شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

جيڪڏهن ڪنهن مردي جسم کي خلا جي حوالي ڪري ڇڏجي


صبح 03 لڳي 38 منٽ -آچر 24 جون 2018  146 
image-1

جيڪڏهن ڪنهن فرد جي مرڻ کانپوءِ ان جي جسم کي زمين ۾ پورڻ بجاءِ خلا جي حوالي ڪري ڇڏجي ته ان سان ڇا ٿي سگهي ٿو؟ بظاهر، جيتوڻيڪ اهو هڪ بيوقوفيءَ وارو سوال لڳي ٿو پر تنهن هوندي به مستقبل ۾ ايئن ٿي سگهڻ ڪا ناممڪن ڳالهه به ناهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترا دلچسپ سوال پيدا ٿين ٿا. جيتوڻيڪ هن وقت خلا ۾ وڃڻ هڪ مهانگو سفر آهي پر شايد ته ايندڙن سالن ۾ خلا جو سفر ڪرڻ گهڻو سولو ثابت ٿيندو ۽ ان ڳالهه ۾ شڪ ناهي ته 21صديءَ جي آخر تائين خلا ۾ پهچڻ ايترو سولو ۽ سستو ٿي پوندو جيترو اڄڪلهه هڪ ملڪ کان ڪنهن ٻئي ملڪ پهچي سگهجي ٿو.

اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته، هن ڌرتيءَ تي گهٽجندڙ زمين سبب مستقبل ۾ “خلائي قبرستان” جو رواج پئجي وڃي جنهن جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته خلا ايتري ته وسيع آهي جو اسانجي زمين هن سڄي نظام شمسيءَ ۾ هڪ ٽبڪي جي حيثيت رکي ٿي.

هاڻ جيڪڏهن فرض ڪجي ته ڪنهن فرد جي مرڻ کانپوءِ ان جي فاني جسم کي خلا ۾ ڇڏي ڏجي ۽ ان لاءِ کيس ڪنهن بچاءَ جي خول وغيرهه ۾ به بند نه ڪجي ته ڪجهه ڪلاڪن، ڪجهه ڏينهن، ڪجهه مهينن ايتري قدر جو ڪجهه سالن کانپوءِ سندس جسم سان ڇا ٿي سگهي ٿو؟ جيتوڻيڪ هن وقت تائين ان سلسلي ۾ ڪو به تجربو ناهي ڪيو ويو پر تنهن هوندي به ڪجهه سائنسي اندازا ضرور لڳايا ويا آهن جيڪي گهڻيءَ حد تائين درست سمجهيا وڃن ٿا. اهي ڪهڙا اندازا آهن تن مان ڪن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:

جيئن ته خلا ۾ نه ته هوا ٿئي ٿي ۽ نه ئي گهم ان سبب جڏهن ڪنهن جسم خاڪيءَ کي خلا جي حوالي ڪيو ويندو ته منجهس موجود گهم جلد ختم ٿي ويندي. جيئن ته انساني جسم سراسري طور تي 80 سيڪڙو پاڻيءَ جو جڙيل آهي ان سبب ماهرن جو خيال آهي ته، ڪنهن مردي جسم کي خلا ۾ ڇڏڻ جي هڪ ڪلاڪ اندر ان جي ڪميت رڳو 20 سيڪڙو وڃي بچندي.

فائيل فوٽو

زمين تي زندهه حالت ۾ صحتمند ڏسڻ ۾ ايندڙ 100 ڪ.گ وزن جو انسان مرڻ کانپوءِ جڏهن خلا ۾ پهچندو ته ڪجهه دير کانپوءِ رڳو 20 ڪ.گ وزن جو وڃي رهندو. يعني هڏن جو رڳو هڪ اهڙو ڍانچو جيڪو چمڙي سان ويڙهيل هوندو. ٻين لفظن ۾ ته رڳو هڪ ڪلاڪ اندر “خشڪ مميءَ” ۾ تبديل ٿي ويل هوندو. ساڳي وقت اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته پاڻي هڪ اهڙو مادو آهي جيڪو ڪنهن زندگيءَ لاءِ انتهائي اهم پڻ ٿئي ٿو. پاڻيءَ جي نه هجڻ سبب انساني جسم ۾ موجود سڀ جيوڙا به تمام تيزيءَ سان نيست ٿي ويندا يعني ته خلا ۾ مردهه انساني جسم ڳرڻ سرڻ کان به محفوظ رهندو.

هت هڪڙو سوال هي به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن خلا ۾ مرده جسم جي جيوڙن کي مرڻ کانپوءِ ڳرڻ سرڻ جو مسئلو پيدا ٿي نه سگهندو ته ڇا اهو سدائين ان حالت ۾ رهندو؟ ان سوال جا ڪيترائي جواب ٿي سگهن ٿا.

جيڪڏهن مرده جسم، زمين جي چوگرد هيٺين مدار ۾ گردش ڪندو رهندو ته ان جو مدار آهستي آهستي گهٽبو مختصر ٿيندو ويندو ۽ ڪجهه ڪلاڪن کانوٺي ڪجهه ڏينهن اندر زبردست رفتار سان زميني وائيمنڊل ۾ داخل ٿي ويندو. جتي هوا جي زرڙن سان زبردست گاٺ ۽ گهڻيءَ گرميءَ سبب ڪجهه گهڙين اندر سڙي ختم ٿي مٿين وائيمنڊل ۽ پکڙجي ويندو. ممڪن آهي ته زمين تان ڏسڻ سان اهو منظر ڪنهن شهاب ثاقب جيان پسڻ ۾ اچي. ان وائيمنڊل کان مٿتي هڪ اهڙو مدار آهي جتي “خلائي ڍير” (space debris) جو هڪ وڏو مقدار زمين جي چوگرد سدائين گردش ڪندو رهي ٿو جنهن ۾ موجود چند ملي ميٽرن جيترن سنهن سنهن ذرن کانوٺي ڪجهه سينٽي ميٽرن جيترا وڏا ٽڪرا جنهن ۾ پراڻن مصنوعي گرهن ۽ خلائي راڪيٽن جا ٽڪرا موجود ٿين ٿا زمين جي چوگرد في سيڪنڊ ۾ ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جي حساب سان گردش ڪندا رهن ٿا.

جيڪڏهن ڪو مرده جسم هن مدار ۾ موجود هوندو ته گهڻا امڪان ٿي سگهن ٿا خلائي ڍيرن جا ٽڪرا انهن سان به ٽڪرائين ۽ پنهنجيءَ غيرمعمولي رفتار سبب لاش ۾ سوارخ ڪري ڇڏين پر جيڪڏهن لاش سان ٽڪرائجندڙ ڪو ٽڪرو وڏو هوندو ته ان کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندو. ان کان به مٿتي اٽڪل 36 هزارن ڪلوميٽرن جي اوچائيءَ تي هڪ اهڙو مدار آهي جنهن ۾ مواصلاتي گرهه زمين جي چوگرد گردش ڪندا رهن ٿا جنهن کي جيو اسٽيشنري آربٽ (geostationary orbit) جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. جيئن ته اهو مدار ڪنهن حد تائين پرسڪون آهي ان سبب اتي پهچندڙ ميت جي خلائي ڍير سان ٽڪرائجڻ جا امڪان گهڻا گهٽ آهن. بهرحال، مدار ڪهڙو به هجي ايترو ضرور آهي ته خلا ۾ موڪلجندڙ ڪنهن به جنازي کي (بنا ڪنهن خاص انتظام جي) سج مان خارج ٿيندڙن خطرناڪ شمسي هوائن ۽ ڪائناتي شعاعن جي هڪ وڏي مقدار سان منهن ڏيڻو پوندو جيڪي ان کي ٿوري وقت اندر ساڙي ڪوئلي جهڙو ڪارو ڪري ڇڏينديون جنهن سبب اهو خلائي لاش ڪنهن بي هنگم پٿر جيان ڏسڻ ۾ ايندو.

اها ته ٿي ڪنهن لاش يا ميت کي زميني مدار جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه، جڏهن ته ايئن به ٿي سگهي ٿو ته جڏهن ڪنهن لاش کي زمين بجاءِ سج جي مدار ۾ ڇڏيو وڃي تڏهن ڇا ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن سج جي اهڙي ڪنهن لاش جو مدار گهٽ هجي يعني ان جو مفاصلو سج کان گهٽ هجي ته ان جو به حشر به جهڙوڪر زميني مدار ۾ چڪر هڻندڙ ڪنهن لاش جهڙو ٿي سگهي ٿو جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.

جيڪڏهن اهڙو لاش ڪنهن تمام وڏي مدار جي حوالي ڪيو وڃي جتي سج کان گهڻو دور رهندي ان جي چوگرد گردش ڪندو رهي ته ان تائين پهچندڙ شمسي هوائن جو زور به گهٽ هوندو جنهن سب هزارين لکين سالن تائين ساڳي حالت ۾ رهندي گردش ڪندو رهندي. دور دراز خلا جو ماحول انتهائي سرد به ٿي سگهي ٿو جنهن جو سراسري گرمي پد 2.73 ڊگريون ڪيلون يعني ڪاٽو 270 ڊگرين کان به گهٽ ٿي سگهي ٿو. خلا جي ان تاريڪ ۽ شديد سرد ماحول ۾ ڪو به لاش برف کان به وڌيڪ ٿڌو رهندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ناگهاني آفت جي ور نه چڙهي ته ڪروڙين اربين سالن تائين ساڳي حالت ۾ رهي سگهي ٿو.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment