شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 29 - نومبر - 2020ع

پرسي بش شيلي - 1792ع کان 1822ع تائين


صبح 06 لڳي 14 منٽ -اڱارو 19 جون 2018  357 
image-1

 

”جيڪڏهن سيارو اچي ٿو ته ڇا بسنت گهڻو پري هوندو؟“

پ. ب. شيلي اوڻويهينءَ صديءَ جي انگريز رومانوي شاعرن مان اهم ترين شاعر هو. هو برطانيا ۾ 4 آگسٽ 1792ع ۾ ڄائو. کيس پنهنجي مشهور انٿالاجين ” اوڊ ٽو ويسٽ ونڊ“ ۽ ”دي ماسڪ آف انارڪي“ جي ڪري ڄاتو وڃي ٿو. کيس پنهنجي ڪم ”راڻي ميبينڊ السٽور“ جي حوالي کان به ڄاتو وڃي ٿو. هن پنهنجيءَ ٻيءَ گهر واري ۽ فرينڪنسٽين جي خالق ميري شيلي سان گڏجي ڪيترائي ”ايڊونچر“ ڪيا ۽ 1822ع ۾ اٽليءَ ۾ سامونڊي سير ڪندي، اوچتو آيل طوفان ۾ لڙهي ويو.

ننڍپڻ ۽ جواني

شيلي اولهه سسيڪس جي براڊ برج هيٿ ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ وڏو ٿيو. هن پنهنجي ڳوٺاڻي گهر جي چوڌاري چراگاهن ۾ مڇي مارڻ ۽ شڪار ڪرڻ سکيو.  هن اُتان جا ٻنيون ٻارا ۽ نديون پنهنجي سئوٽ ۽ دوست ٿامس ميڊون سان گڏجي گهميا. سندس پيءُ ٽموٿي شيلي، پارليامينٽ جو ميمبر ۽ بادشاهه جو زرهه بند محافظ هو. سندس ماءُ جو نالو الزبٿ پلفولڊ هو. شيلي پنهنجي ماءُ پيءُ جي ستن ٻارن منجهان سڀني کان وڏو هو. هو ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ پڙهڻ لاءِ سيون هائوس اڪيڊميءَ ۾ ويو، جيڪا سندس ڳوٺ کان لڳ ڀڳ 50 ميل ۽ مرڪزي لنڊن کان ڏهه ميل پري اولهه ۾ هئي. ٻن ورهين کان پوءِ ايٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيو. جتي هو گهڻو سر ڦِريو ٿي پيو ۽ جهيڙا ڪرڻ لڳو. پنهنجي ان طبيعت مان جان آجي ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي پاڻ کي پنهنجي تخيل جي حوالي ڪيو ۽ ان ريت هن هڪ ورهيه جي عرصي ۾ ٻه ناول ۽ شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”سينٽ اِورن“ ۽ پوسٽيومس فريگمينٽس آف مارگريٽ نڪولسن“ لکيا ۽ ڇپايا. 1810ع جي سرءُ ۾ هو آڪسفورڊ يونيورسٽي ڪاليج ۾ داخل ٿيو. اتي ايٽن کان پڙهائيءَ جو بهتر ماحول هو، پر پنجن مهينن کان پوءِ، ڪاليج جي ڊين کيس پنهنجيءَ آفيس ۾ گهرايو. شيلي پنهنجي دوست ٿامس جيفرسن هوگ سان گڏجي هڪ پمفليٽ ”اڌرميت جي گهرج“ لکيو هو. ان ڪاليج اندر وڏو چئوٻول پيدا ڪيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو: ”ذهن اِهو نٿو مڃي سگهي ته ڪا دنيا کي هلائيندڙ سگهه موجود آهي.“ يونيورسٽيءَ ٻنهين کان اها گُهر ڪئي ته اُهي ان پمفليٽ جي لکڻ جو اعتراف ڪن يا ان کان انڪار ڪن، شيلي ٻنهين ڳالهين مان ڪابه نه ڪئي. نتيجي ۾ کيس ڪڍيو ويو.

شيلي جا ماءُ پيءُ پنهنجي پٽ جي حرڪتن تي بنهه گهڻا ڳڻتيءَ ۾ ورتل ۾ هئا. هنن مٿس زور ڀريو ته هو پنهنجن عادتن يعني رڳو ڀاڄين واپرائڻ، سياسي انتهاپسندي ۽ جنسي آزاديءَ تان هٿ کڻي. 1811ع جي آگسٽ ۾، شيلي هڪ 16هن ورهين جي ڇوڪري هريٽ ويسٽ برُوڪ سان شادي ڪرڻ جي خيال کان ڀڄي نڪتو، جنهن سان ملڻ کان کيس سندس ماءُ پيءُ سختيءَ سان روڪيو هو. هن انهيءَ اميد سان ساڻس محبت ڪئي هئي ته هوءَ آپگهات جي خيال کان ٻاهر نڪري ايندي. پر شيلي ستت منجهانئس تنگ ٿي پيو ۽ هڪ ٻيءَ عورت الزبٿ هچنر ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، جيڪا هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي. انهيءَ عورت کيس ”راڻي ميب“ نظم تخليق ڪرڻ تي اتساهيو هو. ان نظم جي عنوان وارو ڪردارُ هڪ پريءَ سان منسوب هو، جيڪو شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي روميو ۽ جوليٽ ۾ ڏنو هو. اهو شيليءَ جي نظم ۾ بيان ڪري ٿو ته هڪ يوٽوپيائي زندگي ڌرتيءَ تي ڪيئن هوندي.

شاعريءَ جي ڊگهن گهاڙيٽن ۾ لکڻ کان سواءِ، شيلي سياسي پمفليٽ به لکڻ شروع ڪيا هئا، جيڪي هو ڦوڪڻن ۾ ٻڌي. شيشي جي بوتلن ۾ وجهي يا ڪاغذ جون ٻيڙين ٺاهڻ وسيلي ورهائيندو هو. 1812ع ۾ هو پنهنجي هيرو، ريڊيڪل سياسي فلسفي وليم گُڊ وِن سان مليو، جنهن ڪتاب ”سياسي انصاف“ لکيو هو.

هيريٽ ۽ ميري         

جيتوڻيڪ، شيلي جا هيريٽ سان لاڳاپا ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل هئا. تنهن هوندي به ٻئي ڄڻا ٻه ٻار پيدا ڪري چڪا هئا. سندن ڌيءَ الزبٿ آئنٿ 1813ع ۾ پيدا ٿي هئي، جڏهن شيلي جي ڄمار 21 ورهيه هئي. پنهنجي ٻئي ٻار جي ڄمڻ کان اڳ شيلي پنهنجيءَ زال کي ڇڏي ڏنو ۽ هڪ ٻيءَ عورت ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، تنهن جو نالو ميري هو، هوءَ شيليءَ جي گرُو وليم گُڊوِن جي ڌيءَ هئي. ميري مشهور عورتازاد عورت هئي ۽ ڪتاب ”عورتاڻن حقن جو جواز“ لکي چڪي هئي. گڊون ان تي راضي نه هو ته سندس ڌيءَ شيلي سان لاڳاپي ۾ هجي. گڊون، ميري تي پابندي مڙهي ته هوءَ ٽن ورهين تائين شيليءَ سان نه ڳالهائيندي. پر ميريءَ جي ڀيڻ جين سان گڏ شيلي ۽ ميري پئرس ڀڄي ويا. پوءِ گهڻي ڀاڱي پيرين پنڌ، سوئزرلينڊ، جرمني ۽ هالينڊ گهمندا رهيا. شيڪسپيئر ۽ روسو جون لکڻيون هڪٻئي کي وڏي آواز ۾ پڙهي ٻڌائيندا هئا. نيٺ جڏهن ٽئي گهر واپس وريا ته ميري پيٽ سان هئي ۽ شيلي جي گهر واري هيريٽ به پيٽ سان هئي. ميريءَ جي ڳورهارپ جي خبر کان پوءِ هيريٽ جي دل ڀڄي پيئي. هن شيلي کان طلاق گهري ۽ پنهنجن ٻارن جي پوري سرپرستيءَ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو. هيريٽ کي شيلي منجهان ٻيو ٻار چارلس ڄائو، تيستائين ٻنهين ۾ جدائي ٿي چڪي هئي. ٽن مهينن کان پوءِ ميري ڌيءَ کي جنم ڏنو. اهو ابهم ٻار ٿورن هفتن کان پوءِ گذاري ويو. 1816ع ميري وليم نالي پٽ ڄڻيو.

شيلي هڪ گوٿي ناول ”زيسٽروزي“ (Zastrozzi) لکيو. تڏهن هو ايٽن (Eton) ڪاليج ۾ آخري ورهيه جو شاگرد هو. پر اُهو 1810ع ان وقت ڇپيو، جڏهن هو آڪسفورڊ جي يونيورسٽي ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو. اهو نثر ۾ سندس پهريون ڪم هو. اهو ڪتاب سندس اڌرمي خيالن تي ٻڌل هو، جن کي اورڻ ۽ سلڻ لاءِ هن زيسٽروزي ڪردار جي چونڊ ڪئي هئي. ساڳئي ورهيه، شيليءَ جو پهريون شاعراڻو مجموعو ”اوريجنل پوئٽري باءِ وڪٽر ائنڊ سيزر (Cazire) ڇپيو. اهو ڪتاب شيليءَ ۽ سندس ڀيڻ الزبٿ گڏجي لکيو هو، جنهن ۾ شيليءَ جا يارنهن پورا نظم ۽ هڪ اڌورو نظم ٽڪرو شامل هو، جڏهن ته الزبٿ جا ان ۾ پنج نظم شامل هئا. شيليءَ جي نظمن منجهان ست موزون نظم، چار گوٿي نظم ۽ هڪ سياسي نظم ”آئرش جي ماڻهوءَ جو گيت“ هئا.

شيلي سخت قسم جو ويشنو هو ۽ ڀاڄيون واپرائيندو هو. هن کائڻ جي رک ۽ روحاني مشق جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو، جنهن ۾ مضمون ”فطري خوراڪ جو جواز“ شامل آهي.  1915ع ۾ شيلي ”السٽور يا تنهائيءَ جو روح“ نظم لکيو، اهو نظم 720 سٽن تي ٻڌل هو، جنهن کي سندس پهرئين وڏي ڪم طور ڄاتو وڃي ٿو. ساڳئي سال، شيلي جو ڏاڏو گذاري ويو ۽ هن لاءِ ساليانو 1000 برطانوي پائونڊ جو الائونس رکي ويو. 

بائرن  سان دوستي

1816ع ۾، ميريءَ جي ويڳي ڀيڻ ڪليئرمونٽ، شيلي ۽ ميري کي سئيزرلئنڊ جي سئر لاءِ نينڍيو. ڪليئر جا رومانوي شاعر لارڊ بائرن سان لاڳاپا هئا، هن اِهو پئي گُهريو ته سندس ڀيڻ به بائرن کي ڏسي. هنن وقت تي پنهنجو سفر شروع ڪيو. لارڊ بائرن کي، ڪليئر ۾ گهٽ دلچسپي هئي. ٽئي ڄڻا پورو اُنهارو سئيزرلينڊ ۾ ترسيا. شيلي جينوا ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ گهر مسواڙ تي ورتو، جيڪو لارڊ بائرن جي گهر ويجهو هو. ٻئي شاعر لڳاتار ملندا رهيا ۽ دوست بڻجي ويا. شيلي انهيءَ دوري دوران ڪنهن به وٿيءَ کان سواءِ لکيو. هڪ ڏينهن دير تائين بائرن سان ٻيڙي هلائڻ کان پوءِ شيلي جڏهن گهر آيو ته هن ”دانشوراڻي سونهن جو ڀڄن“ لکيو هو. بائرن سان فرينچ جي الپس پهاڙي سلسلي جي هڪ سئر مان هن ”مونٽ بلانڪ“ لکڻ جو اتساهه ماڻيو هو، جنهن ۾ ماڻهوءَ ۽ فطرت وچ ۾ ناتي کي موضوع بڻايو ويو هو.

1816ع جي سرءُ ۾، شيلي ۽ ميريءَ کي برطانيا اچڻو پيو جو ميريءَ جي ويڳي ڀيڻ فيني اِملَي آپگهات ڪيو هو. ان سال ڊسمبر ۾، شيلي جي گهر واري هيريٽ پڻ آپگهات ڪيو هو. هن لنڊن جي هائيڊ پارڪ جي سرپينٽائين نديءَ ٽپو ڏيئي پنهنجو انت آندو هو. ٿورن هفتن کان پوءِ شيلي ۽ ميري نيٺ شادي ڪئي. وليم گُڊوِن انهيءَ خبر تي سرهو هو ۽ هُن پنهنجيءَ ڌيءَ کي واپس پنهنجي ڪٽنب ۾ سڏي ورتو. اها خوشي پنهنجيءَ جاءِ تي، پر شيليءَ کي نقصان به کڻڻو پيو، جو هيريَٽ جي لاڏاڻي کان پوءِ عدالت، کيس پنهنجن ٻارن جي سرپرستي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. اُن فيصلو ڏنو ته اُهي پنهنجي ويڳي ڪٽنب سان وڌيڪ بهتر نموني رهندا.

جڏهن اِهي مامرا نبرجي ويا ته شيلي ۽ ميري، بُڪنگ هيمشائر جي هڪ ننڍي ڳوٺ مارلو ڏانهن هليا ويا، جتي شيلي جي ٻن وڌيڪ رومانوي شاعرن ڪيٽس ۽ لي هنٽ سان دوستي ٿي. هن جون ٻنهين سان شاعريءَ جي باري ۾ ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون رهيون، جن موٽ ۾ سندس شاعريءَ تي گِهرا اثر ڇڏيا. 1817ع جي لڳ ڀڳ، هن ”ليئون“ (Laon) ۽ ”سائٿنا يا گارڊن سٽيءَ جو انقلاب“ شعر لکيا.  بهرحال، سندس پبلشرَ سندس مک اسٽوري لائين کي ڇپڻ کان لنوائي رهيا هئا، جنهن ۾ عورتن سان محبت کي کلئي نموني بيان ڪيو ويو هو. کيس چيو ويو ته هو انهيءَ کي تبديل ڪري ۽ شعر کي نئون عنوان ڏئي. 1818ع ۾ هُن اُن کي نئون عنوان ”اسلام ۾ بغاوت“ ڏنو. جيتوڻيڪ، عنوان مان اهو پئي لڳو ته موضوع اسلام آهي ۽ عام طرح اهو مذهب تي مرڪزيل آهي ۽ پاڻ اشتراڪي ۽ سياسي معاملي کي سموهي ٿو.

اٽليءَ ۾ زندگي

”اسلام ۾ بغاوت“ کان ٿورو پوءِ، شيلي، ميري ۽ ڪليئر اٽليءَ لاءِ روانا ٿيا. لارڊ بائرن تڏهن وينس ۾ رهندو هو ۽ ڪليئر کي اُن منجهان ڌيءَ اليجرا ڄمڻ واري هئي. ايندڙ ڪيترن ئي ورهين تائين، شيلي ۽ ميري شهر کان شهر تائين گهمندا ۽ ڦرندا رهيا. جڏهن روم ۾ هئا ته سندن پٽ وليم بخار جي ڪري گذاري ويو. هڪ سال کان پوءِ سندس ڌيءَ ڪليرا ايورينا پڻ مري ويئي. لڳ ڀڳ ساڳئي زماني ۾، شيلي ”پروميٿس اَن بائونڊ“ لکيو هو. لِورنو ۾ رهڻ دوران، 1819ع ۾ هن Cenci ۽  The Masque of Anarchy and Men of England لکيا. اُهي برطانيا ۾ پيٽرلُو جي قتل عام جي ردعمل ۾ لکيا ويا هئا. 

لاڏاڻو ۽ شيلي جي اهميت

8 جولاءِ 1822ع تي، جڏهن هو اڃا ٽيهن ورهين جو مس ٿيو هو، شيلي، لي هنٽ سان سندس نئين ڇپجي آيل رسالي ”دي لبرل“ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجيءَ ٻن سِڙهن واري ٻيڙي يا اسڪُونر هلائيندي، لِورنو کان ليريسي ڏانهن وڃي رهيو هو ته هو سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. سندس موت جي باري ۾ افواهه اٿيا، ڪن جو چوڻ هو ته کيس پنهنجن سياسي خيالن جي ڪري قتل ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته سندس لاش ٻيڙي جي ڊيڪ واري حصي تي پيل هو. ميري شيلي تنهن زماني جي رسمن پٽاندر شيلي جي ڪفن دفن ۾ نه وڃي سگهي. تنهن زماني ۾ اِهو رواج هو ته جيڪو به ماڻهو سمنڊ ۾ ٻُڏي مرندو هو، تنهن کي ساڙيو ويندو هو. شيليءَ کي به ساڙيو ويو، سندس خاڪ روم جي پروٽيسٽنٽ قبرستان ۾ جائتي ڪئي ويئي. هڪ صديءَ کان پوءِ، سندس يادگار ويسٽ منسٽر ايبي ۾ جوڙيو ويو.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment