شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

مشتاق احمد يوسفي: مزاح جي هڪ دور جي پڄاڻي


صبح 08 لڳي 54 منٽ -خميس 21 جون 2018  266 
image-1

 

مون جڏهن  ادب پڙهڻ شروع ڪيو هيو ته مون کي اردو ادب تمام بوريت سان ڀريل، رکو ۽ بيرونق لڳندو هيو. ان جو سبب اردو ادب ۾ ڪا گھٽتائي ڪونه هئي پر منهنجي ان وقت تائين ادب جي سنجيده موضوعن سان شناسائيءَ جي گھٽتائي هئي. وري مٿان مون کي اها خبر به ڪونه هئي ته مزاحيه ادب به ڪا ادب جي صنف هوندي آهي. اسان جهڙن گھٽ پڙهيل ماڻهن لاءِ ان وقت ادب معنيٰ شاعري، ڪهاڻيون ۽ ناول هوندا هيا. پوءِ يونيورسٽي جي ٽئين سال ۾ مون کي ان وقت هڪ دوست جي معرفت پهريون ڪتاب “چراغ تلي” پڙهڻ جي لاءِ مليو. مون کي ان وقت تائين ڪابه خبر ڪونه هئي ته م.ا.ي ڪير آهي. هن جو نالو ڪتاب جي مهاڳ تي ائين ئي لکيل هيو. پر يوسفي صاحب سان شناسائيءَ جو ان کان بهترين طريقو ٻيو ڪو هيو ئي ڪونه.

 هن جي لفظن جي شائستگي ۽ مٺاس رکي رکي هلڪين هلڪين ٽوڪن ٺٺولن کان ٿيندو، هلڪڙي مرڪ ارپيندو پئي ويو ۽ رکي رکي ڪنهن گفتي يا ڳالھه تي اهڙي کل ٿي آئي جو ڀانئيم ٿي ته هن ڳالهھ کان پوءِ شايد وري الائي کلڻ نصيب ٿئي يا نه الائي نه ٿئي. لکندڙ جو انداز اهڙو جو کل بيهي ئي ڪونه.

فائيل فوٽو

مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهھ ئي ڪتاب هڪڙي ويهڪ ۾ پڙهي پورا ڪيا هوندا ۽ انهن ڪجهھ ڪتابن ۾ مشتاق احمد يوسفي صاحب جا چار ڪتاب، زرگزشت، خاڪم بدهن، چراغ تلي ۽ آب گم به آهن.

جڏهن هو مولوي عبدالودود بيگ سان، يا پنهنجي ڪنهن به ٻئي ڪردار سان پيش آيل حادثن يا واقعن جي تشريح ڪرڻ شروع ڪري ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻ اڳيون وجود خلقيو ئي هن جي ٽوڪ لاءِ ويو هجي. هن جي هر هڪ وضاحت ۾ هڪ نئين ٽوڪ هوندي جيڪا حقيقت جي بلڪل ويجھي هوندي. پر يوسفيءَ جو مزاح فقط ٽوڪ ۽ ٺٺول جي حد تائين ڪونه هوندو. هو هميشه ٽوڪن جي پويان انتهائي گھري ڳالهھ پهچائيندو جيڪا فرد ۽ سماج کي هن جي اندر جي چٽي تصوير سامهون آڻي بيهاريندي. پر ڳالھه اهڙي ته هلڪي انداز ۾ چيل هوندي جو يوسفي جي ڪنهن کي مباحن گاريون به ويهي ڏئي ته تمام گھٽ ماڻهن کي محسوس ٿيندو ته ان ۾ سندس بيعزتي ٿي رهي آهي.

هن جي حسِ مزاح کي ڏسندي هر ڪنهن کي اهو محسوس ٿيندو ته لکڻ وارو ڪو چويھه ڪلاڪ واندو ماڻهو آهي، جيڪو ويٺو سڄو ڏينهن ڀوڳن وارا قصا ڪهاڻيون ٺاهي ۽ چرچا چٽي. پر ڀلا کڻي واندو نه به هوندو ته ڪو ڪلرڪ، ڪو پٽيوالو، ڪو دڪاندار يا ڪو ننڍو سرڪاري ملازم هوندو. پر اهو ڪير سوچي سگهندو مزاحيه ادب جو پورو دور ليکيو ويندڙ هي همراهه يونائيٽيڊ بينڪ جو صدر ٿي رٽائر ٿيو هوندو.

عام طور تي هن جي لکڻين مان هن جي جيڪا شبيھه ٺهندي آهي، اها ڪنهن هيٺين طبقي جي سادي سودي ماڻهوءَ جي ٺهندي آهي جنهن جو سادو گھر ۽ ڪچي بستيءَ وارو پاڙو هوندو. پر جڏهن هن کي گوگل تي ڳولي ڏسبو ته ٿري پيس ۾ ملبوس هڪ تمام پرڪشش شخص، جيڪو سنهڙو سيپڪڙو ته هوندو پر هن جو جيڪو ڪتابن ۾ چٽيل عڪس جڙي ٿو، ان جي بلڪل ابتڙ نظر ايندو. حيرانگي صرف ان ڳالھه جي ٿيندي آهي ته ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ اٿي ويٺي، مٿان بينڪ جي نوڪريءَ جو کجيءَ وارو جن ۽ ان ۾ به تمام مٿاهين عهدي تي ويٺل هن همراهه کي ايترو وقت ملي ڪيئن پيو جو هو ايترو سوچي پيو، ۽ وري لکڻ لاءِ ڪٿي پيو وڃي ويهي. هن جي ٻوليءَ، فقرن، چرچن، قصن ڪهاڻين ۽ خاص طور تي ڪردارن ۾ ڪٿي به ڪو اهڙو تصور ڪونه ملندو ته هي ڪو مٿاهين طبقي سان واڳيل ماڻهو آهي. يا ته هن کي اها ڳالھه محسوس ٿي وئي هوندي ته دل کولي صرف غريب ماڻهو ئي کلي ٿو سگھي، ڇو ته وچولو ۽ امير طبقو ته رڳو فيشن ۽ فرمائشون پوريون ڪرڻ ۾ پورو ٿي  ويندو آهي. هنن کي کلڻ ۽ کلائڻ جو موقعو صرف نشي جي حالت ۾ ملندو آهي.

فائيل فوٽو

اردو ادب جي ٽهڪن جو اهو 94 سالن جو دور، اڄ اسان کان موڪلائي ويو. هي اهو ماڻهو هيو جنهن فرحت الله بيگ، پطرس بخاري، عطاءُالحق قاسمي کان ويندي ڊاڪٽر يونس بٽ تائين اردوءَ جي سمورن مزاح نگارن سان وقت گذاريو. پر هن صرف نالو ڳڻائڻ لاءِ وقت ڪونه گذاريو، هن ادب جي سرزمين تي جنهن نج پختي ۽ روايت پرستي کان پاڪ مزاح جا بنياد وڌا، ان هن کي اردو ادب ۾ مزاح جي مهندار جو درجو ڏياري ڇڏيو. مزاح سندس زندگيءَ جو اڻٽٽ حصو هيو.

 هو جڏهن تمام پيرسن ٿي ويو، تڏهن به هن ٽويٽر تي پنهنجي ترش ۽ طنزيه خيالن سان ماڻهن جي دلين کي خوب گرمايو. يوسفي صاحب کان پوءِ اردو نثري ادب ۾ مزاح جو ڇا ٿيندو، ان جو جواب ته ايندڙ وقت وقت پاڻ ئي ڏيندو، پر حقيقت اها آهي ته يوسفيءَ کان پوءِ وارن ادبي مزاح نگارن کي مضمونن جي ايتري ته گوناگونيت ۽ انهن کي بيان ڪرڻ جا اهڙا طريقا ملندا، جو هو ادبي ريل ۾ مزاح جي گاڏي کي وري جوڙي اتاهان ئي اڳتي هلائي سگھن ٿا پر في الحال ته اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته اردو ادب ۾ مذاح جي هڪ طويل دور جي پڄاڻي ٿي وئي آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment