49 وصول ٿيڻ کان پوءِ پولنگ واري ڏينهن جي 14 ڏينهن جي اندر اندر ڪميشن چونڊيل اميدوار ۽ ٻين اميدوارن جا نالا ۽ انهن جي کنيل ووٽن جو تعداد سرڪاري گزٽ ۾ شايع ڪندو. جنهن کي وري ڪميشن ٻن ڏينهن جي اندر اندر پنهنجي ويب سائيٽ تي پڻ شايع ڪندو.

پولنگ واري ڏينهن جي 10 ڏينهن جي اندر اندر چونڊيل اميدوار پنهنجي چونڊ خرچن جا تفصيل رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائيندو. ڪميشن گوشوارو جمع نه ڪرائي سگهندڙ اميدوار جو نالو سرڪاري گزٽ ۾ شايع نه ڪندي.

مبصرن لاءِ ضابطه اخلاق:

اليڪشن ايڪٽ  جي شق 238 تحت ڪوبه مقامي يا بين الاقوامي ادارو اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان چونڊ عمل جو مشاهدو ڪري سگهي ٿو. ان مطابق ڪنهن به اهڙي شخص کي مشاهده ڪاري جي اجازت نه هوندي جنهن وٽ اليڪشن ڪميشن يا مجاز آفيسر جو اجازت نامو نه هجي. مبصرن لاءِ ضروري هوندو ته پاڪستان جي سالميت، قانون جي پاسداري سان گڏ ملڪي ثقافت ۽ رسم رواج جو احترام به ڪن. انهن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل هدايت نامي تي پابندي ڪرڻ ضروري هوندي. مبصر ان ڳالهه جو خيال رکندا ته انهن جا مشاهدا غير جانبداري ۽ حقيقت تي ٻڌل هوندا. ڪوبه مبصر ان حوالي سان ميڊيا جي اڳيان ڪو ذاتي بيان ڏئي نه سگهندو. مشاهده ڪار ادارو حاصل ڪيل معلومات ۽ ان حوالي سان پنهنجون سفارشون اليڪشن ڪميشن تائين کي ڏين.  

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment