شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 09 - اپريل - 2020ع

شاهراهه ريشم وارو هڪ اهم منصوبو


صبح 04 لڳي 32 منٽ -سومر 25 جون 2018  184 
image-1

مهراڻ يونيورسٽي جو،ڪيميڪل انجنئيرنگ ڊپارٽمنٽ، جڏهن کان عالمي اتحاد شاهراهِ ريشم جي نالي سان قائم ٿيو آهي تڏهن کان ان اتحاد جي اهميت معلوم ڪرڻ لاءِ دلچسپي وڌي ويئي آهي.هن اتحاد سان،ميمبر ملڪن جي يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن کي ان سان تمام گھڻو فائدو رسندو.گڏوگڏ صنعتن کي پڻ هڪ نئين راه ملڻ جي اميد ڏسجي ٿي. هن اتحاد جو تمام وسيع فائدو ٿيڻ جي اميد آهي ۽ ميمبر ملڪن جا تعلقات پڻ مضبوط ٿيندا ،ثقافتي ۽ واپاري تعلقن ۾ پڻ اضافو ٿيندو.ان اتحاد جي ڪري جيڪا ويجھڙائي هڪٻئي جي عوام جي ٿيندي ان سان ملڪن جي علمي ذخيري جي پڻ مٽا سٽا ٿيندي. سياحت جي ترقي ٿيندي ۽ عالمي سطح تي تعليمي ادارن جو برپور تعارف پڻ ممڪن ٿيندو.

اصل ۾ چيني صدر شي جن پنگ،جيڪو اقتصادي ترقيء لاءِ سلڪ روڊ ايڪانامڪ بيلٽ يا شاهراهِ ريشم جو عالمي منصوبو جوڙيو آهي ان منصوبي هيٺ، خطي ۾ هڪ مثالي تعاون قائم ٿي سگھندو ۽ امن، سڪون ۽ عالمي ترقيء جون راهون هموار ٿينديون. چيني صدر جي اتساهه ڏيارڻ تي جھڙي طرح،ٻين شعبن ۾ پڻ نمايان ڪم شروع ڪيا ويا آهن.پاڪستان ۾ چائينيز ايڪانامڪ ڪاريڊور(سي پيڪ) منصوبو هڪ بنيادي حيثيت رکي ٿو.

بلڪل اهڙي نموني چين جي هڪ بين الاقوامي معيار جي يونيورسٽيء ،زيان جيوتونگ يونيورسٽي، پنهنجي ڪيميڪل شعبي کي اڳيان آڻي هڪ عالمي اتحاد جوڙي ورتو آهي.ان اتحاد جو نالو آهي: سلڪ روڊ يونيورسٽي الائنس(Silk  Road University Alliance) . هن منصوبي کي علمي ترقيء جو منصوبو پڻ چئي سگھجي ٿو.

2015 جي مئي مهيني ۾ هن منصوبي جي شروعات ڪئي وئي. دنيا جي بهترين يونيورسٽين لاءِ بين الاقوامي سطح تي ٽيڪنالوجي ۽ سائنس ۾  تحقيق جا نوان دروازا کلي ويا. جنهن سان اعليٰ  تعليم لاءِ نيون راهون پڻ هموار ٿيڻ شروع ٿيون. هن اتحاد جي قائم ٿيڻ جو مقصد اهو آهي ته ميمبر ملڪ دنيا اندر ترقي لاءِ پاڻ پتوڙي سگھن. هي اتحاد اصل ۾ سي پيڪ کي وڌيڪ هٿي ڏيارڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. هڪ ٻئي کي سمجھڻ ۽ پرکڻ جا پڻ موقعا فراهم ٿيندا. ماهرن کي اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي تحقيق کي دنيا ۾ عملي طور ڏيکارڻ جا سونهري موقعا پڻ ملندا ۽ نتيجي ۾ عالمي معاشري کي ترقي جو هڪ نئون افق ميسر ٿيندو. هن اتحاد سان دنيا جي ڀلين ڀلين يونيورسٽين جو پاڻ ۾ ماڻهن ۽ ٽيڪنالاجي جي مٽا سٽا پڻ ممڪن ٿيندي.

نوجوانن ۾ جيڪو لڪل جوهر موجود آهي ان کي نکارڻ ۽ وڌائڻ جا موقعا پڻ نصيب ٿيندا .هن اتحاد سان رڪن ملڪن جي عوام ۾ هڪ مضبوط دوستيء جو رشتو قائم ٿيندو ۽ هڪ عالمي  ماحول جوڙڻ ۾ پڻ مدد ملندي.

فائيل فوٽو

 

35 ملڪن جي 135 يونيورسٽين هن اتحاد ۾ هينئر تائين شرڪت ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ چين، آمريڪا، جرمني، فرانس، آسٽريليا ۽ روس شامل ٿي ويا آهن. جڏهن ته کوڙ ٻين ملڪن پڻ ان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ درخواستون ڏنيون آهن جن تي غور ڪيو پيو وڃي.

هن اتحاد وارن ادارن هينئر تائين اهي شعبا شامل ڪيا آهن جيڪي قدرتي طور انهن يونيورسٽين وارن ملڪن جي قدرتي ذريعن جا ذخيرا آهن. هن اتحاد ۾ ڪيميڪل شعبي جي اهميت به ان ڪري ئي ڳڻي وڃي ٿي جو قدرتي ذريعن کي ڪارخانن جي اندر پروسيس ڪرڻ ۽ انهن ۾ان ڪارائتيون شيون ٺاهڻ جا وڌيڪ امڪان موجود آهن.

ان جو مطلب اهو ٿيو ته انهن ميمبر ملڪن ۾ صنعتي ترقي پڻ ان اتحاد جي ڪري ئي ممڪن ٿيندي. هاڻي ڳالهه اڃا به واضح ٿي ويئي ته ڪيميڪل شعبن جي هن عالمي اتحاد جي ڪري انهن ملڪن ۾ صنعتي ترقي ۾ پڻ اضافو ٿيندو ۽ اها ترقي فقط صنعتي ورڪرن، ماهرن ۽ تعليمي ماهرن جي گڏيل تعاون سان ممڪن ٿيندي. ڪيميڪل جو شعبو ڇاڪاڻ جو صنعتن ۽ علمي ادارن ۾ پنهنجو مک ڪردار ادا ڪندو آهي ان جي ڪري ئي ٻنهي شعبن ۾ جان هوندي آهي، ٻيا به  ڪجھ شعبا هن سان سلهاڙيل هوندا آهن، جھڙوڪ: انڊسٽريل، مائيننگ، ميٽلرجيڪل، پوليمر، پيٽروليم ۽ گئس، ائگرڪلچرل انجنيئرنگ. پر  مک ڪردار ڪيميڪل شعبي جو ئي رهندو. ان ڪري ڪيميڪل شعبي جو هڪ ذيلي اتحاد پڻ هن اتحاد اندر جوڙيو ويو آهي جنهن سان هن هڪ خطو هڪ روڊ اتحاد (ONE BELT ONE ROAD SUB-ALLIANCE )  ۾ ڄڻ ته ساهه پئجي ويو آهي. هن اتحاد جي مهابي هڪ وڏي تعميري ترقي جو امڪان نظر اچي رهيو آهي.

هن اتحاد سان جيڪي ڪيميڪل جا شعبا دنيا جي بهتيرين يونيورسٽين ۾ آهن انهن ۾ پڻ وڌيڪ ڪم جا موقعا ميسر ٿيا آهن. جھڙي طرح مهراڻ يونيورسٽي  جو ڪيميڪل شعبو ان صف ۾ شامل ٿي، پنهنجي هڪ عالمي سطح مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ هن کي هڪ وڌيڪ موقعو مليو آهي ته صنعتي ۽ تعليمي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھي. چين جي جنهن يونيورسٽي اهو اتحاد جوڙڻ جا موڙ پاتا آهن انهيء يونيورسٽي جي پنهنجي ساک به عالمي سطح تي مشهور آهي. انڪري ئي ته جيئن هن اتحاد جي شورعات ڪئي وئي ته آڪسفورڊ يونورسٽي جھڙيون يونيورسٽيون هڪدم ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويون آهن. هون به ته چين جي زيان جيئو تونگ يونيورسٽي جيڪا هن اتحاد جي بانيڪار آهي ان جا جا ڏهه بهترين شعبا موجود آهن جھڙوڪ: سائنس، انجنيئرنگ، طب، اقتصاديات، مئنيجمينٽ، ادب، قانون، فلسفو، تعليم ۽ فنونِ لطيفه.

 پر انهن مان في الحال ڪيميڪل شعبي جي چونڊ  ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿي ته هن شعبي ۽ اتحاد جي ڪيتري اهميت آهي هن اتحاد جي پِڙهيائتي تقريب 21 جولاءِ 2018 تي چين جي صوبي شانزي جي شهر زيان ۾هڪ مقامي هوٽل ۾ رکي وئي آهي. هن تقريب جي موقعي تي ميمبر ملڪن جي يونيورسٽين جو هڪ اهم اجلاس پڻ ٿيندو جنهن ۾ نه رڳو اتحاد جي ڪاڻ ڪم ڪرڻ جي طريقن کي پڻ آخري شڪل ڏني ويندي بلڪه ان اتحاد جي ڪاڻ عهديرارن جي چونڊ پڻ ڪئي ويندي. ان اجلاس جي موقعي تي اهو پڻ امڪان آهي.

 ميمبر يونيورستين جي وچ ۾ ڪي اهم معاهدا پڻ قائم ٿي وڃن. اهڙن باهمي تعاون (Memorandums of Understanding-MoU) جي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. انهن باهمي تعاون جي معاهدن کان پوءِ اميد جي هڪ نئين ڏيئي روشن ٿيڻ جا پڪا امڪان ڏسجن ٿا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment